احمد لاريب سنڌي
سينيئر رڪن
اسلام اعليڪم
حق موجود
دوستو منهنجو نالو احمد لاريب سنڌي آهي
اصل ڳوٺ پنوعاقل ۾ عزيز آباد جي نالي سان آهي.
مرشد لطيف جا پوئلڳ آهيون.
سموري سنڌ سلامت جي ساٿين کي جس هجي جن دنيا تائين هر سنڌي جو آواز پهچائڻ ۾ سنڌي ٻولي کي اجاڳر ڪرڻ ۾ پنهنجي وس آهر هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي.
ٻئي خوشي اها به آهي ته سنڌ سلامت سٿ جي نئين ڪوشش جيڪا سنڌ سلامت ڪتاب گهر جوڙيو آهي جنهن جي بيحد گهڻي خوشي ٿي آهي. سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي ان ڪوشش جون لکين ڪروڙين واڌايون هجن.
مرشد لطيف جو هي بيت سنڌ سلامت جي سٿ تي بلڪل ٺهڪي ٿو.
تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرين جو.
سنڌ سلامت جا جاکوڙيندڙ جيڪي هر تتي ٿڌي ۾ پنهنجي جاکوڙ جاري رکيون ٿا اچن تن کي سرخ سلام هاڻ ايتري پڪ اٿم ته سنڌ سلامت سٿ جا سمورا ساٿي تاريخ جي ورقن ۾ هميشه امر رهندا.
مهربانيون پنهنجي پرين پياري سئوٽ فقير عابد ديشي جون جنهن سنڌ سلامت جي باري ۾ ڄاڻ ڏني ۽ مان به اوهان به اوهان جي سٿ ۾ شامل ٿي سگهيس.
ساٿ هلندو رهي لاٽ ٻرندي رهي.
سنڌ سلامت ، ساٿ سلامت.