• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پاناما جي تجوڙين ۾ قيد اسانجي ماني

فيض گل ڇلگري

سينيئر رڪن
تاريخ ۾ اڄ تائين بکئي پيٽ کي ڪير به شڪست نه ڏئي سگهيو آهي.بکيو پيٽ ايترو ته بهادر آ جو هن اڳيان سنگين احساس،اڀ ڏاريندڙ جزبا، پٿر جهڙا پختا ارادا، اخلاق ۽ مذهب به مات کائي وڃن ٿا.اسلام جي جنگ جزبي سان شروع ٿي ۽ ڦرلٽ تي ختم ٿي.انهي ڦرلٽ عرب مان اچي اسانجي سنڌ تي ڪاه ڪئي ايستائين جو انگريز اسان کان ماني کسي آزادي ڏئي ويا.اسان انهي کسيل ماني جي آسري تي، آزادي کي ڀوتارن جي ڏنل نعرن جو ڀَرت ڀري اڃان تائين سنڀالي رکيو ويٺا آهيون.اڄ تائين ڦرلٽ جاري آ.نه ڪو ٿو ڀوتارن جو بکيو پيٽ ڀرجي نه ڪو ئي اسانجي ماني انگريزن جي پاناما وارين بئنڪن مان واپس اچي.
 
Back
Top