دوستو! هڪ ننڍي ڳالهه اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته جيترو اوهان جو گهر موبائل جي ٽاور کان پرتي هوندو، اوترو ئي اوهان جو موبائل جي بيٽري وڌيڪ کپندي۔۔۔، ۽ جيترو اوهان جو گهر موبائل جي ٽاور جي ويجهو هوندو اوترو ئي اوهان جي موبائل جي بيٽري جي هلڻ جي مدت وڌيڪ هوندي۔۔۔ ڇو ته اوهان جي موبائل هر ڪمپنيءَجا سگنل اسڪين ڪندي رهي ٿي ۽ جيڪو سگنل سندس آءِ ڊي سان ملي ٿو ان جي ذريعي نيٽورڪ سان ڪنيڪشن ٺاهي ٿي۔ انهيءَاسڪيننگ جي ڪري موبائل جي بيٽري تي وڏو اثر پوي ٿو۔۔۔
جواب: موبائل جا سگنل ۽ موبائل جي بيٽري۔۔ ادا مست پوء گهر پري ٺاهجي يا ويجهو پر يار ويجهو ڪٿي ٿا ٺاهڻ ڏين ۔۔۔
جواب: موبائل جا سگنل ۽ موبائل جي بيٽري۔۔ گهر ويجهو يا پري ٺاهڻ واري معاملي ۾ مون وٽ جيڪا معلومات آهي ته جنهن جڳهه تي ٽاور لڳل هوندو آهي ته انهي جي برقي سگنلن جا برا اثرات انسانن تي پون ٿا ۽ طرح طرح جون نيون بيماريون ڦهلجن ٿيون۔ هاڻ توهان پاڻ سمجهدار آهيو ته موبائل جي بيٽري ٿا بچايو يا انساني زندگي کي محفوظ رکڻ ٿا گهرو۔
جواب: موبائل جا سگنل ۽ موبائل جي بيٽري۔۔ سائين معاف ڪجو۔۔۔ موبائل مان ڪو وائرس نڪريو ڪونه پيا اچن۔۔۔ هر ڪنهن جو پنهنجو استعمال جي حساب سان چڪر هوندو آهي۔۔۔ هاڻي جيڪي ماڻهو رات جو پيا ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪن تي موبائل رکي استعمال ڪن، اهي متاثر ٿين ٿا ڇو ته رات جو ماڻهو جي جسماني ۽ ذهني قوتِ دفاع گهٽ ٿيو وڃي، نتيجي ۾ اهو ماڻهو گهڻو متاثر ٿئي ٿو
جواب: موبائل جا سگنل ۽ موبائل جي بيٽري۔۔ سائين پابندي نه آهي۔۔۔ مان اهو ٿورئي چيو آهي ته گهر وڃي ويجهو وٺو، پر ٻڌائڻ پئي چاهيو ته توهان جي موبائل جي گهٽ يا وڌ لائف جو تعلق ڪنهن سان آهي۔۔