ڪافر

'مختلف موضوع' فورم ۾ فهيم فدا شورو طرفان آندل موضوعَ ‏23 جون 2016۔

  1. فهيم فدا شورو

    فهيم فدا شورو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 جون 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    134
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    تعليم کاتي ۾ استاد
    ماڳ:
    مسڻ وڏي ٽنڊو الهيار
    مختصر ڪهاڻي

    ڪافر
    (فهيم فدا شورو - مسڻ وڏي)

    … … … هو جيئن ئي ڪمري ۾ داخل ٿيو ته ڪمري جي هرهڪ ڪنڊ ۾ شريف النفس ويٺل ڏٺائين. دليلن جي ڀرمار جي نتيجي ۾ منجهن پيدا ٿيل تلخ ڪلامي مذهبي ڪٽرپڻي تي اچي ڇيهه ڪيو. سمورا شريف النفس هاڻي هڪ ٻئي تي ڪُفر جون فتوائون فِٽ ڪرڻ ۾ جُنبي ويا. هڪ پاسي سُني شيعي کي ۽ شيعو سُني کي ڪافر چوڻ ۾ مشغول، ته ٻي پاسي ديوبندي بدعتي کي ۽ بدعتي ديوبندي کي ڪفر ڏي ڌِڪڻ لاء سندرو ٻڌي بيٺل.

    ڪمري ۾ اها ڪشمڪش ڏسي، هو پنهنجو دلي فيصلو ڪري ٻاهر نڪري ويو ته ”هي ته هڙيئي ڪافر آهن.“
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو