ملڪي آزادي کان سواء مذهبي آزادي ناممڪن آهي فهيم فدا شورو ڪنهن به خطي، علائقي، ملڪ يا ديس ۾ مذهبي آزادي ۽ اعلاءَ ڪلمة الحق يعني حق ۽ سچ جي آواز کي بلند ڪرڻ تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن اهو خطو، علائقو، ملڪ يا ديس مڪمل طرح آزاد هجي، اتي جا رهواسي بااختيار ۽ آزاد هجن. ڪنهن جي غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل نه هجن. جيڪڏهن انهي خطي ۾ الله رب العزت جي مخلوق جاگيرداري، سرمائيداري نظام وٽ گروي ٿيل هوندي ته انهي خطي ۾ مذهبي آزادي ماڻڻ بنهه مشڪل ٿي پوندي. تنهنڪري مناسب آهي ته انهن ماروئڙن، بيواهن، لاچارن ۽ مسڪينن جي آزادي لاءِ جاکوڙيو وڃي ته جيئن اتي حق ۽ سچ جو آواز بلند ٿي سگهي. برصغير جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان پتو پوي ٿو ته انهي خطي ۾ ملڪي آزادي جي حوالي سان ڪافي مثال ملن ٿا. جيئن هندستان ۽ ننڍي کنڊ جا سمورا باشندا بنا ڪنهن ذات پات، رنگ نسل، دين ڌرم جي انهي ڳالهه تي متفق ٿيا ته جيستائين پنهنجو ملڪ ڌارين جي قبضي ۽ غلامي مان آزاد نه ڪرائينداسين تيستائين اسان هتي مذهبي آزادي حاصل نه ٿا ڪري سگهون. انهي ڏس ۾ هتي جا سوين نه پر لکين ڪروڙين مسلمان جام شهادت نوش فرمائي ويا. سوين هندو ۽ غير مسلم پنهنجي وطن تان قربان ٿي سرڳواسي ٿي ويا. اهو ئي ته عزم هو جو جڏهن مهاتما گانڌي کان هندستان جي سرزمين تي اگهاڙين پيرين هلڻ جو سبب پڇيو ويو ته مهاتما گانڌي جواب ڏنو هو ته، هندستان جي سرزمين کي شهيدن پنهنجي خون سان وهنجاري پاڪ ڪري ڇڏيو آهي، گانڌي نه ٿو چاهي ته هو هن پاڪ سرزمين کي جنهن کي شهيدن جي خون جو ريج ڏنل آهي، پنهنجي جوتين سان پليت ڪري. اهو هر هڪ هندستاني (پوءِ اهو مسلمان هجي يا هندو) جو نظريو ۽ عقيدو بڻجي چڪو هو ته اسان پنهنجي هندستان جي سرزمين کي ڌارين جي غلامي ۽ زنجيرن مان آزاد ڪرائينداسين. ملڪي آزادي حاصل ڪرڻ ۽ ڌارين کي لوڌي ڪڍڻ جي نقطي تي ئي جمعيت علماءِ هند ۽ انڊين نيشنل ڪانگريس متفقانه طور گڏيل تحريڪ هلائي جنهن سلسلي ۾ 1857ع ڌاري آزاديءَ جي جنگ لڳي. ڌارين انگريزن جي نيڪالي لاءِ انهي هلچل ۾ امام انقلاب علامه عبيدالله سنڌي رحمت الله عليه ۽ ٻين رهنمائن جي ڪارنامن ۽ ڪوششن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. مولانا عبيدالله سنڌي رحه 25 سال جلاوطني بعد پنهنجي هڪ تقرير ۾ فرمايو ته منهنجي وفات کان ٽن سالن بعد جيڪڏهن انگريز ڌاريو هندستان جي سرزمين ڇڏي هليو نه وڃي ته منهنجي مرڻ بعد منهنجي قبر تي اچي ميار ڏجو، آئون اوهان کي قبر مان ورندي ڏيندس ته نه ائين ڪڏهن به نٿو ٿي سگهي جو هاڻي انگريز هتي رهي سگهي. ڇو ته انگريز جي لاءِ مون هندستان جي سرزمين تپائي ڇڏي آهي هاڻي وڌيڪ هن جا ناپاڪ قدم هتي کُپي نٿا سگهن. تاريخ ثابت ڪيو ته مولانا عبيدالله سنڌي جي وفات 1944ع بعد ٽن سالن اندر 1947ع ڌاري انگريز هندستان مان نڪري ويو. نه صرف اهو پر مولانا عطاءُالله شاهه بخاري فرمائيندو هو ته انگريز کي نيڪالي ڏيڻ ۾ مون سان جيڪڏهن ماڪوڙين ساٿ ڏنو ته آئون انهن کي کنڊ جون ٻوريون پيش ڪندس. نه صرف برصغير جي تاريخ انهي ڳالهه جو ثبوت ڏئي ٿي پر اوهان عهد نبوي جو مطالعو ڪريو. جڏهن سورت النصر (اذا جاءَ نصر الله والفتح) نازل ٿي جنهن ۾ فرمايو ويو ته اي نبي! جڏهن الله جي طرفان مدد ۽ فتح ايندي ته تون ڏسندين ته ماڻهو ٽولن جا ٽولا، لشڪرن جا لشڪر بنجي الله جي دين ۾ داخل ٿيندا. انهي ڳالهه جو اشارو فتح مڪه سن 8 هجري طرف هو، جو جڏهن فتح مڪه ٿي ته ماڻهو ٽولن جا ٽولا، جماعتن جون جماعتون الله جي دين ۾ داخل ٿيندا ويا. انهي سورت ۾ ”مڪي جي فتح“ کي ”نصر الله والفتح“ سان تعبير ڪيو ويو آهي ۽ اها حقيقت آهي ته دين اسلام کي جيڪا تقويت مڪي جي فتح بعد ملي اها هن کان پهرين ڪڏهن نه ملي سگهي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪا قوم لاءِ تيسين آزادي حاصل ڪرڻ سولو نه هوندو جيسين انهن جي ذهنن ۾ مستقبل جي مذهبي آزادي ۽ انهن جا آزاد عقيدي وارا خواب نه ڏيکارجن... پر هتي ان جي ابتڙ آهي .. سنڌ جي آزادي حاصل ڪندڙ مذهب يا وري کڻي ائين چئجي ته اسلام کان به باغي آهن.. اهو ئي سبب آهي جو رڳو آزاد سنڌ جا خواب ڏسي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ هتان جا سنڌي پاڻ کي غلام سمجهن ئي نه ٿا...اهو ئي سبب آهي جو هتان جي قوم درست ليڊر جي منتظر ورهين کان آهي..!!
سائين منهنجا حقن جي آزادي لاء سچائي جو هجڻ شرط آھي.اوهان جي اها آزادي واري سوچ اوهان جي ذاتي مفادن کان بالا تر هجي پر هتي ته ان جي ابتڙ آھي.