نـديءَ جو گـيـت جبران خليل جبران / پروفيسر عطاء اللھ ابڙو مان واديءَ ۾ پسار ڪري رهيو هوس، جو سرمدي وجود جي اسرار جو اعلان ڪندي، صبح جي ڪنوار پنهنجي روشن رخ تان نـقاب کنيو. ڇا ٿو ڏسان، ته هڪ ندي پهاڙن ۾ وهي رهي آهي ۽ اوچي آواز ۾ هڪ من موهيندڙ گيت ڳائي رهي آهي. زندگي ڇا آهي؟ - عيش ۽ آرام؟ نه، زندگي ته صرف مقصد ۽ ان جو جذبو آهي! موت ڇا آهي؟ - نيست ۽ نابودي؟ نه، موت ته صرف مقصد کان دوري ۽ مايوسي آهي! فلسفي ڪير آهي؟ - جيڪو فلسفياڻيون ڳالهيون ڪري؟ نه، پر اهو، جيڪو فلسفي جي ڳجهن رازن کي ڄاڻي! وڏو ماڻهو ڪير آهي؟ - جيڪو وڏي عهدي تي فائز هجي؟ نه، وڏو ته اهو آهي جيڪو وڏن عهدن کي ٿـڏي ڇڏي! شريف ڪير آهي؟ - جنهن جو نصيب ساڻي هجي؟ نه، گهڻا شريف ته قسمت جا ماريل هوندا آهن! ذليل ڪير آهي؟ - جيڪو قيد جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هجي؟ نه، زنجير ته ڪڏهن هارن کان به وڌيڪ اعليٰ ۽ عظيم هوندا آهن! بهشت ڇا آهي؟ - ثوابن جي دنيا؟ نه، بهشت ته صرف پاڪيزه دل جو نانءُ آهي! دوزخ ڇا آهي؟ - عذابن جو گهر؟ نه، دوزخ ته فقط محبت کان خالي دل جو نانءُ آهي! جاگيرداري ڇا آهي؟ - دولت جو گڏ ڪرڻ؟ نه، دنيا جا گهڻا ٿڏيل انسان گهڻن کان گهڻا شاهوڪار هوندا آهن! محتاج ڪير آهي؟ - جيڪو حقير هجي؟ نه، دنيا جي دولت ته اٽو ۽ لٽو آهي! حسن ڇا آهي؟ - خوبصورتي؟ نه، حسن ته هڪ جلوو آهي، دلين لاءِ! ڪمال ڇا آهي؟ - جيڪو پرهيزگار کي حاصل ڪري؟ نه، گهڻـي بـزرگـي ۽ ڪـمال ته ڪجهـه گـنـاهــن ۾ پوشيده آهي! پهاڙن کي نديءَ اهو گيت ٻڌايو. هن نديءَ جا گيت گهڻو ڪري، انهن سمنڊن جا اسرار هوندا آهن.