حد دخلين جي حد به آخر ڪيسيتائين؟؟؟ تحرير- فهيم فدا شورو .………… ڪورٽ ۾ هُو جج جي سامهون اڪيلو بيٺل هو. ساڻس ڪوبه ساٿي شريڪ نه هو. حمايت ته پنهنجي جاء تي، ويتر سندس ئي قوم سندس مخالفت ۾ ڪٽڪن جا ڪٽڪ، ٽولن جا ٽولا پنهنجي نيڻن ۾ خنجر ۽ ڀالا سمائي بيٺل هئي. جيڏانهن به کڻيو نهاري ته سندس سامهون هر خون آلوده ۽ رت سان ٽمٽار اک کيس سرڳواسي بڻائڻ ۾ همه وقت ڪَرَ کڻي موقعي جي تاڙ ۾ هئي. پنهنجي قوم جي هيڏي وڏي بيوقوفي ۽ پنهنجي بيوسي کي ڏسي سندس قلب هنڌان هنڌان چاڪ ٿي چڪناچُور بڻجي چڪو هو. ۽ سندس قلبي سڪون هڪدم آتش جي آڙاهه ۾ جلندي پچندي ڦُلهيار بڻجي چڪو هو. جج سندس مخالفت ۾ آيل سندس ئي قوم جي سامهون کيس پنهنجو وڪيل پيش ڪرڻ يا خود وڪالت پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. پنهنجو وڪيل نه هوندي موڪل خود وڪيل بنيو. مٿس ڪيس اهو کڙو ڪيو ويو هو ته، هن سندس جنم ڀومي مسڻ وڏي جا روڊ رستا هاء وي اٿارٽي کي ڏيڻ جي مخالفت ڪئي آهي. جڏهن ته سندس قوم ان ڳالهه جي حامي هئي ته مسڻ وڏي جا روڊ رستا هاء وي اٿارٽي جي حوالي ڪيا وڃن. پر مؤڪل کي چڱي ريت پروڙ هئي ته جيڪڏهن سندس ڳوٺ مسڻ وڏي جا روڊ رستا هاء وي اٿارٽي جي حوالي ٿيا ته سندس واديءَ نما ننڍڙي قصبو مسڻ وڏي تي ڇا وهندو؟ ڇا واپرندو؟ اهڙي عمل سان حد دخلين جو محظ جواز بڻائي مسڪين ماروئڙن جا جهُڳا جهڻ ڪيا ويندا. مولوي احمد ملاح جي مقولي “هڪ منٽ ۾“ وانگر منٽن اندر مسڻ وڏي جهڙي ملوڪ شهر کي کنڊرات ۾ بدلايو ويندو. ڇو ته انهي مؤڪل قومن کي ٺهندي به ڏٺو هو ته ڦٽندي به ڏٺو هو. اهو مؤڪل ڪير هو جنهن ڪورٽ ۾ جج جي سامهون اڪيلو ئي اڪيلو، نه ڪو ساٿي ۽ نه ئي ڪو حامي، پنهنجي سوچ ۽ فڪر جي صفائي ۾ زوردار تقرير ڪئي ۽ حوالن ۽ دليلن جي ٻولي ڳالهائي هر جواب ڏيندڙ لسان کي لاجواب بڻائي ڇڏيو.………… جي ها اهو مؤڪل هو مرحوم ايڊووڪيٽ ميان خليل الرحمان لغاري مسڻ وڏي وارو. جنهن پنهنجو اهو ڪيس کٽيو ۽ ڪورٽ کي ان ڳالهه تي مجبور ڪيو ته سندس جنم ڀومي مسڻ وڏي جا روڊ رستا هاء وي اٿارٽي کي حوالي نه ڪيا وڃن. ڪورٽ مان ميان خليل الرحمان لغاري هڪ فاتح وانگر ٻاهر نڪتو ۽ سندس قوم مٿس ڏند ڪرٽيندي ئي رهجي وئي. هن وقت جيتوڻيڪ اسان منجهه ميان خليل الرحمان جسماني طرح نه رهيو آهي پر سندس فڪر، سوچ ۽ نظريو اڄ به اسان جي لاء مشعل راهه آهي. سچ پڇو ته ميان خليل الرحمان جي انهي دورانديشي کي ڏسي حيرت ٿيندي آهي ته سندس نظر ڪيترو وسيع العصر هئي. اڄ پوري سنڌ ۾ حد دخلين جا جواز بڻائي مسڪين ماروئڙن جا اجها اُکيڙيا پيا وڃن. نه ڪو واهي آهي نه ئي ڪو واهرُو. مسڻ وڏي جي انهن فردن تي سندم نظر پوندي آهي ته ڏسندي ڏسندي دنگ رهجي ويندو آهيان ته هي ئي اها اشرف المخلوقات هئي جيڪا پنهنجو قتل ڪرڻ کي قانوني شڪل ڏيڻ لاء پنهنجي مصلح ۽ مفلح جي مخالفت ۾ ابابيلن جا ابابيل بڻجي لشڪرن جي صورت ۾ ڪورٽ سڳوري ۾ پهتل هئي. بالفرض جيڪڏهن اهو ڪيس ميان خليل الرحمان جي حق ۾ نه اچي ها ته مسڻ وڏي جا روڊ رستا هاء وي اٿارٽي جي زرخريد ملڪيت بڻيل هجن ها. نتيجي ۾ حد دخلين جو هٿرادو پيدا ڪيل راڪاس نه صرف مسڪينن جي اجهن ۽ ڪکن ۾ پلجندڙ اميدن کي ڳڙڪائي وڃي ها پر مولانا محمد اسماعيل لغاري ۽ مولانا عبدالڪريم لغاري جهڙن بزرگ هستين جي علم و ادب سان سينگاريل هن چمن کي ٽوڙي مروڙي خزان ۾ بدلائي ڇڏي ها. آئون هن ڳالهه ۾ پڻ متعجب آهيان ته حد دخليون صرف زميني فاصله جي بنياد تي ڇو ڪيون وڃن ٿيون؟؟؟ سوچ ۽ فڪر جي بنياد تي به ڪا حد دخلي ڪئي وڃي. اهڙي سوچ ۽ فڪر تي به حد دخلي هئڻ گهرجي جنهن پوري جڳ سميت هن باب الاسلام کي باب القتلام بڻائي ڇڏيو آهي.………جنهن پوري زمين کي رت جي ريج سان سيراب ڪري ڇڏيو آهي.……………جنهن مذهبي ڪٽرپڻي ۽ انتهاپسندي کي ڄڻي ڪئين ڪونڌر ڪُهائي ڇڏيا آهن،…………ڪئين سُھاڳ لُٽايا آهن،………… ڪئين جيجلن جون جهوليون خالي ڪري ڇڏيون آهن.…………ڪئين بيواهن ۽ واڳ ڌڻين کي پنهنجن اباڻن اجهن تان لڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ ته حد دخليون مڙئي حد دخليون آهن پوء اهي زميني مفاصلي جي حوالي سان هجن يا خوني سوچ ۽ فڪر جي حوالي سان. حد دخليون لفظ جو اشتقاق ڪڍبو ته هي ٿيندو. حد + دخليون. يعني حد ۾ دخل اندازي ڪرڻ. اچو ته اڄ کان پوء اهو وچن ڪريون ته ڪنهن به قسم جي ڪا به حد دخلي برداشت نه ڪبي. جيڪڏهن اڄ کان پوء ڪا حد دخلي ٿي پوء اها زميني مفاصلي جي حوالي سان هجي يا سوچ ۽ فڪر ۾ دخل اندازي جي حوالي سان سا اسان جي اميدن تي لُوڻ ٻُرڪڻ مثل سمجهي ويندي. مڃون ٿا ته اسان منجهه ميان خليل الرحمان جهڙا مصلح وري نه ايندا پر يقين سان چوان ٿو ته، سڄو ڏيهه ڏانٽا ڪري جي اُڀا، سوين عيد جا چنڊ اُڀري پون.