تاريخ سان ويساهه گهاتين جي درد ڪٿا تحرير - فهيم فدا شورو دنيا ۾ جتي علم و ادب سان ظلم ۽ زيادتيون ٿيون آهن اتي تاريخ جهڙو دلچسپ موضوع به ايامن کان مظلوم ۽ باندي بڻيل آهي. اسان جي معاشري ۽ سماج ۾ تاريخ سان اهڙي جٺ ڪا نئين ڳالهه نه آهي پر هر دؤر ۾ هر گهڙي ۾ تاريخ سان اهڙيون ويساهه گهاتيون وقت بوقت ٿينديون رهيون آهن. علم و ادب يا تاريخ جهڙا دلچسپ موضوع ايترا مظلوم ڇو بڻيل آهن؟ انهن سان ايتري قدر ويڌن ۽ بيدادي ڇو ڪئي وڃي ٿي؟ سواءِ ذاتي مفادن جي، (پوءِ اهو جائز هجي يا ناجائز) محض درٻاري بنجي چند اثرائتي قوتن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي جو اصل حقيقتون گم ڪري، ساڙي، ڀسم ڪري پنهنجي من پسند ڳالهين کي تاريخ جو نالو ڏنو وڃي ٿو. چيو وڃي ٿو ته، تاريخ هڪ خبر جي حيثيت رکي ٿي ۽ خبر ۾ سچ ۽ ڪوڙ ٻنهي جو احتمال هوندو آهي. آئون (راقم الحروف) اهڙي تعريف ڪندڙن کي پنهنجي ننڍڙي علم ۽ ڄاڻ جي بنياد تي عرض ڪندو هلان ته خدا را! اوهان ڪوڙين خبرن کي ڇڏي، ڇنڊڇاڻ ڪري سچ کي منظر عام تي آڻي ان کي تاريخ جو درجو ڏيو ته جيئن اصل حقيقتن تان پردا کڄي پون ۽ پراڻي گرد وغبار سان لٽيل ڳالهيون منظر عام تي اچي سگهن. افسوس ته هتي ان جي برعڪس سچ کي ڇڏي ڪوڙين ڳالهين کي تاريخ جو درجو ڏنو وڃي ٿو، چند مفادي ڳالهين کي سونهري تاريخ شمار ڪيو وڃي ٿو. اهي تاريخ سان ويساهه گهاتيون ئي آهن جنهن ڪري ايامن کان پيدا ٿيندڙ ڪربلا جو واقعو ۽ امامن جي شهادت تان اصل حقيقتون اڄ ڏينهن تائين کڄي نه سگهيون آهن. ڪربلا جي واقعي جي تاريخ جو پهريون ڪتاب واقعه ڪربلا کان 250 سال پوءِ لکيو جنهن جي مهاڳ ۾ هو واضع طور لکي ٿو ته هن ڪتاب ۾ مون ڪربلا جي واقعي جي مناسبت سان سموريون ڪوڙيون ۽ سچيون روايتون گڏي آنديون آهن جن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جي ضرورت آهي. تاريخ جهڙي دلچسپ موضوع سان اهڙي جٺ هڪ ڀيرو نه بار بار ٿيندي رهي آهي. برصغير ۾ علماءِ ديوبند جي ڪارنامن کي غلط روپ ڏنو ويو، دين اسلام جي بلڪل منافي ”ٻه قومي نظريو“ پيش ڪيو ويو، آزادي جي جنگ جو اصل مقصد منظر عام تان هٽايو ويو، برصغير کي ٽوڙي مختلف رياستن ۾ تقسيم ڪري انهن کي پاڻ ۾ وڙهائي، سنڌ جي اصل واڳ ڌڻين تي پناهه گيرن کي مسلط ڪري اتي جي معيشيت، ڪاروبار، امن ۽ استحڪام تي راتاهو هنيو ويو. ريشمي رومال تحريڪ ۽ خلافت تحريڪ سان جيڪا جُٺ ڪئي وئي اها ته منظر عام تي اچي نه سگهي آهي، جنهن کان اڄ جي نوجوان کي بلڪل غافل بڻايو ويو آهي. علماءِ ديوبند مان خاص ڪري جيڪي قيس ۽ ڪلُور شيخ الاسلام سيد حسين احمد مدني ۽ امام انقلاب علامه عبيدالله سنڌي سان ٿيا انهن جي باري ۾ جيڪڏهن اصل حقيقتن کي پيش ڪيو وڃي ته هوند ڪيئي ڪتاب لکجي پون. پر تنهن هوندي به ڪي سڄاڻ ڌريون ۽ اهل علم حضرات انهي جفاڪشي ۾ همه تن ڪوشان آهن ته اصل حقيقتن کي منظر عام تي آندو وڃي. جيئن شيخ الاسلام سيد حسين احمد مدني جي ڏوهٽي حضرت مولانا فريد الوحيدي مولانا مدني جي زندگي تي ناياب ڪتاب ”شيخ الاسلام سيد حسين احمد مدني“ لکي مولانا سان ٿيندڙ ظلمن ۽ زيادتين کي وائکو ڪيو آهي. ان کان علاوه ڊاڪٽر ابو سلمان شاهجهانپوري، مدرسه مظهر العلوم کڏو ڪراچي جا موجوده مهتمم ۽ منتظمين صاحبان، امام عبيدالله سنڌي سان لاڳاپيل اهم شخصيتن به ڪافي حقيقتن تان پردا هٽايا آهن جيڪا تمام سٺي ڳالهه آهي. اسان جي لاڙ جي بهترين اديب حافظ حبيب الله ڇٽو المعروف حافظ ابو الاديب سنڌي ”مولانا عبيدالله سنڌي ۽ سندس ڪجهه همعصر“ ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ڪري امام انقلاب علامه عبيدالله سنڌي جي ڪردار کي ڪافي قدر نروار ڪيو آهي. اصل ڪتاب اردو زبان ۾ ڊاڪٽر ابو سلمان شاهجهان پوري جو تحرير ڪيل آهي. بر صغير جي تاريخ جو گهرائي سان مطالعو ڪندڙ يا مطالعي جو شوق رکندڙن کي گذارش ڪندس ته مهرباني فرمائي بيان ڪيل حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ ڪري اصل حقيقتن، ڪردان ۽ ڪارنامن کي ئي تاريخ سمجهيو ۽ مڃيو وڃي.
اها ڪا نئين ڳالهه ناهي.. مقصد جي حاصلات لاءِ هميشه جدو جهد ڪندڙن اڳيان رڪاوٽون آنديون ويون آهن... پر مذهب انتهائي نازڪ موضوع آهي.. هتي ڪو به ماڻهون پنهنجي عقيدي خلاف ڪجهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.. ڏسيل ڪتاب جيڪڏهن توهان وٽ ورڊ فارميٽ ۾ موجود آهن ته ادا سليمان وساڻ ڏانهن موڪليو
سائين رڳو مذھب نه پر اسان پنهنجي سوچ ۽ خيالي خوابن جي برعڪس ڪا به ڳالھ ٻڌڻ لاء قطعي طور تيار ئي ناهيون..اسان سمجهون ٿا ته سچ ڳالهائڻ ( ٻئي جي خلاف ) ئي بهادري آھي پر حقيقت ته اها آھي ته سچ ٻڌڻ ( پنهنجي خلاف ) ۽ ان کي برداشت ڪري سبق حاصل ڪرڻ حقيقي بهادري جو نالو آھي