زيب سنڌي سنڌ سلامت رهندي

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏28 جون 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    دل جي ڳالهه (هفتي وار ڪالم)
    سنڌ سلامت رهندي
    زيب سنڌي

    ڪاوش ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪو آرٽيڪل لکڻ کان پوءِ، 2010ع ۾ جڏهن مون دل جي ڳالهه جي سري هيٺ مستقل ڪالم لکڻ شروع ڪيو هو ته منهنجي پهرين ڪالم جو عنوان هو ”سنڌ فقط منهنجي آهي!“ ۽ مون انهيءَ ڪالم جي شروعات هنن لفظن سان ڪئي هئي، ”هي سڀ ماڻهو، شهر، ڳوٺ، ٻنيون، درياهه، صحرا، ميدان، پهاڙ ۽ پهاڙن مٿان اڏامندڙ سڀ پکي، اهو سڀ ڪجهه فقط منهنجو آهي. حيدرآباد کان لاڙڪاڻي، ڪراچي يا ٻين شهرن ڏانهن سفر ڪندي، رستي ۾ ايندڙ سمورن منظرن کي اکين ۾ سمائيندي، اڪثر اهو خيال منهنجي دل ۾ شدت اختيار ڪرڻ لڳندو آهي ۽ ان ۾ ڪنهن ”ٻئي“ جي شراڪت مون کي پسند ناهي هوندي. منهنجي ان خيال کي بيشڪ ڪو ”ٻيو“ ديوانگيءَ جو نالو ڏي، پر مون وٽ انهيءَ حالت جو نالو عشق آهي.“ انهن لفظن ۾ ”مان“ سان منهنجو مطلب فقط زيب سنڌي نه، پر هر سنڌي هو، ڇوته هر محب وطن سنڌي سنڌ سان اهڙو ئي عشق ڪري ٿو، جنهن ۾ کيس ڪنهن ”ٻئي“ جي شراڪت ڪنهن به حالت ۾ قبول ناهي. اڄ جڏهن مان هن ڪالم سان، هڪ ڀيرو ٻيهر مستقل ڪالم لکڻ جي شروعات ڪري رهيو آهيان، تڏهن اهي لفظ ورجائڻ جي ضرورت ان ڪري محسوس ڪئي اٿم ته، ڪجهه ماڻهن هڪ دفعو وري سنڌ کي ورهائڻ جو بي سُرو ۽ اڻ وڻندڙ راڳ آلاپڻ شروع ڪيو آهي، جن کي في الحال ته اسيمبليءَ اندر ئي، حڪمران پارٽيءَ مناسب جواب ڏنو آهي. وزير اعلي قائم علي شاهه کين مخاطب ٿي چيو، ”سنڌوءَ جو پاڻي پيئو ٿا، سنڌ جو کائو ٿا، ان ڪري سنڌ جو احترام ڪيو، ڇوته سنڌ ڌرتي اهم آهي.“ جڏهن ته انهيءَ کان هڪ ڏينهن اڳ صوبائي وزير مراد علي شاهه اسيمبليءَ جي فلور تي ڳالهائيندي چيو هو ته، ”سنڌ ڌرتي اسان جي ماءُ آهي، جنهن جي ورهاست ٿيڻ نه ڏينداسين... اسان جي وڏڙن سنڌ ۾ توهان کي ڀلي ڪري آيا چيو هو، ان ڪري سنڌي ڳالهائڻ سکو... اسان دل جا دروازا کوليون ٿا، پر توهان به دماغ جي دري ته کوليو... هن زمين سان محبت ڪيو ته توهان کي سنڌ ڌرتي وزير اعلي وزير اعظم جا عهدا به ڏيندي!“
    سائين منهنجا! هي فقير توهان جي انهن ڳالهين کي مناسب جواب ته چئي چڪو آهي، پر ”هنوز دهلي دور است“، ڇوته اهڙي صورتحال فقط تڏهن پيدا ٿيندي آهي، جڏهن ٻاهران آيل ماڻهو، ميزبان ڌرتيءَ کي دل سان پنهنجو سمجهندو آهي ۽ ان ڌرتيءَ جي خمير ۾ شامل ٿي ويندو آهي. تڏهن ئي ڪارو اوباما وائيٽ هائوس ۾ داخل ٿي گورن آمريڪين تي حڪومت ڪندو آهي ۽ هڪ پاڪستاني نسل جي ماڻهوءَ کي گورا لنڊن جو ميئر بڻائي ڇڏيندا آهن. سنڌ ۾ سڄو مسئلو ئي ٻوليءَ جو آهي. اسان ته ٻاهران آيلن جي اردو ٻولي سکي وياسين ۽ اها اسڪول ۽ ڪاليج سطح تي لازمي سبجيڪٽ طور پڙهون به ٿا، پر سنڌ اسيمبليءَ مان سنڌي ٻوليءَ جو بل پاس هئڻ جي باوجود، اردو ڳالهائيندڙ شاگردن کي اڄ تائين سنڌي لازمي جو سبجيڪٽ ڪاليج سطح تي نٿو پڙهايو وڃي! هي فقير فقط اهو ياد ڏيارڻ ٿو چاهي ته 1972ع ۾ پ-پ جي پهرين حڪومت واري وقت ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان سنڌي ٻوليءَ جي منظور ٿيل بل جي فقري 4/15 مطابق ”اهڙن سڀني ادارن ۾، جن ۾ چوٿين کان ٻارهين ڪلاس تائين تعليم ڏني پئي وڃي، سنڌي ۽ اردو لازمي مضمون جي حيثيت ۾ هوندا.“ انهيءَ بل تحت يارهين ڪلاس ۾ سنڌي شاگردن کي اردو ته پڙهائي وڃي ٿي، پر ان جي ابتڙ اردو ڳالهائيندڙ شاگردن کي سنڌي نٿي پڙهائي وڃي! سنڌي شاگرد يارهين ڪلاس ۾ لازمي مضمون طور اردو پڙهن ٿا ۽ ٻارهين ڪلاس ۾ کين سنڌي پڙهائي وڃي ٿي، پر اردو ڳالهائيندڙ شاگرد ٻنهي سالن ۾ فقط اردو ئي پڙهن ٿا. 1972ع جو ٻوليءَ وارو بل سنڌي ٻوليءَ کي لاڳو ڪرڻ خاطر هو، پر سنڌ جي ٻهراڙين ۾ رهندڙ شاگردن کي ڪنڌ ۾ پئجي وئي اردو! مان يارهين ڪلاس ۾ سنڌي شاگردن جي اردو پڙهڻ جي مخالفت قطعي نٿو ڪريان، جو ٻوليون محبتن کي وڌائڻ جو وسيلو هونديون آهن، پر هي ته ڄڻ سنڌي ڳالهائيندڙن کي هڪ طرفي محبت ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ٿو وڃي! 1972ع واري سنڌي ٻوليءَ جي انهيءَ قانون مطابق لازمي سنڌي سبجيڪٽ جي شروعات هيٺين سطح کان ٿيڻي هئي، جنهن مطابق اردو ڳالهائيندڙ ٻار پرائمري سطح تي چوٿين ۽ هاءِ اسڪول جي سطح تي ڏهين ڪلاس ۾ سنڌي پڙهن ٿا، ته پوءِ انهيءَ بل آڌار 1984ع کان لاڳو ٿيندڙ سنڌي سبجيڪٽ کي ڪاليج سطح تي شامل نه ڪرڻ جو سبب ”مين نا مانون“ کان سواءِ ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو!
    سنڌي اديبن ۽ استادن پاران 5-2004ع ۾ سنڌي نصاب کي يارهين ڪلاس ۾ لاڳو ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي وئي هئي ۽ پهرين جولاءِ کان 18 جولاءِ تائين حيدرآباد ۾ بک هڙتال به ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ اردو ڳالهائيندڙ حقيقت پسند ڪاليجي استادن پڻ حصو ورتو هو. انهيءَ جي نتيجي ۾ 29 جولاءِ 2005ع تي سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي، تعليم جي وفاقي وزارت کان يارهين ڪلاس جي شاگردن لاءِ سنڌي ۽ اردوءَ جي اسڪيم آف اسٽڊيز جي گُهر ڪئي هئي، جنهن تي وفاقي وزارت جي ڪريڪيوليم ونگ 22 آگسٽ 2005ع تي هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، جنهن تحت سنڌي ڳالهائيندڙ شاگردن لاءِ يارهين ڪلاس ۾ هڪ سئو مارڪن جي ”آسان اردو“، جيڪا سنڌي شاگرد اڳ ۾ ئي پڙهي رهيا هئا ۽ اردو ڳالهائيندڙ شاگردن لاءِ 100 مارڪن جي ”آسان سنڌي“ جي اسڪيم آف اسٽڊيز جاري ڪئي وئي هئي. ان مطابق سنڌ جي سيڪريٽري تعليم 27 سيپٽمبر 2005ع تي يارهين ڪلاس ۾ ”آسان سنڌي“ پڙهائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، جنهن تحت سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران ”آسان سنڌي“ جو ڪتاب پڻ ڇپائي تيار ڪيو ويو هو، پر 14 آڪٽوبر 2005ع تي گورنر سيڪريٽريٽ مان مداخلت سبب اهو نوٽيفڪيشن رد ڪيو ويو هو! جڏهن ته 2005ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران 30 هزارن جي تعداد ۾ ڇپايل ”آسان سنڌي“ وارو ڪتاب مارڪيٽ ۾ موڪلڻ بجاءِ گودام ۾ بند ڪيو ويو هو. گودام ۾ بند ڪري وساري ڇڏيل هن ڪتاب جيان، اسان سنڌي نصاب جي انهيءَ مسئلي کي به وساري ڇڏيو آهي! ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته ”آسان سنڌي“ وارو اهو ڪتاب گدام منجهان ڪڍي اردو ڳالهائيندڙ شاگردن جي هٿن تائين پهچائڻ لاءِ دل سان ڪوشش ڪئي وڃي، جيئن اردو ڳالهائيندڙن جو نئون نسل سنڌي ٻولِيءَ جي ڪجهه ويجهو ته اچي سگهي. باقي سنڌ صدين کان سلامت رهي آهي ۽ سدائين سلامت رهندي، جو سنڌ نه اَڪَ جي ماکي آهي ۽ نه لئيءَ جو لَڪڻ، جنهن کي ڪو مزي سان ڳڙڪائي يا ٽوڙي ورهائي سگهي، ڇوته سنڌ گدڙن نه کاڌي آهي ۽ ”سنڌڙيءَ تي سِرُ ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار“ چوڻ وارا اڃا مئا ناهن.


    روزانه ڪاوش 28 جون 2016
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو