رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
ڳمڀيرتا جو ڳاه
:::::::::::::::::
روح رولاڪين پاڇا پيرا بک بدن جي بڇڙي باه
ڏٻرا ڏوٿي ڏيه ٿيوآ انگ اگهاڙا سسڪين ساه
ٿر سڄو هو بر ٿيو ڪمزور بدن تي ڳجهيو ڪڙڪيون
مٺ ۾ ساه ڪري ٿا جيئن ڪو نه سکيو ڪو آيو ماه
ڪپڙا ڦاٽل هيئنڙو هيسيل منهنجي مارن جو آ ماڳ
توکي ڳولي ڳولي ڀاڳ جن جو پويون ٿيو آ پساه
مال لئه ڌرتي گاه سڪي ويو تن لئه ڪهڙو چارو آڻن
ٻار بکيا ٿيا باهوڙين ۾ روڄ ڪرن ٿا سڀ ارواه
آس ٿڪي آ مشڪل ماريو گره ڳڀي ڪا هو ليلائن
موت نه هت اموات ٿيا هن ڳاري ڳوهي ڳڻتين ڳاه
لبستم دائودپوٽه