روایتي زراعت جا زمين ۽ ماحول تي هاڃيڪار اثر

'سنڌ سلامت زراعت' فورم ۾ عبدالعليم ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 جون 2016۔

  1. عبدالعليم ميمڻ

    عبدالعليم ميمڻ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 جون 2016
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    روایتي زراعت مان مراد اها آهي تہ ڪاشتڪاري جا اهي طريقا جن ۾ مصنوعي ڪيميائي ڀاڻ، ڪيڙي مار دوائون، گند گاھ ختم ڪندڙ دوائون ۽ جینیاتي طور تي تبديل ٿيل حیاتیات وغيره جو استعمال ڪيو وڃي.

    جڏهن پھريون ڀيرو اهي مصنوعي ڪیمیڪل زراعت ۾ متعارف ٿيا هئا تڏھن پیداوار ۾ اضافو ڏسي پوري دنيا ۾ سائي انقلاب جو نعرو لڳڻ شروع ٿي ويو. ان جي نتيجي ۾ دنیا جي ڪيترن ئي ملڪن جي درآمد ۽ برآمد ۾ اضافو ٿيڻ شروع ٿي ويو. ان کان پوءِ ڪيميائي ڀاڻ، ڪيڙي مار دوائون، گند گاھ ختم ڪندڙ دوائون ۽ جینیاتي طور تي تبديل ٿيل حیاتیات وغيره.. ايندا رهيا ۽ ڏينھون ڏينھن انھن جي استعمال ۾ اضافو ٿيندو ويو.


    شروع ۾ تہ زرعي زمين تمام گهڻي صحتمند هئي ۽ مصنوعي ڪیمیڪل جي طرفان ڪيل ڪنھن بہ قسم جا نقصانن جي اسان کي ڄاڻ نہ هئي ۽ ان وقت جيوڙن ۽ ڪيڙن ۾ زهرن جي خلاف ڪابہ قوت مزاحمت نہ هئي. پر اڄ زرعي سائنسدان ۽ ماهر تحقيق کان پوءِ ان ڳالھ تي متفق ٿيندي ٻڌاين ٿا تہ روایتي زراعت جي طريقن جي ڪري پوري دنيا ۾ تمام گھڻا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. اهي اها ڄاڻ ڏين ٿا تہ روایتي طریقا بيماري ۽ آلودگي ڦهلائين ٿا ۽ اسان جي زرعي زمين ۽ پاڻي کي وڌيڪ خراب ڪن ٿا.


    پاڪستان جي زراعت ۾ ڪيڙي مار دوائن استعمال گذريل ڏهاڪن کان وڌيو آهي. 1980 ۾ 665 ٽن کان وڌي 1990 ۾ 14.742 ٽن ۽ سال 2000 ۾ 46،000 ٽن ۽ اڃ تائين ان جي استعمال ۾ مستقل اضافو ٿي رهيو آهي. اها ستم ظریفي آهي تہ انتھائي زهريلا ڪيميڪل اسان جي ملڪ ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿاجيڪي انسانن توڙي جانورن ۽ ماحول لاءِ زهريلا آهن. ۽ ڪيترين ئي بيمارين جهڙوڪ دماغ جو ڪينسر، غدود جو ڪينسر، خون جو ڪينسر ۽ پيٽ جي رَسولی وغيره جو سبب ٿي سگھن ٿا. ڪيڙي مار دوائن جي حد کان وڌيڪ استعمال جي نتيجي ۾ جنياتي طور تبديل ٿيل مڇر پيدا ٿيا آهن جن کي مڇر مار دوائن جي مزاحمت جي ڀرپور قوت آهي. روایتي زراعت ۾ ٻوٽي جي اندر پيسٽيسائيد ٺاهڻ لاءِ ٻوٽي کي جنياتي طور تبديل ڪيو ويو آهي. جنياتي طور تبديليون زمين جي جراثيمن کي يڪسر تبديل ڪن ٿيون ۽ زمين جي زرخيزي کي نقصان پھچاين ٿيون.


    پاڪستان جي تقريبن 27.05 سيڪڙو زمين پوکي ڪرڻ جي قابل آهي. زراعت ۾ اسان کي دنيا جا سڀني کان گھڻا وسيلا آهن اهي زرعي قابل عمل وسيلا واضع طور تي پوري قوم جي لاءِ وڏي اقتصادي قيمت جا آهن اسان کي پنھنجي ايندڙ نسلن جي خوراڪ جي لاءِ پنھجي ملڪ جي پوکي ڪرڻ جي قابل زمين جي حفاظت ڪرڻي آهي. ڪيڙي مار دوائون، گند گاھ ختم ڪندڙ دوائون ۽ پيٽرول جي بنياد وارا ڀاڻ زمین جي غذائي جزن کي پٽي ڇڏڻ سان گڏ فائدي مند حیاتیات جهڙوڪ ارٿ ورم، شڪاري ڪيڙا، ۽ جراثيم وغيره کي ماري ڇڏين ٿا.


    اسين هڪ فصل واڌ جي لاءِ مٿي ذڪر ڪيل ڪيمڪلن جو استعمال ڪندا آهيون وري ٻئي فصل جي لاءِ ڪيمڪلن سان ڀريل زمين ۾ وڌيڪ ڪيمڪل وجهندا اهيون انھي عمل جو ورجاءُ جي سبب مٿين حصي واري زمين جيڪي غذائي جزن سان ڀريل هوندي آهي وڌيڪ خراب ٿيندي آهي. نتيجي ۾ اها بنجر ٿي ويندي آهي ۽ اهڙي طرح اهي ڪيميڪل ان زمين ۾ لوڻن جي جوڙڻ جو سبب بہ بنجن ٿا.


    روايتي ڪاشتڪاري ۾ فاسفورس ۽ نائٽروجن ڪيميڪل جو ڀاڻ جو استعمال ٿئي ٿو. اهي ڀاڻ جڏهن برسات ۾ وهي سمنڊ ۾ وڃن ٿا تڏهن سامونڊي جاندارن ۾ آڪسيجن جي گهٽتائي جي ڪري گهٽ پيدا ٿئي ٿي ۽ سامونڊي پلانڪٽون جي ڪثرت سان پيدائش متحرڪ ٿئي ٿي. پلانڪٽون مختلف قسم جا جاندار آهن جيڪي سمنڊ ۾ رهن ٿا ۽ تري نہ ٿا سگهن اهي آبي جاندارن جي کاڌي جو ذريعو آهن. جڏهن اهي پلانڪٽون مرن ٿا اهي سامونڊي بيڪٽيريا جي خوراڪ بڻجن ٿا. اهي بيڪٽيريا آڪسيجن صرف ڪن ٿا. اهڙي طرح پلانڪٽون جي غير فطري واڌ سان بيڪٽيرياسمنڊ جي تقريبا مڪمل بچيل آڪسيجن استعمال ڪن ٿا جنھن سبب ڪيڪڙا، مڇي ۽ سامونڊي زندگي جي سڀ ٻيا قسم يا تہ اها جڳھ ڇڏي وڃن ٿا يا آڪسيجن جي گهٽتائي جي ڪري مري وڃن ٿا. گهٽ آڪسيجن جي ڪيفيت جي ڪري نتيجي ۾ مرده جڳھ (ڊيڊ زون) پيدا ٿئي ٿي اها جڳھ پلانڪٽون ۽ بيڪٽيريا کان علاوه تقریبا تمام آبي جاندارن کان خالي هوندي آهي. سائنسدانن پوري دنيا جي ساحلي علائقن ۾ اڄ تائين 405 کان وڌيڪ آڪسيجن کان بغير مرده سامونڊي جڳهن (ڊيڊ زون) کي دريافت ڪري ثبوط طور دستاويز ڪيو آه جيڪي ڏينھون ڏينھن وڌي رهيون آهن. انھن مان ڪيترائي مرده جڳهون (ڊيڊ زون) هزارين اسڪوائر ميلن جا آهن ميڪسيڪو خليج جو مرده زون جڏهن رڪارڊ ڪيو ويو تہ اهو 22،000 ڪلوميٽر جو هو. جيڪو سکر جي شھر کان بہ وڏو آهي.





    سمنڊ اسان کي ساليانو اربين روپين جي ماليت جي خوراڪ مهيا ڪري ٿو جنھن ڪري اسان کي سامونڊي زندگيءَ ۾ پنھجي مفاد لاءِ مستقل ۽ گهري دلچسپي آهي. اهو نہ صرف شرمناڪ آهي پر اقتصادي طور نقصان ده بہ آهي تہ اسان جي ڪاشتڪاري آلودگي جي ڪري سامونڊي جاندارن تي مضر اثر ٿين ٿا. ڪاشتڪاري آلودگي سبب تجارتي مفادن واري ڪابہ شيءِ مرده زونن ۾ زنده نٿي رهي سگهي. ڪيڪڙا، مڇي ۽ سامونڊي زندگي جي سڀ ٻيا قسم يا تہ اها جڳھ ڇڏي وڃن ٿا يا آڪسيجن جي گهٽتائي جي ڪري مري وڃن ٿا جنھن سبب ساليانو اربين روپين نقصان ٿئي ٿو


    اسان پنھجي مٽي۽ پاڻي جي حفاظت ڪرڻ کان بغير مستقبل ۾ خوراڪ نٿا پيدا ڪري سگھون. ڪيڙي مار دوائون جي باقيات۽ جينياتي تبديليون، سڌو سنئون ڪاشتڪاري ۽ ماهيگيري جي طویل المیعاد پائیداری تي اثرانداز ڪن ٿيون. اسين پنھنجي وجود کي جنھن ماحول ۾ اسين رهون ٿا ان کان الڳ نٿا ڪري سگھون. جيڪو اسين صرف ڪيون ٿا جيڪڏهن اهو آلودو هوندو تہ اسان جو جسم بہ آلودوٿي ويندو. تنھنڪري اهي واضع آهي تہ ڪيميائي ڀاڻن، ڪيڙي مار دوائن، گند گاھ ختم ڪندڙ دوائن ۽ جینیاتي طورتبديل ٿيل جاندارن وغيره جي غلط استعمال کي پاڪستان ۾ گھٽايو وڃي. ان کي روڪڻ جي لاءِ تعليم سڀني کان اهم ۽ بنيادي طريقن ما هڪ آهي. پاڪستان جي حڪومت ۽ اسٽيڪ هولڊرن کي پنھنجي تحقيق ۽ صلاحيتن سان آبادگارن کي ڄاڻ ڏيڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي.
     
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ڇرڪائيندڙ خبرون آهن ، آبادگارن کي زهريليون دوائون استعمال ڪرڻ ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو