• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪيون ٿا پيار پنهنجن سان...

ڪيون ٿا پيار پنهنجن سان
______________
ڪيون ٿا پيار پنهنجن سان جن سان سڪ صحبت آ
نه ليکو ڪوڪبو تن سان جن سان روح رغبت آ

ڌرتي هي دلبر جيئن ساريان ٿو سنڀاريان ٿو
وٺي کان پو وڻي منظر وڌي ٿو شوق شدت ا

اتر سان انس بيشڪ آ وچولو ڄڻ وجود آ هي
دريا سنڌ کي ساريان ڇولين جن سان الفت آ

سڄي سنڌ منهنجي من ۾ آ هينئو حيراڪ جنهن لئه آ
ٿر جا ٿاڪ منظر ۾ ڪاڇي سان به قربت آ

سدان سڪ ۾ اسان کي سنڌ جيڪا جيءُ آهي جند
سنڌ جي سک لئي سوچون اها اعليٰ عبادت آ

لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top