رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
هوا جهانجهر ٿي جهومي ٿي
:::::::::::::::::::::::::::
هوا جهانجهر ٿي جهومي ٿي
اکڙين لڙڪ هاري ٿي
هو ساحل تي سڏي ڪوئي
لحرن ۾ ٿي ڳاري ٿي
اشارا فلڪ تائين هن
ستارا ڳڻپ تائين هن
زمين زيور زماني جا
عڪس آسمان اڀ ۾ آ
سڪون ۾ هي تراوت آ
عشق جي عداوت آ
نه ڪوئي رمز کي سمجهي
نه ڪوئي راز ڄاڻي ٿو
پگهر پاڻي ڇاڻي ٿو
نه ڏک کي ڏوراپو آ
نه سک لاءِ سهمت آ
حياتي ڄڻ ڪا زحمت آ
نه ئي ڪو هوش آ ڪنهن کي
نه ڪنهن ۾ ڪو عقل آهي
فنا جي طرف سڀ هڪلي
پڄڻ لئه پير وک ٿي ويا
سڪونن جا پو سک ٿي ويا
نه رهندو ڪو هتي ارواه
باندي ٿي گذاريو جنهن
اهو ئي آس کي پهتو
وڃي ڪنهن ناس کي پهتو
وحدت جت وجودن ۾
سڏي ٿي پئي جيئن سرڪي
قربن ۾ اندر ڪرڪي
نه ڪو ويس جت آهي
حيائن جو جهان جت آ
اهو ئي کيت کاسو آ
پيار ونهنوار پياسو آ
اتي جي ڪر ڪمائي ڪا
هي جيون جنهن لئه جوڙيو ويو
ڪنهن هڪ پل لئه کوڙيو ويو
نه ئي ڪا دل لڳاءِ هتڙي
هي دنيا ڪوڙ جو ڪپ ڙي
هلو يا ڪو وٺي ويندو
جتي ڪو وقت ناهين ڪو
جتي سڀ هڪ عمر آهي
جتي سوچڻ کان اڳ سامهون
خواهش ٿي تنهنجي پوري
حياتي ڪين ٿي ٿوري
نه جت ڪو ڏينهن پو هوندو
نه ئي ڪا رات ڪا ٿيندي
جتي سڀ معاف ٿي ويندو
عڪس بي تاب ٿي ويندو
نه ئي ڪا ٻي پچر هوندي
رڳو خالق جي صورت کي
اکين ۾ عڪس ٿي پوندو
اکين ۾ عڪس ٿي پوندو
لبستم دائودپوٽه
:::::::::::::::::::::::::::
هوا جهانجهر ٿي جهومي ٿي
اکڙين لڙڪ هاري ٿي
هو ساحل تي سڏي ڪوئي
لحرن ۾ ٿي ڳاري ٿي
اشارا فلڪ تائين هن
ستارا ڳڻپ تائين هن
زمين زيور زماني جا
عڪس آسمان اڀ ۾ آ
سڪون ۾ هي تراوت آ
عشق جي عداوت آ
نه ڪوئي رمز کي سمجهي
نه ڪوئي راز ڄاڻي ٿو
پگهر پاڻي ڇاڻي ٿو
نه ڏک کي ڏوراپو آ
نه سک لاءِ سهمت آ
حياتي ڄڻ ڪا زحمت آ
نه ئي ڪو هوش آ ڪنهن کي
نه ڪنهن ۾ ڪو عقل آهي
فنا جي طرف سڀ هڪلي
پڄڻ لئه پير وک ٿي ويا
سڪونن جا پو سک ٿي ويا
نه رهندو ڪو هتي ارواه
باندي ٿي گذاريو جنهن
اهو ئي آس کي پهتو
وڃي ڪنهن ناس کي پهتو
وحدت جت وجودن ۾
سڏي ٿي پئي جيئن سرڪي
قربن ۾ اندر ڪرڪي
نه ڪو ويس جت آهي
حيائن جو جهان جت آ
اهو ئي کيت کاسو آ
پيار ونهنوار پياسو آ
اتي جي ڪر ڪمائي ڪا
هي جيون جنهن لئه جوڙيو ويو
ڪنهن هڪ پل لئه کوڙيو ويو
نه ئي ڪا دل لڳاءِ هتڙي
هي دنيا ڪوڙ جو ڪپ ڙي
هلو يا ڪو وٺي ويندو
جتي ڪو وقت ناهين ڪو
جتي سڀ هڪ عمر آهي
جتي سوچڻ کان اڳ سامهون
خواهش ٿي تنهنجي پوري
حياتي ڪين ٿي ٿوري
نه جت ڪو ڏينهن پو هوندو
نه ئي ڪا رات ڪا ٿيندي
جتي سڀ معاف ٿي ويندو
عڪس بي تاب ٿي ويندو
نه ئي ڪا ٻي پچر هوندي
رڳو خالق جي صورت کي
اکين ۾ عڪس ٿي پوندو
اکين ۾ عڪس ٿي پوندو
لبستم دائودپوٽه