• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

صوفي فنڪار جمال الدين فقير به لاڏاڻو ڪري ويو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
4mJSzz.jpg



سنڌ جو مشھور صوفي فنڪار
جمال الدين فقير
لاڏاڻو ڪري ويو
سڄي سنڌ سان گڏ سنڌ سلامت سٿ به سوڳوار آهي.

صوفي فنڪار جمال الدين فقير اڄ هن فني دنيا مان موڪلائي ويو. هو سهراب فقير جو پيارو شاگرد ۽سندس رنگ ۽ انگ جو يڪتا راڳي هو. جنهن لڳ ڀڳ 15 سال پنهنجي استاد کان سکيا ورتي ۽ سندس رنگ ۾ راڳ ويراڳ جو جهان جوڙي ورتو.شروع ۾ سهراب جي سنگ ۾ آلاپيندو هو ۽ پنهنجو سنگ جوڙيائين .هو لاڙ ۽ اتر ۾ سالن کان ڳسئيندو هو.جمال جي آواز ۾ جمال به ھو ته جلال به ،جوهر به هو ته گوهر به هو . هن ريڊيو پاڪستان خيربور تان راڳ جي شروعات ڪئي ۽ شھرت ماڻي.هو لطيف سائين ۽ سچل سائين جو ڪلام ڳاتو ۽ ميلي جي موقعي تي ڀٽ شه ۽ دررازا ۾ وجدان ۽ جولان سان ڳائيندو هو. (مختيار ملڪ)
 
سانگهڙ ضلعي جي ڳوٺ ٻوٻي اسٽيشن ۾ 1952ع ۾ مصري فقير جي گهر ۾ هڪ ٻار جي پيدائش ٿي، جنهن جو نالو جمال الدين رکيو ويو. درگاهه منٺار فقير راڄڙ کپري جي مريد مصري فقير جمال الدين کي سندس ننڍپڻ کان ئي درگاهه تي وٺي ويندو هو، ننڍي هوندي کان ئي درگاهه سان تعلق هئڻ ڪري پاڻ صوفي راڳي طور اڀريا، جمال الدين فقير صرف پرائمري تائين تعليم حاصل ڪئي، جمال الدين فقير 25 سالن جي ڄمار ۾ شادي ڪئي، کيس 9 ٻارن، چار ڌيئرن ۽ 5 پٽن جو اولاد آھي.
سندس پهريون پروگرام 1988ع ۾ پي ٽي وي تان نشر ٿيو، ان بعد سندس هڪ انٽرويو ريڊيو پاڪستان تان نشر ٿيو، ان بعد مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان پروگرام نشر ٿيندا رهيا.
جمال الدين فقير سنڌ جي مشھور صوفي فنڪار سهراب فقير جي انداز ۾ ڪلام پيش ڪندو هئو.
هو پاڪستان کان ٻاهر گورنمينٽ ڪلچرل ڊپارٽمينٽ طرفان اٽلي، جنيوا، سوئيٽزرلينڊ، لنڊن، بيلجيم ۽ آمريڪا سميت ترڪي ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو هو.
کيس شھرت ڏيندڙ ڪلام، اها مٽي حڪم ڪريندي هزار، آئون نچڻ واري تنهنجي ڀولڙي ۽ هم صنم ڪي در سي شراب پي آئي. انهن ڪلامن کيس عوام ۾ ڏاڍي مقبوليت بخشي.
کيس کوڙ سارا ايوارڊ مليا، جن ۾ شاهه لطيف جا ٻه ايوارڊ، هڪ 2001 ع ۾ ۽ ٻيو 2013ع ۾، هڪ سچل سرمست ايوارڊ به مليو، پي ٽي وي طرفان به ٻه ايوارڊ ڏنا ويا، آمريڪا ۾ سانا ڪنوينشن ايوارڊ ، مصري شاهه ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا. اڄ سندس المناڪ وڇوڙي تي سنڌي راڳ ويراڳ ڏکارو آھي.

Share
 
Back
Top