جهڙو خدا تهڙو ميڪائيل فهيم فدا شورو چون ٿا ته مصر جي فرعون منفتاح، (جيڪو حضرت موسيٰ عه جي دور جو هٺيلو حاڪم ٿي گذريو آهي) کي سندس عوام چيو ته اي مها ديو (يعني وڏا ربّ!) ملڪ مصر ۾ ڏُڪار اسان جو الهه تلهه چٽ ڪري ڇڏيو آهي. بکن ۽ فاقن وگهي اسان ٻارن سميت روز بروز موت جي منهن ۾ ڌڪجي رهيا آهيون. اسان جو مال مويشي به مري ختم ٿي رهيو آهي. براهه مهرباني پنهنجي نوازش ڪري اسان تي ڪا بارش برسائي وڃي، ڪو مينهن وسايو وڃي ته جيئن ملڪ ۾ ڪا شادابي ٿئي ۽ ڏُڪار سُڪار ۾ بدلجي. عوام جي واتان مينهن وسائڻ جي فرمائش ٻُڌي فرعون جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا، ڇوته ڌرتي تي ته ماڻهن کي ورغلائي، پنهنجو ڌاڪو ڄمائي خدائي جو اعلان ڪري، ماڻهن کي زوري ايمان آڻائي مڃايو ويٺو هو.…………… پر مينهن وسائڻ ته سندس لئه مشڪل نه بلڪه محال پڻ هو. اهڙو محال جو سندس پيءُ ۾ به طاقت نه هئي جو آسمان مان کڻي مينهن وسائي. هاڻي جي عوام الناس کي انڪار ٿو ڪري ته سندس خُدائي ۾ ٿا ڏار پون. وڃي ته ڪيڏاهن وڃي؟ وڏي ڪشمڪش ۾ اچي ويو. انهي اُڻ تُڻ جي حالت ۾ ئي ويٺو هو ته مٿان شيطان به اچي ٺَڪَاءُ ڪيو. شيطان: صاحب وڏا! ڏي خبرچار. ڪهڙو کنڊ جو جهاز ٻُڏو آهي جو ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا اٿئي؟ فرعون: يار شيطان نه پُڇ ته چڱو اٿئي. خدا سڏائي لوهه ٿي ويو آهيان. هڪ ته منهنجو سمورو مال متاع ۽ ڌن دولت عوام الناس لاء رزق روزيءَ طور ڪُسندي، ختم ٿيندو پيو وڃي. جي ڪُڇان ٿو ته ماڻهن ۾ ٿي کلاسڙي ٿئي ته خدا ماڻهن کي کارائڻ ۾ اچي کُٽو آهي. اهو ڏُک ته پنهنجي جاء تي! مٿان وري مينهن وسائڻ جي فرمائش ڪئي اٿن، جي انڪار ٿو ڪريان ته ماڻهن ۾ اها چوٻول ته، خدا جي آسمان تي هڪ به نٿي هلي جو کڻي مينهن وسائي. اي شيطان هاڻي تون ئي ٻُڌا ته ڇا ڪريان؟ شيطان: صاحب واهه ڙي واهه! اُٺن جون فاتحون پيو پڙھين. ڳالهه به ايتري. کڻي دل لاٿي اٿئي. مينهن وسائڻ منهنجو ڪم، تون وڃي پڙهو گهماء سُڀاڻي شام چئين بجي مينهن وسندو. فرعون اهڙي خوشخبري ٻُڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ بغليون وڄائيندو رَمندو رهيو. ٺيڪ شام چئين وڳي ڪارونڀار اچي ٿي. پوري آسمان تي ڪڪر ڇانئجي ويا. چڱو خاصو وسڪارو پيو. ماڻهو ڏُڪار سُڪار ۾ بدلجندو ڏسي ڏاڍا سرها ٿيا، فرعون تي سندن ايمان اڃان به وڌيڪ پختو ٿي پيو ته واقعي همراهه ۾ دَم آهي. وسڪاري جي ٻئي ڏينهن ٿيو هينئن جو، جنهن هنڌ به مينهن وسيو، اتي آهسته آهسته بدبوء پيدا ٿيڻ لڳي. هنڌان هنڌان بدبوء ماحول کي وڌيڪ بدبودار بڻائي ڇڏيو. ٽئين ڏينهن فرعون کي شيطان ياترا ڪرائي. فرعون: هي وري ڪهڙو مينهن وسايئي. سمورو ملڪ بدبوء ۾ وٺجي ويو آ. شيطان: صاحب وڏا! جي جيئندان ملي ته عرض ڪريان. فرعون: ها چئو شيطان: سائين جهڙا روح تهڙا ختما، جتي خدا تو جهڙا هوندا، اتي ميڪائيل پڪ مون جهڙا ٿيندا. پوء اتي مينهن مان وري ڪهڙي کٿوري جي خوشبوء ايندي.؟؟؟