محمد قاسم ماڪا - گهڻي رُخي صلاحيتن جو مالڪ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فيض گل ڇلگري طرفان آندل موضوعَ ‏25 جون 2016۔

  1. فيض گل ڇلگري

    فيض گل ڇلگري
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏16 جون 2016
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    59
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ماڳ:
    حيدرآباد
    [​IMG]

    محمد قاسم ماڪا : گهڻي رُخي صلاحيتن جو مالڪ

    تحرير : فيض گل ڇلگري

    فطرت هر انسان توڙي پکي پکڻ کان پنهنجي وس آهر ڪم وٺندي آهي پوء اهي انسان يا پکي پکڻ قدرت جي آڱر پڪڙي پنهنجي پنهنجي حصي جو آڇيل فرض ادا ڪندا رهن ٿا. ايستائين جو انهن جو جسم واپس ٻيهر مٽي ماء منجه ڳوهجي وڃي ٿو پر سندن زندگي لازوال بڻجي وڃي ٿي. ڪي انسان تاريخ جو تخليقون سلهاڙيندي سلهاڙيندي خود هڪ تاريخ جي خوبصورت تخليق بڻجي وڃن ٿا. انهن انسانن مان هڪ محمد قاسم ماڪا پڻ آهي. اڄ ان سنڌ جي محسن جي سوانحِ حيات بابت ڪجه لکڻ جو شرف حاصل ٿي رهيو آهي جيڪو پنهنجي زندگي قوم لاء جاکوڙيندي گذاريندو پيو اچي.
    محمد قاسم ماڪا 3 مئي 1953 ۾ سنڌ جي شڪارپور ضلعي ماڪا ڳوٺ شاه ڀٽائي جي خليفن واري گهراڻي ۾ جنم ورتو. امڙ سندس نالو ”گل بخت” ۽ والد ”محمد قاسم“ رکيو. سندس والد جو نالو شاه محمد هو علائقي وارا کيس شاه ڀٽائي جو ”خليفو“ چئي پڻ سڏيندا هئا. محمد قاسم ماڪا ابتدائي تعليم قاضي واهڻ مان، ايليمنٽري تعليم لکي غلام شاه ۽ ميٽرڪ گورنمنٽ هاء اسڪول سکر مان پاس ڪيائين. سن 1972 ۾ سچل ڪاليج حيدرآباد مان انٽرميڊيٽ ڪيائين. سن 1978 ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان سوشل ورڪ ۾ پوزيشن ساڻ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪيائين.
    قدرت محمد قاسم ماڪا منجه گهڻي رُخي صلاحيتون ۽ خوبيون سمائي سنڌي قوم خاطر اهڙا ته خاص ڪم ورتا آهن جيڪي اڄ تائين ڪو ٻيو نه ڪري سگهيو آهي.هڪ محقق، موسيقار، شاعر، راڳي، ڊائريڪٽر، رائيٽر، پروڊيوسر ۽ سوشل ورڪر جي طور محمد قاسم ماڪا سنڌ جي ثقافت، تهذيب، تاريخ ۽ سنڌي موسيقي کي محفوظ ڪيو. سندس مختلف ڪاوشن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.
    سنڌ جي قديم موسيقي کي جديد حالت ۾ تبديل ڪندڙ محمد قاسم ماڪا:
    سنڌي قوم لاء سندس سڀ ڪاوشون تمام اهميت رکن ٿيون پر سندس انمول ڪاوش سنڌ جي قديم صوفياڻي ۽ ڪلاسيڪل موسيقي کي جديديت جو روپ ڏئي شائقين تائين پهچائڻ آهي.جرمني مان ٺاهيل سڀ کان پهرين سنڌي گرامفون رڪاڊ کان وٺي پوري دنيا ۾ ٺهيل سمورا سنڌي گرامفون رڪارڊ سهيڙي انهن کي ڪئيسٽس ۽ سي ڊيز ۾ تبديل ڪري دنيا جي ڪنڊ ڪرڇ م رهندڙ سنڌي موسيقي جي شائقين تائين باآساني پهچائڻ محمد قاسم ماڪا جي انمول ڪاوش آهي.سنڌي موسيقي جي وارثي ڪندي محمد قاسم ماڪا جڳ مشهور امر راڳين جهڙوڪ: ڀڳت ڪنور رام، ماسٽر چندر، محمد ابراهيم، محمد جمن، مائي ڀاڳي، عابده پروين، محمد يوسف، استاد منظورعلي خان، وحيد علي خان، جمال فقير، سوڌل فقير، علڻ فقير، جيوڻي ٻائي، مائي بيگم فقيرياڻي، نوربانو، صنم ماروي ۽ جيجي زرينه بلوچ جهڙن امر راڳين جي ڪلامن کي ريڪاڊ ڪري پهريون ڀيرو ڪئيسٽس ۽ سي ڊيز جي شڪل ۾ جاري ڪيا. لڳ ڀڳ 3015 ڪيئسٽون هر ڪيئسٽ ۾ 6 کان 20 ڪلام رڪارڊ ٿيل آهن ان مطابق 30000 (ٽيه هزار) ڪلام رڪارڊ ڪري ريليز ڪيا. انکان علاوه محمد قاسم ماڪا 125 (هڪ سؤ پنهجويه) وڊيو سي ڊيز هر سي ڊي ۾ لڳ ڀڳ 7 کان 15 ڪلام مختلف ڪلاڪارن کان ڳارائي يعني 1500 سئو ڪلام وڊيو جي شڪل ۾ رڪارڊ ڪري شامل ڪيا ويا آھن.
    محمد قاسم ماڪا پاران 30,000 هزار رليز ٿيل ڪلامن مان 11,452 ( يارهن هزار چار سئو ٻاونجاه ) ڪلامن جون ڌُنون هن پاڻ ڪمپوز ڪيون آھن ۽ انهن جو ميوزڪ ڊائريڪٽر پڻ هو پاڻ آھي.ياد رهي ته پوري دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ ٻه يا ٽي مس اهڙا ڊائريڪٽر هوندا جيڪي ايڏي وڏي تعداد ۾ ڪلامن جي ڌنن جا ڪمپوزر گڏوگڏ ميوزڪ ڊائريڪٽر هوندا.جيڪڏهن الله سائين محمد قاسم جي فطرت کان اهڙو اعزازي ڪم نه وٺي ها ته شايد سنڌ جا راڳي اڄ ”امر“ راڳي نه سڏجي سگهن ها.انهن مان ڪيترائي هينئر وقت جي مٽي هيٺيان لَٽجي چڪا هجن ها ۽ سنڌي قوم جو ايندڙ نسل انهن امر راڳين کان اڻڄاڻ هجي ها.ڪن منفي سوچ رکندڙ ماڻهن ساڙ منجهان محمد قاسم ماڪا تي اجائي تنقيد ڪئي ته محمد قاسم ماڪا سنڌالاجي جو مواد پنهنجي ذاتي بزنس طور استعمال ڪيو.اهڙن الزامن خلاف سنڌ يونيورسٽي جي ٻن وائس چانسلرن مرحوم ڊاڪٽر نظير مغل ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا لکت ۾ پنهنجا وضاحتي بيان جاري ڪيا. ڊاڪٽر غلام علي الانا موجب
    ” آئون هڪ ذميدار فرد ۽ سنڌ يونيورسٽي جي سچي دل سان محبت ۽ خدمت ڪندڙ جي حيثيت سان هو لکت ۾ سنڌ واسين کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته محمد قاسم ماڪا تي لڳندڙ اهي الزام بلڪل من گهڙت ۽ بي بنياد آهن.پر اصل حقيقت اها آهي ته محمد قاسم ماڪا ميوزڪ جو ڪيترو ئي خزانو سنڌالاجي کي الائي ڪٿان ڪٿان هٿ ڪري تحفي ۾ ڏنو جيڪو سندس نالي سان ئي اسٽاڪ رجسٽر ۾ داخل ٿيل آهي“
    محمد قاسم ماڪا هڪ صافياڻو شاعر:
    محمد قاسم ماڪا صوفياڻي طبيعت رکندڙ هڪ صافياڻو شاعر آهي. سندس پنهنجي شاعريء جا پڻ 40 کان وڌيڪ صوفياڻا ڪلام ناميارن ۽ جڳ مشھور ڪلاڪارن علڻ فقير، مائي ڀاڳي، برڪت علي، ممتاز لاشاري، صنم ماروي، سوڍل فقير، جمال الدين فقير ۽ غلام رباني فقير ۽ صدام حسين ڳايا آھن ۽ سي ڊيز جي شڪل ۾ رليز پڻ ٿي چڪا آھن ۽ اهي سمورا ڪلام صوفياڻي شاعريء جي اثر ڪري بين الاقوامي شھرت حاصل ڪري چڪا آھن.

    محمد قاسم ماڪا هڪ ڪلاڪار ۽ راڳي:
    محمد قاسم ماڪا پاڻ هڪ سريلو گائڪ پڻ آھي سندس ڪلا جي پروڙ سندس ئي ڳايل مشهور ڪلام مان لڳائي سگهجي ٿي.
    ”ڇڏي ڏي ڇڏي ڇڏي
    اويلو گهر موٽي اچڻ
    تون ڇڏي ڏي“.


    محمد قاسم ماڪا جون پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان ۾ ڏنل خدمتون:
    محمد قاسم ماڪا پي ٽي وي تي سن 1973 کان وٺي سن 2002 تائين نيوز ريڊر، انائونسر، ڪمپيئر، ڊرامه آرٽسٽ ۽ ڪيترن ئي پروگرامن جو محقق، رائيٽر، پروگرام ڊائريڪٽر ۽ ميزبان پڻ رهيو آهي. پي ٽي وي تان نشر ٿيل سنڌ جي ڪلاڪارن تي تحقيقي پروگرام ”سر جو سفر“ سندس مشهور پروگرام رهيو.جنهن ۾ وفات ڪري ويل ڪلاڪارن تي تحقيقي پروگرام ڪيو ويندو هيو.ڪل 63 ڪلاڪارن تي مشتمل پروگرام جاري ٿيا.جن جي ترتيب ڪجه هن ريت آهي:
    راڳي: ماسٽر چندر، ويس ڌاري: الطاف سومرو، (پنج پروگرام)، راڳي: جيوڻي ٻائي، ويس ڌاري: ممتاز پنهور (ست پروگرام)، راڳي ڪنور ڀڳت، ويس ڌاري: جگديش ڪمار (ست پروگرام)، راڳي مائي الهه رکي، ويس ڌاري: سهڻي خان محمد پنهور (ڇهه پروگرام)، راڳي موٽڻ ڀڳت، ويس ڌاري: اشرف بلوچ (پنج پروگرام)، راڳي:مولي ٻائي، ويس ڌاري: روزي صنم (ڇهه پروگرام)، راڳي:استاد خير محمد خان، ويس ڌاري: ولي محمد ڀٽي (پنج پروگرام)، راڳي:عصمت بانو (چنگو منگو) ويس ڌاري: ڪرن زرين (هڪ پروگرام)،راڳي: خوشحالي ٻائي، ويس ڌاري: بختاوي سنڌي (ٽي پروگرام)، راڳي: سونا خان، ويس ڌاري: ڪاظم خان (ڇهه پروگرام). راڳي:استاد بيبو خان، ويس ڌاري: مظهر حسين (چار پروگرام)، راڳي: استاد منظور علي خان، ويس ڌاري: ذوالفقار علي (چار پروگرام).
    دنيا جي سڀ کان پهرين سنڌي چينل ڪي ٽي اين پاران نشر ڪيل پروگرام رنگ منچ جو نه صرف ميزبان پر محقق ۽ ڊائريڪٽر به محمد قاسم ماڪا ئي رهيو.سنڌي موسيقي تي ڪيل سندس اڻٿڪ ڪوششن تي سوجهرو رسالي جي سٿ پاران محمد قاسم ماڪا کي سوجهرو ايوارڊ ڏنو ويو.

    محمد قاسم ماڪا هڪ انٽرويودان :
    انٽرويو رڪارڊ ڪرڻ سندس ذاتي شوق رهيو جيڪو سن 1975 کان شروع ڪيائين جڏھن هو ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي تي هڪ ئي وقت ڪم ڪندو هو.ان عرصي دوران مرحوم شهيد ذولفقار علي ڀٽو، سائين جي ايم سيد، اڪبر بگٽي، حاڪم علي زرداري، ايوب کهڙو، سيد حسام الدين شاه راشدي، سرڳواسي سوڀو گيانچنداڻي سميت 263 برک شخصيتن جا تمام تفصيلي انٽرويو پڻ محمد قاسم ماڪا رڪارڊ ڪري محفوظ ڪيا آھن.شاه عبدلطيف ڀٽائي جو رسالو مرحوم سيد صالح محمد شاه صاحب جي آواز ۾ رڪارڊ ڪري پڻ محفوظ ڪيو آهي.
    محمد قاسم ماڪا هڪ اسڪرپٽ رائيٽر:
    جئين ته مٿي بيان ڪيل آهي ته محمد قاسم ماڪا هڪ ڊائريڪٽر، محقق ۽ پروڊيوسر طور ڪيترائي ريڊيو ۽ ٽي پروگرام جاري ڪيا.ان کان علاوه سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪانن، ھٿ جي هنرن، لطيف سرڪار، سچل سائين ۽ قلندر لعل شھباز سميت سنڌ جي عظيم هستين ۽ درگاهن تي 43 جامع ڊاڪيومينٽري/دستاويزي فلمون پڻ محمد قاسم ماڪا ٺاهيون آھن.سنڌ ڌرتيء جي نامور شخصيتن جي ناياب آوازن کي هٿ ڪري محفوظ ڪرڻ جي جاکوڙ جي نتيجي ۾ شهيد ذولفقار علي ڀٽو جي امڙ جو آواز علامه آء آء قاضي جون 41 تقريرون پڻ محمد قاسم ماڪا هٿ ڪري محفوظ ڪيون آھن.
    سنڌالاجي شعبي جي ترقي لاء ڪيل سندس جدوجهدون:
    سن 7 جنوري 2010ع تي ڊائريڪٽر وارو عهدو سنهڀاليندي محمد قاسم ماڪا سنڌالاجي جي سچي مجاور جي حيثيت سان پرخلوص ۽ ايمانداري سان سنڌالاجي جي ترقي لاء ڏينهن رات محنت ڪئي جنهن لاء کيس جيترو به داد ڏجي اهو گهٽ آهي.بقول ڊاڪٽر نذير مغل جي
    ”محمد قاسم ماڪا انتهائي ڪامپيٽينٽ آفيسر آهي.هي خوبصورت ۽ بي مثال طريقي سان سنڌالاجي جي ترقي لاء مسلسل پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي“
    سنڌالاجي شعبي جي ترقي لاء ادا ڪيل فرضن لاء هڪ الڳ وضاحتي مضمون لکي سگهجي ٿو پر مان هتي صرف ڪجه شين جو ذڪر ڪيان ٿو:
    1. سنڌالاجي ڪَهي ايندڙ ڏيهي توڙي پرڏيهي سياح لوڊشينگ سبب بجلي نه هئڻ ڪري واپس مايوس ٿي موٽي ويندا هئا. ڊائريڪٽر ٿيندي ئي هن سنڌالاجي ۾ ايمرجنسي لائيٽ سسٽم لڳرائي.جنهن جو ڪل ڪاٿو 55,000,00 (پنجونجاه لک) لڳايو ويو.توهان کي اها ڳاله پڙهي حيرت ۽ خوشي ٿيندي ته اهو ايمرجنسي لائيٽ سسٽم محمد قاسم ماڪا سنڌالاجي سان محبت رکندڙن جي مدد سان لڳرايو.ان لاء هُن سنڌ يونيورسٽي جي انتظاميه کان هڪ روپيو به نه ورتو.
    2. ڊاڪٽر غلام علي الانا جي مدد سان پاڪستان جي تاريخ جو اهو هارمونيم هٿ ڪري سنڌالاجي ۾ محفوظ ڪرايو جنهن هارمونيم تي پاڪستان جو قومي ترانو ڪمپوز ڪيل آهي.
    3. سن 1988ع کان 1994ع تائين محترمه شهيد بينظير ڀٽو پنهنجا ڪڙوڙين روپين جا قيمتي زيورات ۽ ناياب سامان سنڌالاجي کي تحفي طور ڏنا هئا جيڪي ڪن سببن ڪري ڊسپلي نه ٿي سگهيا هئا.محمد قاسم ماڪا پنهنجي ڊائريڪٽرشپ واري عرصي ۾ اهي قيمتي زيور ۽ ناياب سامان سنڌالاجي ۾ سهڻي نموني ڊسپلي طور سجايا.
    4. ڏيه توڙي پرڏيه مان سنڌالاجي گهمڻ لاء ڪهي آيل مهمانن جي ويهڻ لاء ڪو جوڳو بندوبست نه ٿيل هو.ان مسئلي جي حل لاء محمد قاسم ماڪا ڊائريڪٽر جي حيثيت سان سنڌالاجي جي آڳر ۾ منفرد قسم جو ڪرسيون،ٽيبلون ۽ ڇاؤن لاء پرڪشش ڇٽيون لڳرائيون.
    5. سنڌالاجي ۾ سنڌ جي برک شخصيتن، سياستدانن، ليکڪن، راڳين ۽ دانشورن جا ڪارنرس قائم ڪرايا.جنهن ۾ شهيد محتره بينظير ڀٽو ڪتاب ڪارنر، شهيد بينظير ڀٽو تصويري ڪارنر، شمشيرالحيدري ڪارنر، علڻ فقير ڪارنر،عالم چنا ڪارنر، بشير خان قريشي ڪارنر ۽ ٻين مختلف برک شخصيتن جا ڪارنر پڻ قائم ڪرايا.
    6. پنهنجي ڊائريڪٽرشپ دوران محمد قاسم ماڪا دنيا جو هڪ منفرد بڪ شاپ قائم ڪيو جتان بڪ شاپ مئنيجر کي فون ڪال ذريعي سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن،استادن،محققن، ۽ ملازمن کي بغير ڪنهن نفعي جي نصابي توڙي معلوماتي ڪتاب،جرنلز،اسٽيشنري سامان گهر ويٺي پهچائيو ويندو آهي.
    سنڌ يونيورسٽي انتظاميه پاران محمد قاسم ماڪا کي سنڌالاجي جي ترقي لاء ڪيل سندس بيپناه محنتن تي گولڊ ميڊل انعام پڻ ڏنو ويو.
    مختلف عهدن تي فائز رهندي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون:
    1. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ زرعي پروگرام ۾ ڪمپيئر ۽ انائونسر طور نوڪري حاصل ڪيائين.
    2. پاڪستان ٽيليوزن ۾ نوڪري حاصل ڪيائين.
    3. 1978ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي سنڌالاجي شعبي واري آڊيو وڊيو سيڪشن جي انچارج طور نوڪري حاصل ڪيائين.انکاپوء ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ 7 جنوري 2010 تي ڊائريڪٽر وارو عهدو سنهڀاليو.
    4. سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر رهيو.
    5.سنڌي لينگويج اٿارٽيء جو ميمبر رهيو.
    6.محمد قاسم ماڪا پوري پاڪستان جي اخبارن ۾ ڇپجندڙ آرٽيڪلس مان بهترين آرٽيڪل قرار ڏيندڙ جيوري ( ججز ) مان هڪ جج به رهيو آھي.اها جيوري گورنمينٽ آف پاڪستان پاران مقرر ڪيل هوندي آهي.

    سنڌ جي تهذيب، ثقافت، سنڌي موسيقي ۽ سنڌ جي تاريخ کي هڪ هنڌ سهيڙڻ لاء پاڻ پتوڙيندڙ محمد قاسم ماڪا لکين جس لهي.سنڌي قوم سندس ڪيل جدوجهد تي فخر محسوس ڪري ٿي.اهڙا قومي هيرو سنڌ امڙ لاء باعث فخر آهن.
    اهڙا سنڌي نوجوان جيڪي ”اڻهوند“ واري مايوسي مان گذري رهيا آهن انهن لاء محمد قاسم ماڪا جي زندگي هڪ بهترين مثال آهي.اسان نوجوانن کي گهرجي ته جهڙي نموني سان هنن انمول شخصيتن سنڌي ثقافت ۽ تهذيب جي وارثي ڪئي ساڳي ريت اهڙين نامور سنڌي شخصيتن جي وارثي ڪندي انهن کي دنيا جي نقشي تي نمايان ڪريون.
    آخر ۾ دعا آهي ته الله پاڪ محمد قاسم ماڪا ۽ سندس ڪٽنب کي شاد و آباد رکي.شال زمين و آسمان جي هر شر کان محفوظ فرمائي آمين.

    [نوٽ مٿيون پيش ڪيل مڪالو محمد قاسم ماڪا جي زندگي تي ڪيل منهنجي تحقيق جو حصو.جنهن ۾ وڌيڪ معلومات شامل ڪرڻ لاء منهنجي ڪوشش جاري آهي.مهرباني فرمائي منهنجي اجازت کان سواء ڪير به مٿيون تحقيقي مڪالو پنهنجي يا ڪنهن ٻئي جي نالي سان شايع نه ڪري]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏26 جون 2016
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محمد قاسم ماڪا بابت تمام سٺي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ مهربانيون.

    سنڌي موسيقي جي اصلي رنگن کي سهيڙڻ، محفوظ ڪرڻ ۽ عام ڪرڻ ۾ ماڪا صاحب جو وڏو هٿ آهي. کيس ان ڪم تي جس هجي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Moazzam baloch

    Moazzam baloch
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2012
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ادا جس لهو اهڙي معلومات ونڊ ڪرڻ سان تمام گهڻيون ڳالهيون توهان پهچايون محمد قاسم ماڪا جي باري ۾ ، هڪ جملو ماڪا صاحب جو هر وقت ياد رهندوآهي جڏهن به اوهان ماڪا پروڊڪشن جي ويڊيو پلئي ڪندؤ ته ماڪا صاحب چوندوآهي ڏيه چاهي پرڏيه ۾ رهندڙ اوهان سنڌ واسين کي محمد قاسم ماڪا طرفان سلام قبول
    جيڪي پروگرامن جي باري ۾ اوهان ذڪر ڪيو اگر انهن پروگرامن جو آڊيو يا وڊيو ونڊ ڪيو ته واه واه
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    محمد قاسم ماڪا جو تفصيلي تعارف ۽ سندن ڪارناما پڙهي خوشي ٿي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. فيض گل ڇلگري

    فيض گل ڇلگري
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏16 جون 2016
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    59
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ماڳ:
    حيدرآباد
    مانوارا سائين سليمان وساڻ
    همٿ افضائي لاء لک قرب.
    اڃان معلوماٿ سهيڙي رهيو آهيان.
    دل ۾ اميد رکي هڪ نماڻي گذارش آهي جيڪڏهن مٿي ڏنل مڪالو ڪنهن اخبار يا رسالي ۾ ڇپرائڻ ۾ مدد ڪندا ته جئين حوالا تيار ٿي سگهن ۽ وڪيپيڊيا تي محمد قاسم ماڪا جو پروفائيل تيار ڪري سگهان.
    وڌيڪ هٿ ادب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. فيض گل ڇلگري

    فيض گل ڇلگري
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏16 جون 2016
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    59
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سائين معظم بلوچ صاحب
    ادا همٿ افضائي لاء لک قرب
    سنڌالاجي ۾ پوري ڪليڪشن محفوظ آهي.توهان اتان حاصل ڪري سگهو ٿا.
     
  7. فيض گل ڇلگري

    فيض گل ڇلگري
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏16 جون 2016
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    59
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سائين سجاد چنا صاحب
    بلڪل ائين ئي آهي.
    سنڌي قوم اهڙن نامور شخصيتن تي فخر ڪري ٿي جن سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت جي مالڪي ڪئي آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عزيزالله ميمن

    عزيزالله ميمن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2012
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    Retired form govt.
    ماڳ:
    ميمن گوٽ ماير
    بهترين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. Moazzam baloch

    Moazzam baloch
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2012
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ادا جيڪر مدد ڪيو ته مهرباني ٿيندي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. فيض گل ڇلگري

    فيض گل ڇلگري
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏16 جون 2016
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    59
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ماڳ:
    حيدرآباد
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. Moazzam baloch

    Moazzam baloch
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2012
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
  12. Moazzam baloch

    Moazzam baloch
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2012
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    فيض صاحب هي مشورو به وٺو ته موسيقي کي آهسته سنڌ سلامت تي شيعر ڪيو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو