پهرين درجي جي امتحان کان ڪجه ڏينهن اڳ اسان جي محترم استاد اسان کي امتحان جا ڏاڍا ڊپ ڏيڻ شروع ڪيا.سائين جي ڊپ ڏيڻ جو طريقو تمام ڀلو هو.سائين اچي تسليون ڏيڻ شروع ڪندو هو ته امتحان ۾ متان ڊڄو،ڪجھ به ناهي،ڪوبه مسئلو ناهي ڪا به ڳاله ناهي بس رڳو توهان جو پهريون امتحان آهي.ٿي ويندو،گذري ويندو،پريشان نه ٿيو.وڌيڪ پڙهو
بلڪل صحيح پيا چئو سائين ، ننڍڙو ٻار چون ٿا تہ وڏي صلاحيت ٿو رکي . برابر گهڻو سمجهائڻ سان ٻار چونڪجي ويندو آ ۽ هو محسوس ڪري وٺندو آهي تہ ڪا ڳالھ ضرور آهي ،پوءِ ان جو هن تي منفي اثر پوندو آهي ۽ هو دٻاءَ هيٺ اچي ويندو آهي انڪري ضروري آهي تہ هدايت ،نصيحت ۽ آٿت ٿورن ليڪن پُر اثر لفظن ۾ ئي ڪرڻ گهرجي .