ٻين شادي اسان وٽ هميشه متنازعه موضوع رهيو آهي، پر برطانيه جي رهائشي آزاد چائي والا (Azad chaiwala) جو چوڻ آهي ته ٻين شادي ۾ ڪو حرج ناهي. انڪري هِن همراه ”سيڪنڊ وائف” نالي هڪ ويبسائٽ ٺاهي آهي جنهن جي لانچ ٿيندي ئي اڻ ڳڻين ماڻهن رجسٽريشن به حاصل ڪري ڇڏي آهي. آزاد جي ڪوشش آهي ته ٻين شادي جا خواهشمند حضرات ان جي ويبسائٽ تي پنهنجو پروفائل رکن ته جيئن رشتي جي ڳولا ۾ ٻيا شخص ان کي ڏِسي ساڻن ڳالھ ٻولھ وڌائي سگھن ۽ في الحال ته هُو (آزاد) پنهنجي ڪوششن ۾ ڪامياب نظر اچي پيو. ويبسائٽ بابت آزاد جو چوڻ آهي ته ويبسائٽ تي خاص خيال رکيو ويندو ۽ ڪنهن به قسم جي بيهودگي نه ڦهلائي ويندي. هن ويبسائٽ بابت هُو ڇا ٿو چوي؟ وڊيو ۾ ڏِسو.