• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٿاڻي تي حاضري

جميل احمد

سينيئر رڪن
زندگي ۾ جيڪو ٿاڻي جو پهريون سفرمون ڪيو سو ڏاڍو اڻانگو هو.سو به اڪيلو نه ڪيم،پر ڪافي دوست گڏ هئم.اهو سفر لاهور شهر جي هڪ ايئر ڪنڊيشن ڪوچ گاڏي کان شروع ٿي ٿاڻي تي ختم ٿيو.12 ڪلاڪن جو سفر هو.اهو 1992 جي گرمين جو داستان آهي.تنهن وقت ۾ مون کي Motion Sickness(گاڏي ۾ الٽي ٿيڻ) هئي.ٿي سگھي ٿو يڪو ايترن ڪلاڪن تائين انگ ونگڙن رستن تي بند اي سي گاڏي ۾ سفر ڪريان ته اڃا به هان ڪچو ٿئي.
تڏهن مون کي پنهنجي دل جي ڳاله بيان ڪرڻ نه ايندي هئي،دوستن کي پنهنجو مسئلو به ٻڌائي نه سگھيس
وڌيڪ پڙهو
 
Back
Top