مست
سينيئر رڪن
يوٽيوب جي حوالي سان روز روز نوان مسئلا سامهون ايندا رهن ٿا، انهن مان ڪيترن ئي مسئلن جا ته اسان عادي ٿي چڪا آهيون،
پر هي مسئلو اهڙو آهي، جيڪو ڳڻتي جوڳو آهي، اڄ رات جو 2:00 بجه يوٽيوب جي اڪائونٽس جي ڊيٽا ۾ خرابي جي ڪري سندس استعمال ڪندڙن کي پريشانيءَجو منهن ڏسڻو پيو ۽ يوٽيوب ڪيتري سيڪيورٽي رکي ٿي ان جو به پول کُلي ويو۔۔۔
مون سان پڻ اهو مسئلو ٿيو جو جڏهن مان پنهنجي اڪائونٽ سان لاگ اِن هيس ته ٿوري دير کان بعد منهنجي نالي جي جڳهه تي ٻئي اڪائونٽ هولڊر جو اڪائونٽ کُلي ويو، جنهن ۾ سندس وڊيوز ۽ فيورٽيز جا لنڪ هيا، مسئلي کي سمجهي نه سگهڻ تي وري ريفريش ڪيم ته وري ٻئي اڪائونٽ هولڊر جو نالو اچي ويو۔۔ اهڙي طرح هڪ کان ٻن منٽن تائين اهو حال رهيو ۽ منهنجو پنهنجو اڪائونٽ به ڪيڏي مهل لاگ ان ٿئي پيو ته وري ڪيڏي مهل پاڻهئي لاگ آئوٽ۔۔۔