زرعي مٽي جي صرف هڪ چمچي ۾ هڪ سئو ملين کان هڪ بلين بيڪٽيريا، ڪيترائي هزار فليجيليٽس ۽ اميبيا، هڪ کان ڪيترائي سئو سليئيٽس، سوين نيميٽوڊ، هڪ سئو تائين ننڍڙا جيت، ۽ پنج کان ڇه ارٿ ورم ٿين ٿا. اهي جاندار ٻوٽي جي صحتمند واڌ ويجِھ لاءِ تمام ضروري آهن. مثال جي طورزمين جي اندر موجود ننڍرڙا جيت ٻوٽن جي پنن ۽ ٻين نامياتي مادن کي ڪتر واننگر تمام ننڍرڙن حصن ۾ پرزا پرزا ڪن ٿا جيڪي وري بيڪٽيريا ۽ فنجي استعمال ڪن ٿا. بيڪٽيريا ۽ فنجي وري هڪ چنبڙندڙ مادو خارج ڪن ٿا. جيڪو مٽي کي ڍڳن جي صورت ۾ پنھنجو پاڻ ۾ ڳنڍين ٿا ۽ اهڙي طرح زمين ۾ موجود پوري جيوت لاءِ کاڌو مھيا ٿئي ٿو. جڏهن انھن بيڪٽيريا ۽ فنجي کي ٻيا زميني جاندار جيئن خوردبين جراثيم نيميٽوڊ وغيره استعمال ڪن ٿا. نيميٽوڊ وري امونيا خارج ڪن ٿاجيڪو ٻوٽن جي نائٽروجن جو اهم ذريعو آهي. پيسٽيسائيڊ جي غلط يا گهڻي استعمال سان زرعي زمين خراب ٿي سگهي ٿي جنھن سبب کيڙي ۾ رهندڙ فائديمند جراثيمن کي نقصان پهچي ٿو. اهي جراثيم نائٽريفڪيشن ۽ نائٽروجين فڪسنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. جيڪي غذائي جذن کي جي ٻيھر استعمال جي قابل بڻائڻ ڪرڻ ۾ پڻ مري وڃن ٿا. صحتمند زرعي زمين جي لاءِ انھن جاندارن جراثيمن ۽ ارٿ ورم جو هجڻ تمام ضروري آهي. انھن کانسواءِ ڪوب فصل پنهنجي صحيح واڌ ويجھ تي نٿو پھچي سگهي. زرعي زمين ۾ فائديمند جراثيمن ۽ ارٿ ورمس جي مري وڃڻ جي ڪري زمين جي زرخيزي گهٽجي وڃي ٿي، زمين ۾ گدلاڻ ٿئي ٿي، صحتمند زمين جو خراب ٿئي ٿي۽ نائٽروجن فڪس ٿيڻ جو فطري عمل گهٽجي ٿو يا ختم ٿي وڃي ٿو. نائٽرو جن فڪس ن ٿيڻ جي ڪري مصنوعي ڀاڻ جي وڌيڪ ضرورت ٿئي ٿي جنھن ڪري ڪڙمين يا آبادگارن جو وڌيڪ خرچ ٿئي ٿو. زير زمين پاڻي زهريلو ٿئي ٿو جنھن ڪري ٻوٽا سوائل ساليوشن مان صحتمند غذا کڻڻ جي بجاءِ زهريلي غذا کڻن ٿا. ائين کڻي چئجي تہ زرعي زمين جو پورو نضام درهم برهم ٿي وڃي ٿو. ڪيڙي مار دوائون ڪيترن ئي زرعي نظامن جو اهم جز بڻجي چڪيون آهن. هاڻي زرعي زمين جو معيار جاچڻ لاءِ انھن دوائن جا زرعي زمين تي اثر ۽ عمل ڪرڻ جي قابليت کي پڻ شامل ڪيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ ڪيڙي مار دوائون نقصانڪار جيتن، جراثيمن ۽ جاندارن کي قابو ڪري زرعي پيداوار برقرار رکڻ ۾ مدد ڪن ٿيون تنھن هوندي بہ زرعي زمين جي حياتيات جي دنيا ۾ ٿيندڙ عمل ۽ انھن امڪاني اثرن جيڪي حدف نہ ح آهن کي گھٽ ڪرڻ جي لاءِ انتظامي ٿريسهولڊ جو قائم هجڻ ضروري آهي سن 2001 ۾ اسٽاڪ هولم شهر ۾ سئو ملڪن جو پرزسٽنس آرگينڪ پوليوٽنٽ (نامياتي جزا يا مادا جيڪي قدرتي ماحول کي هميش جي لاءِ خراب ڪن ٿا) تي هڪ ڪنوينشن صحيح ٿيو هو. ان جو مقصد ٻارنھن زهريلن ترين مادن ياجزن جن جي قدرتي ماحول ۾ پائيداري آهي جهڙوڪ ٻوٽن جي حفاظت لاءِ استعمال ٿيندڙ متحرڪ عنصر، پولي ڪلورينيٽيڊ، باءِ فينائيلس، ڊيوڪسن ۽ فيوران وغيره جو پوري دنيا مان پيداوارجو خاتمو ڪرڻ، انھن کي ناس ڪرڻ يا ماحول تي پيل انھن جي اثر جو خاتمو ڪرڻ هو. ڪيترن ئي نقصانڪار مادن جي فهرست ۾ ڊي ڊي ٽي (ڊاءِ ڪلورو ڊاءِ فينائل ٽراءِ ڪلورو ايٿين) بہ شامل هئي. پوري دنيا ۾ ڊي ڊي ٽي فصلن جي مهلڪ پيسٽس خلاف جديد ڪيميائي هٿيار طور استعمال ڪئي ويندي هئي. ۽ پڻ جيتن جي ذريعي ڦهلجندڙ ڪيترين ئي مهلڪ بيمارين (مليريا، مدي جو بخار، طاعون، دستن) جي خاتمو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. بھرحال ننڍي پيماني تي شديد زهر جي باوجود اهو ظاهر ٿيو آهي تہ ان جي حياتياتي ۽ طبيعاتي ڪمن ڪارين کي ا نقصان پھچائيندڙ اثرن کي الڳ ڪجي. ترقي يافتا ملڪن ۾ سن 1970 کان انھن جي ڪامياب دستبرداري جي باوجود ، ٽين دُنيا جي ملڪن ۾ اڃا تائين اهي استعمال ٿي رهيا آهن. پيسٽيسائيڊ جي باقيات ۽ انھن جي ميٽابولائيٽ بي شمار تعداد ۾ اڃا تائين ماحول ۾ ملي ٿي. جيئين ڪچري جو ڍيرن تي اها گڏ ٿي. يا جاندار ۾ اها جزب ٿي جمع ٿي يا پاڻي جي جرن ۾ اها گڏ ٿي. ڊي ڊي ٽي فطرت ۾ سٺ سالن جي هاف لائيف سان گڏو گڏ تمام گھٽ ميٽابولازبل آهي. هڪ اندازي موجب پوري دنيا ۾ ڪيترائي ملين ٽن ڊي ڊي ٽي اڃا ب ڦهليل آهي. بدقسمتي سان ناجائز طور تي فائدو وٺڻ اڃ بہ ڊي ڊي ٽي دنيا جي ترقي پذير ملڪن ۾ زرعي فصلن جي ڪيڙن تي قابو ڪرڻ ۽ مڇرن مارڻ جي لاءِ استعمال ڪئي پئي وڃي. اهي حقيقتون ڪيڙي مار دوائن جي ڪري ماحول گدلاڻ جو مسئلي جي نشاندهي ڪن ٿيون جيڪي جائز آهن. تہ ڊي ڊي ٽي ۽ ان جي ميٽابولائيٽ اڃا تائين پاڻي جي نمونن ۾ ۽ زرعي زمينن ۾ دريافت ٿين ٿا. پاڻي ان جي ماحول ۾ انھن زهريلن مرڪبن جو وڏي ۾ وڏو ذريعو ماضي ۾ گدلي ٿيل مٽي آهي. جيڪا اڏامي ڪري دز جي صورت ۾ پاڻي ۾ پئجي تري ۾ ذخيروٿئي ٿي. پيسٽيسائيڊ نامياتي مرڪبن جي وڏي ۾ وڏا خطرناڪ گروپ آهن. جيڪي ماحول کي گدلو ڪن ٿا. انھن جي زهر جي جٽادار، جاندارن ۾ گڏ ٿيندڙ قابليت ۽ زهريلي اثر ۽ ججهي استعمال جي سبب اهي ان شعبي ۾ ڪم ڪندڙ سانسدانن جي دلچسپي جو مرڪز اهن. ڊي ڊي ٽي جي زرعي زمين ۾ موجود خوردبين جيوڙن جي آبادي تي ٿيندڙ زهريلن اثرن جي تحقيق مان نشاندهي ٿي آهي. تمام گهڻي غلط زرعي پريڪٽس جي ڪري ماڻھن فطري ماحولياتي سرشتي کيتبديل ڪري ڇڏيو آهي. ۽ قدرتي توازن بگا ڙيو آهي. جنھن جي نتيجي ۾ زرعي ۽ جهنگلي بيماريون ۽ مرض وڌيا آهن ۽ ٻوٽن جو تحفظ۽ پيسٽيسائيڊ جي ضرورت وڌي آهي. پيسٽيسائيڊ جي بي قابو استعمال مان ان ڳالھ کي وڌيڪ تقويت ملي آهي اهي انسانن ۾ جيتن جي ذريعي ڦهلجندڙ تباه ڪن بيمارين جو مک سبب آهن. اهڙي طرح پيسٽيسائيڊ جنھن ۾ خاص ڪري آرگينوڪلورئيڊ کي انسانن ۾ زهر ڦهلائيندڙ ڪارندي طور منسوب ڪيو ويو هو. پاڪستان ۾ زرعي زمين ۾ موجود خوردبين جيوڙن تي ٿيندڙ پيسٽيسائيڊ جي نقصانڪار اثرن تي تمام گھٽ تحقيقون ٿيون آهن تنھن ڪري قدرتي ماحول جنھن ۾ انسان ذات جي زندگي ۽ صحت شامل آهن ان کي محفوظ ڪرڻ لاءِ، انھن زهريلن مرڪبن جي استعمال جيڪي ماحول ۾ جٽادار آھن ۽ جاندارن ۾ بايو اڪيوميوليشن جي قابليت رکن ٿا ۽ پوري ماحول لاءِ خطرو ثابت ٿين ٿا جي خاتمي جي لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن. ماحول ۾ پيسٽيسائيڊ ريزيڊيو جي نگراني پڻ تمام گهڻي اهميت جي حامل آهن. ۽ انھن جي نتيجي ۾ گڏ ٿيل مرڪبن جي ڍيرن کي سڌارو ڪندڙ شعبا، توڙي زرعي زمين جي چڪاس جنھن ۾ ماضي ۾ اهي زهريلا جزا دريافت ڪيا ويا. قدرتي ماحول جي اثرائتي تحفظ جي لاءِ تحقيق ڪرڻ ضروري آهي.جيڪا هن شعبي ۾ ڄاڻ وڌائي جنھن جي موجوده دور ۾ ڪمي آهي ۽ خال پيدا ٿيل آه. اهڙيءَ طرح، کوجنا کي ن صرف حال ۾ استعمال ڪيل پيسٽيسائيڊ تي ڪئي وڃي پر ان تي پڻ جيڪي ماضي ۾ استعمال ڪيو ويون انھن کي پڻ ايدريس ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪا اڃا تائين قدرتي ماحول ۾ گردش ۾ آهن. زرعي زمين ۽ پاڻي جي جر جي خوردبين جراثيمن تي پيسٽيسائيڊ جي زهراتي پيماني جي باري ۾ وڌيڪ ڪجھ ڪهڙا سوال آهن جن جو جواب اڃا گھربل آهي. جيڪو تحقيق جي شعبي ۾ وڌيڪ مطالعي ۽ ان جا حل حاصل ڪرڻ کي جنم ڏئي ٿو ۽ يقينن ان شعبي ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان کي اهو ياد رکڻ گهرجي ت اسان جي قوم جي صحتمند کاڌو پيدا ڪرڻ جي قابليت ۽ جياپي واري هوا ۽ پاڻي جي وسائل جو تحفظ ان ڳالھ تي دارو مدار ڪري ٿو تہ اسين زرعي زمين سان ڪيئن پيش اچون ٿا. زرعي زمين جي تحفظ جي منصوبابندي يا پروگرام نہ ڪرڻ جا مستقبل ۾ تباه ڪن نتيجا ٿي سگهن ٿا. عبدالعليم ميمڻ ۽ غلام مرتضيٰ جي گڏيل ڪاوش
انتھائي ڪارائتو مضمون آھي. زراعت جي حوالي سان نيٽ تي بنھ گھٽ مواد آھي ان ڪري ان ڳالھ جي اشد ضرورت آھي ته زراعت جي حوالي سان وڌيڪ تفصيلي ۽ آسان ٻولي ۾ مضمون ھجڻ گھرجن. مھرباني