ماضيء جو آئينو ؛ “ ايوڌيا ”

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏27 جون 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    ماضيء جو آئينو ؛ “ ايوڌيا ”

    شفيق الرحمان شاڪر

    اردو ادب ۾ “ اوڌ ” جي شامن ۽ “ بنارس ” جي صبحن جو عام ذڪر ملي ٿو. چون ٿا ته اوڌ جون شامون ۽ بنارس جون صبحون گھڻيون حسين هونديون آهن. اهو ئي اوڌ جنهن جي شام کي خوبصورت چيو ويو آهي ،“ايوڌيا” آهي جيڪو اتر هندستان جي ڏاکڻي وچ رياست اترپرديش ۾ فيض آباد جي ويجھو “گھاگھر درياء ” جي ڪناري آباد آهي. ايوڌيا جو شمار هندن جي قديم ترين ۽ ستن مقدس ترين شهرن ۾ ٿئي ٿو.اها ديومالائي، فلسفياڻي،ادبي،مذهبي ۽ تاريخي سرزمين قرار ڏني وڃي ٿي جيڪا هڪ ئي وقت اسلام، هندوازم، جين ازم،ٻڌازم ۽ سک ازم سان تعلق رکندڙ ماڻهن لاء ساڳيء طرح متبرڪ آهي. هن شهر جي آباد ٿيڻ جو سن تاريخدان ٻڌائي نه سگھيا آهن.300 سال قبل مسيح ۾ لکيل هندن جي هڪ مقدس ڪتاب “ رامائڻ” مطابق هي شهر “ مانو” آباد ڪيو هو جنهن کي هندن جو پهريون قانون ساز سمجھيو وڃي ٿو. پر دلچسپ ڳالهه اها جو خود مانو جو وجود به صرف هڪ ديومالائي قصو آهي ۽ سندس زماني جي باري ۾ ڪا مستنند روايت تاريخ ۾ نٿي ملي. بس اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته مانو کان پوء هي شهر ڪيتروئي عرصو “ سوريا” جي تخت جو هنڌ رهيو جنهن جي هڪ بادشاه “رام” کي هندو وشنو ديوتا جو اوتار ۽ پنهن جو ديوتا مڃين ٿا.

    پراڻي وقت ۾ ايوڌيا کي “ ڪوسال ديس” چيو ويندو هو.اترويد ۾ آهي ته “ هي شهر ديوتائن جوڙيو هو ۽ ان کي جنت نظير شهر سڏيو هو.” روايتن مطابق رام کان پوء ٽيهون ۽ آخري مشهور بادشاه “ بري هب دل ” هو جيڪو مهاڀارت جنگ ۾ ماريو ويو هو،اهو به چيو وڃي ٿو ته مهاڀارت جنگ کان پوء “ ڪوسال بادشاهت” جو زوال اچي ويو ۽ مهاتما گوتم ٻڌ جي زماني يعني ڇهين صدي قبل مسيح ۾ ان وري عروج حاصل ڪيو،ان کان پوء اها سلطنت ڪيستائين قائم رهي ان باري ۾ ڪجھه چئي نٿو سگھجي.

    ان جي باوجود جو ايوڌيا ۾ سموريون عبادتگاهون رڳو هندن جون ناهن، ان کي“ مندرن جو شهر” چيو وڃي ٿو. هتي هندن جا 55 مقدس مندر،10 دريائي گھاٽ ۽ وڻن جا 11 پرسڪون مڪان آهن جتي هندو پنهن جون مذهبي رسمون ادا ڪن ٿا. ان کان سواء ايوڌيا کي اهو اعزاز به حاصل آهي جو ان شهر مختلف دورن ۾ ٻڌازم،جين ازم، ۽ اسلام جي مضبوط قلعي جو به ڪردار ادا ڪيو آهي. جين ازم جي دعوائن مطابق انهن جا پنج “ تيرٿن ڪار” ايوڌيا ۾ پيدا ٿيا جن ۾ جين ازم جو پهريون تيرٿن ڪار “ ناٿ رشا ڀا ديو ” به شامل هو.

    انسائيڪلوپيڊيا آف برٽينيڪا موجب ايوڌيا قديم زماني ۾ نهايت ئي خوبصورت ۽ ديوارن وارو شهر هو. بعد ۾ هي شهر ٻڌازم جي هڪ مرڪزي شهر جي حيثيت ۾ به مشهور رهيو ۽ مهاتما گوتم ٻڌ ڪجھه عرصي لاء هتي رهيو هو. پنجين صدي عيسوي۾ ايوڌيا ۾ ٻڌ مذهب جون 100 کان مٿي عبادتگاهون موجود هيون. “قنوج” بادشاهت جو تعلق به ايوڌيا سان هو جيڪا 12 ۽ 13 صدي عيسويء ۾ “سلطنت اوڌ” جي نالي سان مشهور ٿي.بعد ۾ هي علائقو دهلي سلطنت، جونپور بادشاهت ۽ پوء 18 صديء ۾ مغل سلطنت جو حصو بڻجي ويو. 1856ع ۾ هن کي باقائدي برطانوي سلطنت جو حصو بنايو ويو.

    انسائڪلوپيڊيا مطابق هن شهر جي عمر گھڻي ڊگھي ٻڌائي وڃي ٿي پر هتي قديم ترين يادگارن جو انگ نه هئڻ برابر آهي. انهن مان هڪڙي بابري مسجد آهي جنهن کي پهرئين مغل شهنشاه ظهيرالدين بابر جوڙايو هو. هندن جي روايتن مطابق 16 صدي۾ تعمير ٿيندڙ اها مسجد عين ان هنڌ بنائي ويئي هئي جتي رام جي پيدائش جي جاء هئي ۽ بعد ۾ هتي هڪ مندر “رام جنم ڀومي” جي نالي سان تعمير ڪيو ويو هو. ڪجھه هندو اڳواڻن مطابق بابر اهو مندر ڊاهي اتي مسجد تعمير ڪئي هئي. اهو معاملو هندن ۽ مسلمانن وچ ۾ خطرناڪ ڇڪتاڻ جو سبب رهندو ٿو اچي. 1990ع ۾ ان معاملي اتر هندستان ۾ باقائدي زبردست فسادن جي صورت اختيار ڪري ورتي ۽ 6 ڊسمبر 1992ع ۾ هڪ هندو انتها پسند تنظيم جي هٿياربندن ان مسجد کي مڪمل شهيد ڪري ڇڏيو هو. جنهن کان پوء اٽڪل پورو هندستان سخت وڳوڙن ۾ وڪوڙجي ويو جن ۾ هزارين ماڻهو مري ويا.

    ايوڌيا ۾ مسلمانن جون جيڪي يادگارمذهبي جايون موجود آهن انهن ۾ سڀني کان مقدس حضرت شيش عليه السلام جي مزار آهي،روايتن مطابق حضرت آدم عليه السلام جو وڏو پٽ حضرت شيش عليه السلام جنهن مان سمورو انساني نسل اڳيان هليو سو ايوڌيا ۾ دفن ٿيل آهي.

    ايوڌيا ۾ لڪشمن گھاٽ جي ويجھو هڪ ٻي يادگار آهي جنهن کي “جهانگير جو مينار” چيو وڃي ٿو.لاهوري سرن مان ٺهيل ان ان يادگار جا هاڻي فقط ڪجھه حصا سلامت رهجي ويا آهن.روايتن مطابق ان مينار جي درين مان ايندڙ اندرين هوا سان بيمار صحتياب ٿي ويندا هئا. هتي هڪ نو وال ڊگھي قبر به آهي. ان قبر ۾ ڪير دفن آهي ،ڪوئي ڪجھه نٿو ڄاڻي.

    هندو ايوڌيا ۾ سال ۾ تيرهن کان وڌيڪ تهوار ملهائين ٿا يا ميلا منعقد ڪن ٿا. رام نواميء جو ميلو چيٽ جي نائين تاريخ اڌ چانڊوڪي رات ۾ لڳندو آهي.اتر هند ۾ ايوڌيا شايد واحد جڳهه آهي جتي هندو ياتري سڀ کان وڏي “پرڪراماس” ملهائيندا آهن. اها حقيقيت ۾ مختلف مقدس هنڌن جي ياترا آهي جيڪا مختلف وقتن ۾ ڪئي وڃي ٿي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. خدابخش مشاخ

    خدابخش مشاخ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2014
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    مزدوري
    ماڳ:
    ماتلي
    تمام سٺي ڄاڻ ادا
    ميهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو