• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪلاسيڪل راڳي الھڏنو خاصخيلي ٽنڊو الهيار لڳ روڊ حادثي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
ڏک ۽ افسوس واري خبر آهي ته سنڌ جو مشھور نوجوان ڪلاسيڪل راڳي
الھڏنو خاصخيلي
ٽنڊو الهيار لڳ روڊ حادثي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي.
انا لله و انا اليه راجعون
سڄي سنڌ سان گڏ سنڌ سلامت سٿ به سوڳوار آهي.

30k6f04.jpg


سندس مشهور ڪلام

جنت الفردوس آھن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جو
رات جا تارا چون ٿا تون نه ايندينءَ تون نه ايندينءَ
رات جو پهر پويون ٿيو تون نه آئين در کليوئي رهيو
انسان جي عظمت کي وڌائڻ ٿو گهران مان
هڪ وار وري سولي سجائڻ ٿو گهران مان
ڦاسيءَ جي جهولي م هن کي ننڊ اچي ويئي
ڪالھ به پٽڙا ڪُٺا ويرين ويل ڪيا
هن دل م سڄڻ ارمان لکين آھن پورا نه ٿيا پئيمان لکين آھن
ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا
روز جهولو لڳي روز پيرون پچن شال مارو اچن
تون پڇين ٿو پرين مان هليو ڇو ويس
_____

هو هميشہ زندگيءَ سان جهيڙيندو رهيو، فالج جي بيماري کي شڪست ڏئي صحتياب ٿيو تہ ڪجهہ عرصو اڳ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيو ٖ پر اڄ زندگي جي جنگ هارائي ويو مان هميشه الهڏني خاصخيلي کان سرويچ سجاولي جو لکيل گيت ٻڌائڻ جي حجت ڪندو هئس ٖ هاڻ الهڏنو خاصخيلي بہ اسان جي وچ ۾ نہ رهيو -
جنت الفردوس آھن ٖ ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون
ڳڀرو اَچن ڳاٽن سان جت ، ڏوٿي اُڀن ڏاٽن سان جت،
گھوٽيا گھمن گھاٽن سان جت، ۽ گھوٽ گھوٻاٽن سان جت
اوڍيو گھُمن سِي اجرڪون ، ٽوپين تي موتِي ۽ ٽِڪُون،
ڇا پُت بَدن جون بيهڪوُن، ٿا سرءَ جون لاهين سِڪُون.
اهڙا ٻچا اڄ ڀي ڄڻين اڪثر اَميون مَهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
ناميارو فنڪار الهڏنو ولد علي محمد خاصخيلي، 25 جنوري 1966ع تي ميرپور بٺوري ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. تعليمي قابليت ايم. اي ۽ بي. ايڊ ڪيائين. هن دنيا ۾ پاڻ کي هڪ فنڪار طور متعارف ڪرايو. سندس ڳايل ڪلامن جا ڪيترائي البم مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. فني خدمتن عيوض کيس حسنِ ڪارڪردگي اوارڊ ۽ ڪيترا سرٽيفڪيٽ مليا. گورنمينٽ پي. سي اسڪول ميرپوربٺوري ۾ -استاد رهيو، سندس والد استاد علي محمد خاصخيلي، استاد محمد جمن جو شاگرد هو ۽ الهڏني پنهنجي والد علي محمد خاصخيليءَ کان راڳ جي سکيا ورتي. هن ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ تي به ڳايو ، پر عوامي ميڙاڪن جو مقبول فنڪار رهيو شيخ اياز ٖامداد حسيني ٖذوالفقار راشدي، غلام حسين ۽ ٻين جديد شاعرن جي شاعريءَ کي نئين رنگ ۾ ڳائي وڏي مقبوليت حاصل ڪئي -

اياز
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
لاڙ جي سرموڙ راڳي الھڏنو خاصخيلي جو وڇوڙو

عبدالسلام ٿھيم

اڃا وقتَ جدت جو جامو ڪونه پھريو ھو،جديد آڊيو ۽ وڊيو سسٽم بابت ڪنھن غور به نه ڪيو ھو.
ان وقت مون گھر مختلف ڪيسٽون چيڪ پي ڪيون،ھڪ پراڻي بغير ڪور ۽ اسٽيڪر جي ڪيسٽ جڏھن مون ٽيپ ۾ لڳائي آن ڪئي ته ڪمال جا ٻول ٻريا ھئا
”اي ڪينجھر تنھنجي ڪنڌي تي ڪوئي تماچي اچڻو آھي....“
ٻڌندي ئي آءُ ھنجي آواز جي سحر ۾ وڃائجي ويو ھئس،انھيءَ وھيءَ ۾ مونکي راڳ يا شاعريءَ بابت شعور يا ڄاڻ ڪانه ھئي، باقي سُر ۽ ساز ھر عمر تي اثر ڪري ٿو،انجو وڏو ثبوت اھو آھي ته روئندڙ ٻار به ماءُ جي لولي جي سرن ۾ نه فقط چپ ڪري ويندو آھي،پر ھو مٺڙي ننڊ سمھي پوندو آھي،ته مون تي الھڏني خاصخيلي جي آواز ٻاروتڻ ۾ ئي پنھنجو اثر ڇڏيو ھو،سندس آواز ۾ جنھن جڳھ تي ماءُ جي لوليءَ جھڙو مٺاس ھو،تنھن جڳھ تي سندس ٻولن ۾ لاڙ جي سرگمي لھجي جا لھرا به ھئا. ساڳي جڳھ تي سندس گلي ۾ اُداس ڪوئل جي ڪوڪ به ھئي..
تنھن کانپوءِ ھن ”روز جھولو لڳي،جنت الفردوس لڳن ٻئي ڪنڌيون مھراڻ جون،تون پڇين ٿو پرين مان ھليو ڇو ويس.ٻي خبرناھي پر مرڻ کانپوءِ، انسان جي عظمت کي وڌائڻ ٿو گھران مان....“سميت ڪيترائي امر گيت ڳائي باشعور ماڻھن جي دلين ۾ گھر ٺاھيو.
الھڏني خاصخيلي کي راڳ ورثي ۾ مليو،ھن جنھن وقت گھر ۾ امڙ جي لولي پي ٻڌي تنھن وقت سندس والد علي محمدخاصخيلي گھر جي ڪنھن ڪنڊ ۾ سيداڪبر جي وائي ”جھانگياڻي اٿي ڀر جھول،مڪ پٽڻ جي مند اچي وئي....“ پنھنجي مڌر آواز ۾ جھونگاري رھيو ھو،مطلب ته ھو پليو ئي سُرن ۾ رھي،اھوئي سبب ھو جو ھن لوڪ ۽ نيم ڪلاسيڪل موسيقي سان ناتو ڳنڍي رکيو،ھو راڳ ۾ ڪلاسيڪل سرگم به شامل ڪندو ھو.
الھڏنو خاصخيلي سنڌ ۾ شعور ۽ تعليم جي حوالي سان الڳ سڃاڻپ رکندڙ ضلعي سجاول جي تعلقي ميرپورٻٺورو ۾ پنھنجي راڳي والد ميوزڪ ٽيچر علي محمدخاصخيلي جي گھر ۾ 1967 ۾ جنم ورتو،پيشي جي لحاظ کان پاڻ پرائمري استاد ھو،سندس تعليم ايم اي ھئي.موسيقيءَ جي ھن بنيادي سکيا پنھنجي پيءُ کان ورتي،سندس والد جو استاد مشھور راڳي اُستاد محمد جمن ھيو،انھيءَ سلسلي ۾ ھن استاد جمن کان به ڪجھ پرايو،پر جڏھن ھن 1987 ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ ڪامياب آڊيشن ڏئي پھرين ذوالفقار راشدي جو ڪلام ”ھانو جو حال ٻڌايان،ته گنھگار ٿيان.....“ريڪارڊ ڪرايو ته اُتي ھن اُستاد مجيد خان سارنگي نواز کان ڌاڳو ٻڌائي وٽانئس وڌيڪ موسيقي جي تعليم حاصل ڪئي ۽ پوءِ ھن پاڻ مڃايو ۽ ڇانئجي ويو.
ساڳي جڳھ تي ھن جي زندگيءَ ۾ ڀلوڙ شاعر ۽ ليکڪ سائين غلام حسين رنگريز جو به اھم ڪردار رھيو آھي،
ھن جي ذاتي توڙي فني زندگي کي صحيح گس تي آڻڻ ۾ رنگريز صاحب جو وڏو ھٿ ھو،جھڙي طرح منظور سخيراڻي جي تربيت استادبخاري ڪئي.اھڙي طرح الھڏني کي رنگريز اڏيو،ھن شاعري جي مناسب چونڊ سميت ھن کي ڪافي معاملن ۾ سمجھايو ۽ سنواريو،شروع ۾ الھڏني تي استاد جمن جو رنگ ھيو پر سائين رنگريز کيس پنھنجو رنگ ٺاھڻ ۽ گس وٺڻ جي صلاح ڏني،۽ انھيءَ صلا ح ئي ھن کي الھڏنو خاصخيلي بڻائي ڇڏيوالھڏنو خاصخيلي جھوڪ ڌڻي جي پاڙي واري شھر جو رھاڪو ھو،سندس سرن ۾ سرمستي ھئي،ھو ڳائڻ وقت پاڻ وڃائي ڳائيندو ھو ۽ پوءِ ٻڌڻ وارا سندس آواز ۾ سرور جا دڳ ڳولھي لھندا ھئا،ھو سنڌ جي انھن چند فنڪارن ۾ شامل ٿئي ٿو جيڪي محفل مچائي ڄاڻندا آھن.الھڏنو خاصخيلي ڪيسٽ ڪلچر جو حصو ضرور بڻيو ھو،پر ھن انھيءَ دنيا ۾ پاڻ کي ڪونه وڃايو،ھن ان سان گڏ ادبي شاعري به ڳائي،ڪڏھن ڪڏھن آءُ سوچيندو آھيان ته سرويچ سجاولي جو ڪلام جنت الفردوس لڳن ٿيون ٻئي ڪنڌيون مھراڻ جون....ڌرتيءَ جي عشق ۾ سرويچ کان خاص طور تي ھن لاءِ لکجي ويو،ھن جنھن جذبي سان انھيءَ کي ڳايو آھي،تنھن سبب ئي ٻڌڻ وقت ماڻھو بي ساختگي سان ڌرتيءَ جا نعرا ھڻي ويھي ٿو.
الھڏني ڏني خاصخيلي شاھ،سچل،اياز آڪاش،سرويچ،رنگريز سميت سنڌ جي قومي شاعرن جي شاعري خوبصورت انداز سان ڳائي،ڪلھ رات سندس ٽنڊوالھيار لڳ روڊ حادثي ۾ گذاري وڃڻ جتي سڄي سنڌ ۾ فن جي دنيا سان چاھ رکندڙن کي ڏک ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي،تنھن جڳھ تي سندس گھر ڀاتين ۽ پوڙھي پيءُ کان سھاري جي بيساکي پڻ کسي ورتي آھي،ثقافت کاتي کي گھرجي سندس اولاد لاءِ روزگار جو بندوبست ڪري،ٻيو ته الھڏنو خاصخيلي لطيف جي ڪلام جو ڀلو راڳي ھو،ٻين فنڪارن جيان ھن جي به لطيف ايوارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ خواھش ھئي،جيئري ته ھن جي انھيءَ خواھش تي ڪن ڪونه ڏنو ويو،گھٽ ۾ گھٽ ھاڻي ھن لاءِ لطيف ايوارڊ جو اعلان ڪري سندس مئي پڄاڻان ئي قدر ڪيو وڃي.

روزاني ڪاوش حيدرآباد
 
Back
Top