ماني جو ڳڀو

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ayazjani طرفان آندل موضوعَ ‏18 جون 2010۔

  1. ayazjani

    ayazjani
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 مارچ 2010
    تحريرون:
    57
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi malir city
    خليل جبران

    ھڪ نوجوان رستي تي ويٺو پني رھيو ھو، ٿلھو متارو نوجوان جنھن کي بک بيجان ڪري ڇڏيو ھو، ھو رستي جي موڙ وٽان ايندڙ ويندڙ جي سامھون ھٿ ڦھلائي رھيو ھو، بک جي تڪليف جو دکڙو روئي رھيو ھو.

    رات پنھنجا خيما کوڙيا نوجوان جا چپ ٺوٺ ٿي ويا ۽ زبان زخمجي پيس، پر ھٿ پيٽ جيان خالي رھيس.

    ھو اٿيو ۽ شھر کان ٻاھر نڪري ويو اتي وڻن جي جھنڊ ۾ ويھي سڏڪا ڀري روئڻ لڳو. تنھن کان پوءِ ھن پنھنجون اکيون آسمان طرف کنيون نج تي لڙڪن جو پردو پيل ھو ۽ بک سندس دل کرچي رھي ھئي. ھن چيو؛

    پالڻھار! مان سيٺ وٽ ڪم جي ڳولا ۾ ويس ھن منھنجي بدن تي مٽي لڳل ڏسي مون کي ٻاھر ڪڍرائي ڇڏيو. مون اسڪول جو دروازو کڙڪايو، پر ھٿين خالي ھئڻ سبب اندر گھڙڻ نه ڏنئون. مون فقط ٽن وقتن جي ماني تي نوڪري ڪرڻ ٿي چاھي، پر منھجي بدقسمتي، جو ان کان به محروم رھيس. پوءِ مجبور ٿي پنڻ جي ڪوشش ڪيم، پر منھنجا رب ! تنھنجن بندن مون طرف ڏٺو ۽ اھو چئي اڳيان وڌي ويا ته ”ھن ٿلھي متاري ھڏ حرام کي خيرات ڏيڻ جائز ڪونھي.

    ”پالڻھار! منھنجي ماءُ مونکي تنھنجي حڪم سان جنميو ۽ ھاڻي تنھنجي وجود جي آڌار تي جيئرو آھيان ! پوءِ ماڻھو مون کي ماني جو ڳڀو ڇو ڪونه ٿا ڏين؟ جڏھن ته آئون تنھنجي نالي تي ٿو گھران.“ ڏکاري نوجوان جو چھرو بيچين ٿي ويو ۽ اکيون الائن جيان ٻرڻ لڳس . ھو اٿيو ۽ سڪل ٽارين مان ٿلھو ڏنڊو کنيائين ۽ شھر طرف اشارو ڪندي اُچي آواز ۽ چيائين؛

    ”مون پگھر جي پورھئي عيوض زندگي طلب ڪئي . پر اھا نه مليم ، ھاڻي مان ٻانھن جي ٻل تي زندگي حاصل ڪندس . مون محبت جي نالي تي ماني مڱي، پر انسانن ڪو ڌيان نه ڌريو ۽ ھاڻي آئون ظلم ۽ سرڪشي جي نالي تي رڳو ماني ئي نه پر ٻيو ڪجھه به کانئس گھرندس ۽ ھو ڏيڻ تي مجبور ٿيندو.”

    ڳپل عرصو گذري ويو. نوجوان ھارن جي لاءِ ڪنڌ ڪپيندو رھيو ۽ پنھنجي لالچ جا محل اڏڻ جي لاءِ لڳاتار روحن جا ھيڪل ڊاھيندو رھيو . ايستائين جو سندس دولت بي انداز ۽ بھادري عام ٿي وئي . ملڪ جا ڌاڙيل کيس ڀائڻ لڳا ۽ حڪومت جا ڪارندا سندس نالي کان ڪنبڻ لڳا . نيٺ بادشاھه ھن شھر ۾ کيس پنھنجو نائب مقرر ڪري پنھنجي خاص حلقي ۾ شامل ڪري اعليٰ عھدي تي فائز ڪري ڇڏيو.

    اھڙي طرح انسان پنھنجي ڪنجوسي سبب مسڪين کي بدمعاش ۽ پنھنجي سنگدلي جي ڪري امن پسند کي قاتل بنائي ٿو ڇڏي.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ماني جو ڳڀو

    ڀائڙا جيتوڻيڪ خليل جبران جي هي ڪهاڻي اڳ به پڙهيل آهي پر اڄ به ان ڪهاڻي کي پڙهي، حض حاصل ٿيو ۽ سوچن جي پولار ۾ گم ٿي ويس ته ڇا انسان پنهنجي اها روش ختم ڪندو يا هو هميشه خودغرض ۽ شيطان جو دوست ئي رهندو؟ پر اهو سوال شايد وڏو آهي شايد ڏکيو آهي ۔۔۔ انڪري اڄ به جواب نه مليو آهي ۔۔۔ خليل جبران کان وٺي امر جليل تائين ڪيترائي ليکڪ انسان کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪنٿا پر افسوس انسان آهي جو جاڳڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي ۔۔۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ماني جو ڳڀو

    سائين بس حقيقت ڪهاڻي جي روپ ۾ پيش ڪيل آهي۔۔۔ ان کان وڌيڪ ڪجهه چوڻ فضول آهي۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو