سماج ۾ منفيت جو رجحان ۽ نوجوانن ۾ وڌندڙ مايوسي جو ”ڪينسر“

'مختلف موضوع' فورم ۾ فيض گل ڇلگري طرفان آندل موضوعَ ‏27 جون 2016۔

  1. فيض گل ڇلگري

    فيض گل ڇلگري
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏16 جون 2016
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    59
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ماڳ:
    حيدرآباد
    تحرير: فيض گل ڇلگري
    سماج ۾ وڌندڙ منفيت (Negativity) نوجوانن
    جي شعوري سگه کي اڏوهي جيان کائي رهي آهي.اسانجي سنڌي سماج ۾ منفيت نهايت حساس مرض هئڻ باوجود ان خلاف اديبن، شاعرن ۽ ساڃاوند ٽولي پاران تمام گهٽ يا نه هئڻ بابر ڪي قلم کنيا ويا آهن.ان حوالي سان اهي دانشور جس لهن جيڪي سماج ۾ منفيت جي مرض کي روڪڻ لاء پنهنجي قلم جي سگه سان ڪافي اثرائتا اپاء وٺي رهيا آهن. سماج ۾ مثبتي (Positive) اثر جي ڀيٽ ۾ منفي (Negative) اثر جلدي ۽ گهڻي جڳه والاري ٿو.مثال طور جيڪڏهن ڪنهن ريلوي فاٽڪ تي ڪو بم ڦاٽو ته ڳاله باه جيان پکڙجي ويندي پر جيڪڏهن سنڌ جي نياڻي فرزانه پنهور دنيا جي 127 شاگردن کي پويان ڇڏي آمريڪا پاران ڪرايل ورلڊ مائڪروسافٽ آفيس اسپيشلسٽ Microsoft Office)
    (Specialist World Championship)
    ۾ برونز تمغو (bronze medal) حاصل ڪري آئي؛ اها ڳاله آهستي آهستي ماڻهن جي ڪنن تائين اچي پهچندي.
    بيروزگاري، ميرٽ جي لتاڙ، ميڊيا جي ٽاڪ شوز ۾ سياسي ڄُنڊاپٽ، دهشتگردي جا واقعات، ناانصافي وغيره منفيت پيدا ڪرڻ جا اهم عنصر آهن. نوجوان اهڙي منفيت ۾ چيڙهيل ماحول اندر جڪڙجي پنهنجون صلاحيتون وڃائي ويهن ٿا ۽ مايوسي ۽ نامحرومي جو شڪار ٿي ڪاميابي جي منزل تائين پهچڻ کان اڳ ئي رڪجي وڃن ٿا.
    ڳاله صرف منفيت تائين ختم نه ٿي ٿئي.هڪ طرف منفيت ته وري ٻئي طرف اُتساهي ۽ همت افضائي جي کوٽ ڪري به نوجوان مايوسي جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن.افسوس سان اهو چوڻو ٿو پوي ته جيڪڏهن ڪو نوجوان سماج جي بهتر معيار لاء پنهنجي صلاحيت ۽ همت آهر ڪو سٺو قدم کڻي ٿو ته هڪ طرف ان خلاف منفيت جي جنگ شروع ٿي وڃي ٿي ۽ ٻئي طرف نوجوان جي اهڙي بهتر عمل کي وڏڙن (وڏڙن مان مراد اسان جا (ڪي) داناء، ليکڪ، شاعر، سماجي ڪارڪن ۽ سٺو نظريو رکندڙ پڙهيل لکيل طبقو) طرفان همٿ افضائي ۽ اتساهي نه پئي ڏني وڃي.سوشل ميڊيا تي ڪي وڏڙا ايترا ته غريب آهن جو انهن وٽ نوجوانن جِي همت افضائي جَي هڪ لائڪ "like" لاء به کيسا خالي آهن.اهي فيسبڪ جي لائڪ تي آڱر رکڻ اصل خنجر جي نوڪ تي آڱر رکڻ برابر سمجهن ٿا.ڇاڪاڻ جو اُهي نوجوانن جي اهڙي ”معمولي“ سماجي بهتري کي فيس بڪ لائڪ جي لائق ئي نه سمجهندا آهن ۽ فيسبڪ جي لائڪ ڏانهن آڱر وڌائڻ مطلب هو پنهنجي ذاتي معيار کي گهٽ ڪرڻ برابر سمهجن ٿا. باقي غير ضروري ڳالهين تي پنهنجي موبائيل جي اسڪرين ئي گِسائي ڇڏيندا. ڪجه سماجي ڪارڪنن جي ذهنن اندر هڪ قسم جو ڀُوء طاري ٿي ويو آهي ته هي نوجوان سماجي بهتري جي بهاني سان اسان جي مرتبي واري”لسٽ“ ۾ شامل ٿيڻ چاهين ٿا.
    اسان جي اديبن، شاعرن، سماجي ڪارڪنن يا پڙهيل لکيل طبقي پاران همت افضائي ۽ اتساهي ئي منفيت سان جنگ وڙهڻ لاء هڪ وڏو هٿيار آهي.ان هٿيار جي کوٽ ڪري نوجوان جنگ هارائي مايوسي واري موت ۾ مبتلا ٿيندا پيا وڃن.
    ڳاله صرف مايوسي تي اچي ختم نه ٿي ٿئي.مايوسي صرف هڪ گناه نه آهي.مايوسي ٻين جي بي اعتمادي جي وجه سان پيدا ٿيندڙ هڪ اهڙي ذهني ڪيفيت آهي جنهن ۾ انسان نااميدي ۽ نامحرومي ۾ مبتلا ٿيو وڃي.مايوسي تڏهن جنم وٺي ٿي جڏهن انسان پنهنجي زندگي جي اهم ضروريات کان محروم ٿي وڃن.جيڪو انهن جي زندگي لاء ضروري آهي ان کي حاصل ڪرڻ لاء ڪوشش ڪري پر ڪنهن رجعتي، سياسي، معاشي، وغيره جي رنڊڪ ڪري ان شي کي حاصل نه ڪري سگهي. ان صورتحال جي نتيجي ۾ هو سماجي زندگي کان پري ڀڄي هڪ خودگرض ڪُنڊائتي زندگي گذارڻ شروع ڪري ٿو.اُن ماڻهو جو ذهن ذاتي خواهشن، لالچن ۽ ماده پرستي ڏانهن مائل ٿي وڃي ٿو.
    مايوسي جا صحت تي به ڪافي اثر پون ٿا.مثال طور ڊپريشن ۽ ڊيمينشيا (ڊيمينشيا نفسياتي بيماري جنهن سبب انسان جي سوچ، سمجه ۽ ياداشت ۾ گهٽتائي اچو وڃي)
    آخر ۾ آهستي آهستي مايوس شخص جي ذهن اندر منفيت جا اثرات ايترا ته حاوي ٿي ويندا آهن جو نتيجي ۾ هُو به بي اعتمادي ۾ اچي ڪري سماجي قدرن، آداب، اخلاقيات کي رد ڪرڻ شروع ڪري ٿو ۽ پوء معاشري جي تباهي جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو.
    ڪنهن شخص خلاف نڪرندڙ منفيت جا لفظ ڪجه دير کانپوء هوا ۾ اُڏري وسامي نٿا وڃن. منفيت ماحول اندر ئي موجود رهي ٿي. منفيت وڌي ويجهي ۽ ڊوڙي پئي. هو پنهنجي فوج به تيار ڪري رهي آهي.توهان همت افضائي ۽ اتساهي جو هٿيار ڏئي سنڌي نوجوان نسل کي بچايو.
    آخر ۾ سائين منهنجا سچ ته فيس بڪ يا سنڌ سلامت جو لائڪ ڪا خنجر جي نوڪ ناهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Mujeeb Rehman

    Mujeeb Rehman
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جون 2016
    تحريرون:
    35
    ورتل پسنديدگيون:
    58
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Givt.Employee
    ماڳ:
    Dadu
    بهترين ۽ ھڪ حقيقت..انسان ۾ منفي لاڙا جلدي واڌ ويجھ ڪندا آھن ۽ انسان برين شين جي طرف جلدي متوجه ٿيندو آھي پر منفي لاڙن جو رجهان شايد اسان جي ملڪ بلڪه سنڌ ۾ گهڻو وڌي رهيو آھي ان ۾ معاشري جو اثر ٿيندو آھي کوڙ پهلو هوندا آھن ڪجھ وقت پهرين تائين ان جي روڪڻ لاء يا انهن طرف رجهان نه وڃڻ لاء ٻارن کي اسڪول ۾ ئي نصاب سان گڏ غير نصابي سرگرميون ڪرايون وينديون هيون جنهن سان دماغ جي ورزش ۽ نشو نما ٿيندي هئي.انسان جو واندو ويهڻ ۽ حرص به ان کي منفي لاڙن طرف وٺي ويندو آھي.ڪتاب هڪ سٺو هٿيار آھي انسان کي مثبت لاڙن طرف مايل ڪرڻ لاء پر ان لاء علم جو هجڻ شرط آھي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو