جواب: مان ڪجهه نه ٿو چوان۔۔۔۔۔! ها ها ۔۔۔۔ وڏو لاهه آهين رنجيت سهڻا۔۔۔۔ همراهه جا ايڏا خيال آهن تڏهن ته مولا کيس آفيسر نه ڪيو آهي۔۔۔ ها ها ها ڊالڊا گيهه جا ڊٻا کپايا هان۔۔۔ هڻ لٺ۔۔۔
جواب: مان ڪجهه نه ٿو چوان۔۔۔۔۔! بس ڙا ادا لڳي ٿو ته قيامت ويجهي آهي ۔۔۔ همراهه آهي به ٻوڙو ۽ فقير پر هائو فقير ئي سچ چوندا آهن ۔۔۔ موجوده ماحول جي سهڻي عڪاسي ڪئي اٿس ۔۔۔ ڀوڳن ڀوڳن ۾ اها ڳالهه ڪئي اٿس جا سچ به آهي ته عام به آهي ۔۔۔
جواب: مان ڪجهه نه ٿو چوان۔۔۔۔۔! ابا اهڙا آفيسر ٿيا ته قسم سان پاڪستان جو ڀلو ٿي ويندو۔ ڏس هي جيڪي پڙهيل لکيل ماڻهو آهن انهن ملڪ جو مٿو خراب ڪيو آهي۔ نه پاڻ ٿا ڪوئي سٺو ڪم ڪن نه وري عوام کي ٿا ڪرڻ ڏيڻ۔۔ ان جي ڪري چوندا آهن ته اڻ پڙهيل ماڻهو سٺا آهن چوندا آهن بابا! جيڪو دل چويوَ اهو ڪريو ٻيلي اسان کي اڪيلو ڇڏي ڏيو۔۔۔
جواب: مان ڪجهه نه ٿو چوان۔۔۔۔۔! ادا وڏا! قيامت ويجهي ڇا! پر اچي پهتي آهي۔ سائين ٻارنهن کان ارڙهن ڪلاڪ لائيٽ بند آهي۔ اها قيامت نه آهي ٻيو باقي ڇا!
جواب: مان ڪجهه نه ٿو چوان۔۔۔۔۔! ادا رنجيت اوهان ته موضوع جو عنوان اهو رکيو ته مان ڪجه نٿو چوان ادا اوهان ته ڪجه نه چيو پر يار اسان وارو يار گهڻو ڪجه چئي ويو ادا اسان جي دعا ته الله وڌائيس پر جي ان جي آواز سان ميوزڪ لڳايو وڃي ته پاڻ واري شمن ميرالي کي ضرور ڪٽي ويندو ها ها ادا باقي اهي صدائون مون اڳ ۾ به ڪنهن جي واتان ٻڌيون آهين جڏنهن شڪارپور مان گذر ٿيو هو باقي سڀ سمجه دار آهيو ته اتي اهڙيون صدائون ڪير ڏئي سگهي ٿو سائين نثار کي ته ضرور خبر هوندي
جواب: مان ڪجهه نه ٿو چوان۔۔۔۔۔! جهونا انٽر نيشنل فقير تون ڪهڙي سائين نثار جي ڳالهه پيو ڪرين هن سائين نثار جِي ! يا هن سائين نثار جِي باقي رنجيت تو ته جيڪو وڊيو هتي ونڊ ڪيو آهي کلي کلي پيٽ ۾ سُور پئجي ويو آهي، مان ته ان وڊيو کي ڪاپي ڪري رکي ڇڏيو آهي، اجهو ٿيون ناظمن واريون اليڪشنون ٿين پياري پاڪستان ۾ ! وري لوسڻ جو نڪ کڻي پراڻا نوان ايندا ۔۔۔۔۔۔ مان ته هن وڊيو جي ڊي وي ڊي سارو ڏينهن مون واري بيٺڪ تي هلائيندس اليڪشن وارن ڏينهن ۾ جيڪو به اميدوار ايندو اهو شرط وجهندس ته پهرين هي وڊيو ڏسو پوءِ مونکان ووٽ وٺو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اصل ڏاڍو مزو ايندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تون رک مولا تي مولائي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: مان ڪجهه نه ٿو چوان۔۔۔۔۔! ادا (تمام معذرت سان ) جڪو نثار پاڻ ڏي سمجهي ٻنهي ۾ ڪوئي فرق ناهي ٽنگون ته ٻنهي جون مٿي آهين ها ها ها ها ))))
جواب: مان ڪجهه نه ٿو چوان۔۔۔۔۔! ) ها سائين الله مالڪ ڪجه ئي ڏينهن ۾ ٻِ ٽنگ به مٿي ٿي ويندي ها ها ها ها ))
جواب: مان ڪجهه نه ٿو چوان۔۔۔۔۔! يار نثار ناز، ڳالهه ڳوري ٿيندي پئي وڃي ۔۔۔ وارو ڪر ڪجهه ڪر ۔۔۔ علي علي ته پاڻ واري تصوير کي ڦيرائي ڦيرائي پيو ڏسي ۔۔۔ الائجي ڇا ٿو ڳولهي ۔۔۔ ؟؟
جواب: مان ڪجهه نه ٿو چوان۔۔۔۔۔! سائين مان جهونو ضرور آهيان پر اتري نظر به جهوني ناهي جو ڪجه ڳولهڻ جي ضرورت پئي جيڪا شي پوري جهان کي نظر پئي اڇي سو مون جهوني کي به نظر اچي رهي آهي ها ها ها ها
جواب: مان ڪجهه نه ٿو چوان۔۔۔۔۔! بُري بات جهونا ٻن ننڍڙن پتڪڙن ٻچڙن جي تون بار بار اها ئي شي ڇو پيو ڏسين ! جيڪو زمانو پيو ڏسي، انهي مان ثابت ٿيو ته تون به زماني جو ماڻهو نڪتين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بُري نظر والي تيرا مُنه گورا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: مان ڪجهه نه ٿو چوان۔۔۔۔۔! سائين مان جهونو مڙِس آهيان زماني جهڙو نه آهيان پر سائين پٽ تي جيڪا شي پڌري هوندي اها ته جهان کي نظر ايندي نه ان ڪري اسان کي به جو ڪجه نظر آيو سو ته اسان چوندا سي نه ۔۔۔۔۔ باقي پاڻ وٽ نظر ئي ڪانهي چار چار چشمان چاڙهيون ٿا وتون ته بري نظر جي ڳاله ڪٿان ايندي ))
جواب: مان ڪجهه نه ٿو چوان۔۔۔۔۔! ڳالهه جيڪڏهن موضوع مطابق آندل وڊيو جي ڪجي ته ٻڌائيندو هلان ته مذڪوره فقير ٻوڙو ته نه آهي پر نظر کان معذور ضرور آهي۔۔۔ اسان جي شهر سيتاروڊ جو هي نابين فقير جڏهن به ڳالهائيندو آهي ۔۔۔ ماڻهن جا ڏک ڏور ۽ غمن ۽ پريشانين کي پري کان وائکو ڪندڙ چهرن تي مسڪراهٽ پکيڙي ڇڏيندو آهي۔۔۔ ۽ رڳو ايترو به نه پر ننڍي کان وڏو ۽ پڙهيل اڻ پڙهيل سڀ سندس طرفان ڳايل سٽن تي غور ڪرڻ تي مجبور به ضرور ٿيندو آهي۔۔۔ ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي موڪل جي دوران اتفاقن شهر ڏانهن ويندي کيس مون بس اسٽاپ تي ڏٺو ۔۔۔ جتي موجود هڪ ڇپر هوٽل جي بينچ تي ساڳيو راڳ راڳي رهيو هيو ۔۔۔ منهنجي فرمائيش تي جڏهن ٻيهر ڳائيئين ته منهنجي موبائيل ۾ سندس لفظ تصوير سان محفوظ ٿي ويا۔۔۔۔ سوچيم ته ڪنهن وقت سنگت سان ونڊ ڪندس پر لڳي ٿو سندس انهن طنزيه محفوظ لفظن کي ڪنهن پهريان ئي محفوظ ڪري يوٽيوب تي لڳائي ڇڏيو ۽ ادا رنجيت گوءِ کڻندي هي وڊيو ونڊ به ڪري ڇڏي۔۔۔۔ دوستن جي دلچسپي کي ڏسندي سندس هي خوبصورتي سان محظوظ ڪندڙ راڳ پنهنجي موبائيل تان کنيل هي وڊيو به لڳائي رهيو آهيان جيڪا ادا رنجيت جي ونڊ جي مقابلي ۾ ڪجهه سيڪنڊ وڌيڪ آهي۔۔۔ [mv]rdl6w8un[/mv]