حڪيم صاحب تمام پيارو ماڻهوءَ هو،گھمڻ ڦرڻ جو شوقين،ڪچهري جو ڪوڏيو.صاف دل،کري ڳاله ڪرڻ وارو.حڪيم صاحب حڪمت جو ڪم وندر طور ڪندو هو،پاڻ زميندار هو. حڪيم اڪثر پرهيز جو جام چوندا آهن.شاه صاحب جا ڪجھ بيت به ڪري ته آهن. شاه صاحب جا بيت وسيع تناظر رکن ٿا،انهن جو هن دور جي حڪيمن جي پرهيز تي مڙيئي اطلاق گھٽ ٿئي ٿو،مڙيئي موضوع نڪري پيو آهي ته هيٺ بيان ڪيان ٿو. ويڄن سين وائي پيا،ڪري نه ڪئائون، جي پند پاريائون ته سگھائي سگھا ٿيا. ويڄن سين وائيءَ پيا، ڪري نه ڪن پاڻ، اگھا ان اهڃاڻ،پسو! سور سجھائيا. آهي گھڻواگھن جو، ترس طبيبن ڪيو وس ويڄن، تان ڪريءَ ري ڪين ٿئي.(سريمن ڪلياڻ داستان ٻيو) وڌيڪ پڙهو