خواب تو واري جي خوشبو، اڄ به منهنجي من ۾ آ، باغ جي هٻڪار هوندي واءَ جي جهلڪن ۾ آ. آس هڪ اڀري ٿي پئي پر پوهه جي سورج جيان روشني، سردي وڌي ڪئي قيد ڪوهيڙن ۾ آ. زندگيءَ جي سرخروئي ڪجهه ته منهنجي سڪ ۾ آ، ڪجهه ته تنهنجي ريشمي ميندي رتن هٿڙن ۾ آ. چنڊ جو چمڪو، گلن جي مهڪ، چقمق جي ڪشش، دلڪشيءَ جو ڪيڏو سهڻو سلسلو سهڻن ۾ آ. گفتگو ماکي به آ مصري به آ ڪشمش به آ، ڪُل مٺاڻن جو مزو تنهنجي مِٺن گفتن ۾ آ. تون نه ساقي، مان نه ميڪش، بزم ناهي ميڪدو، شوق جو آ ڪرشمو، ڪيڏو نشو نيڻن ۾ آ. عشق کوٽو، حسن ڪوجهو، ٿي چڪو هي حادثو، چونءَ پچونءَ ڳوٺن ۾آهي، هوشرو شهرن ۾ آ. جرڪ پنهنجي مرڪ جي استاد جي ڳوڙهن ۾ ڏس، سج جي ڪرڻن جي رونق ماڪ جي قطرن ۾ آ. ____________ استاد بخاري