مست
سينيئر رڪن
اي سنڌ جا دشمن ڄاڻي وٺ، تون ڇا به ڪرين، تون ڇا به چوين،
هي منهنجي سنڌ سلامت رهندي..
تون پنهنجو ضد ڇڏي ڏيندين، تاريخ کان جي تون سبق سکين،
هي منهنجي سنڌ سلامت رهندي.
تون سنڌ اجاڙڻ چاهين ٿو، ها! هي مارُو مارڻ چاهين ٿو،
اڃان سنڌ جا هوشو زنده هن، ڪر خيال متان بي موت مرين.
هي منهنجي سنڌ سلامت رهندي.
تون سنڌ سُڪائڻ چاهين ٿو، ڇا! سوچ ذرا هي ممڪن آهه؟
ها سنڌ امڙ جي ڪر کنيو، متان ظلم جي ڪشتيءَ جي ساڻ ٻڏين.
هي منهنجي سنڌ سلامت رهندي.
هي سنڌ سموري سون منهنجي، پوءِ! ڇو پيا مارو بُک مرن؟
هي پاڪ وسيلا سنڌڙي جا، پيو غيرن کي بي مول وڪين.
هي منهنجي سنڌ سلامت رهندي.
هي مست جي مستي ٻولي ٿي، سر سنڌ مٿان ڀل صدقو ٿئي.
ساهه سنڌ امڙ جي لاءِ کڻان، تون لالچ جي ٿو ڪاڻ مرين.
هي منهنجي سنڌ سلامت رهندي
.
،