استاد بخاري: خواب تو واري جي خوشبو، اڄ به منهنجي من ۾ آ (غزل)

سجاد علي چنا

سينيئر رڪن
انتظامي رڪن
ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ
خواب تو واري جي خوشبو، اڄ به منهنجي من ۾ آ،
باغ جي هٻڪار هوندي واءَ جي جهلڪن ۾ آ.

آس هڪ اڀري ٿي پئي پر پوهه جي سورج جيان
روشني، سردي وڌي ڪئي قيد ڪوهيڙن ۾ آ.

زندگيءَ جي سرخروئي ڪجهه ته منهنجي سڪ ۾ آ،
ڪجهه ته تنهنجي ريشمي ميندي رتن هٿڙن ۾ آ.

چنڊ جو چمڪو، گلن جي مهڪ، چقمق جي ڪشش،
دلڪشيءَ جو ڪيڏو سهڻو سلسلو سهڻن ۾ آ.

گفتگو ماکي به آ مصري به آ ڪشمش به آ،
ڪُل مٺاڻن جو مزو تنهنجي مِٺن گفتن ۾ آ.

تون نه ساقي، مان نه ميڪش، بزم ناهي ميڪدو،
شوق جو آ ڪرشمو، ڪيڏو نشو نيڻن ۾ آ.

عشق کوٽو، حسن ڪوجهو، ٿي چڪو هي حادثو،
چونءَ پچونءَ ڳوٺن ۾آهي، هوشرو شهرن ۾ آ.

جرڪ پنهنجي مرڪ جي استاد جي ڳوڙهن ۾ ڏس،
سج جي ڪرڻن جي رونق ماڪ جي قطرن ۾ آ.

____________
استاد بخاري
 
Back
Top