هڪ ڀيري ڪاڪوآچار شهر ويو ڪنهن ڪم سانگي۔۔ موٽ تي کيس رات پئجي وئي، مٿان وري آفت اها جو مينهن به اچي ڪڙڪيو۔۔ هاڻي ڪاڪو ڇا ڪري۔۔؟ ڪاڪي شهر مان ڪجهه سامان ورتو هو، جنهن ۾ هڪ ديڳڙي به هئي۔۔۔ بس ڪاڪو ته هو "جينيئس مائينڊ"، هڪ اهڙو آئيڊيا ذهن ۾ آيس۔۔( ڪنهن کي ٻڌائجو نه) پر اُن تي عمل ڪرڻ کان پهرين هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين، ڪو به نظر نه آيس۔۔پوءِ ۔۔۔ پنهنجا سمورا ڪپڙا ديڳڙي ۾ وجهي، ديڳڙي کي مٿي تي اونڌو ڪري وٺي ڊوڙ پاتائين۔۔۔ پوءِ ڳوٺ جي ويجهو پهچي هڪ گهاٽي وڻ جي اچي ساهه پٽيائين۔۔۔ پوءِ سُٺي نموني تيار ٿي مينهن جي رُڪڻ جو انتظار ڪيائين۔۔ ڪاڪو ڳوٺ پهتو ته سڀ حيران۔۔۔ ڪنهن چيو هل ڙي ڪاڪا، تون ته صفا ڪو غيبات آهين۔۔۔؟ مينهن توکي پُسايو ئي ڪونه۔۔ ڪاڪي جواب ڏيندي دير ئي نه ڪئي۔۔۔ " اڙي پنهنجي ڪاڪي کي ايئن سمجهيو اٿوَ ڇا، مينهن مون کي ڪيئن پُسائيندو، مينهن جو ڦُڙو هُت ته آئون هتِ، ايئن سڀني ڦڙن کي بچندو اچي پهتو آهيان"
جواب: مِينهن وري ڪيئن پُسائيندو۔۔؟ هيل لڳي ٿو ڪاڪي آچار سان سندس موڀي پٽ پپنو گڏ ڪونه هو نه ته اڃان بهتر صلاح ڏئيس ها ۔۔۔ باقي ڳالهه هڪ مون وٽ به آهي ته ۔۔۔ ننڍڙي لئه رئيس ڪئنال جي ڀر ۾ وهندڙ واهه ۾ وهنجڻ ويس، چڍي پاتل هئي باقي قميص ۽ چپل لاهي ٻني تي رکي هيم، گهڻو وقت تڙڳي تڙڳي جڏهن ٻاهر نڪتس ته وڻ ئي وڄي ويا چپل ۽ قميص غائب، سو هاڻ اها اڻ تڻ ته امڙ کي ڇا ٻڌائيندس ته قميص ۽ جتي ڪيڏانهن ويا؟ خئير هڪ خيال آيو، چڍي لاهي کڻي رئيس ڪئنال ۾ اڇلايم ۽ الف ٿي اچي گهر پهتس، گهر ٻاهران روئڻ شروع ڪيم ته امڙ ڀڄندي آئي، چيائين اڙي ابا ڇا ٿيو؟ مونکي الف ڏسي وڌيڪ پريشان ٿي وئي ۔۔۔ مون روئيندي کيس چيو ته امان بدمعاش ڇوڪرا آيا، مونکي مار به ڪڍيائون ۽ ڪپڙا لاهي کڻي ويا ۔۔۔ امڙ کي ڏاڍي ڪهل آئي سو پيار به ڪيائين ۽ خرچي به ڏنائين ۔۔۔ دوستو ڇا خيال آهي؟ آهي نه پپني واري ڪار ۔۔۔
جواب: مِينهن وري ڪيئن پُسائيندو۔۔؟ واهه واهه !نثار ابڙا، الف نگو ! نگو وين ڀڳو، امڙ سياڻي پيارو جنهن پاڻي، تو وين بچي ، جيجل ڏني توکي خرچي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔! ! !
جواب: مِينهن وري ڪيئن پُسائيندو۔۔؟ هائو ڙي يار ناز! ”وه ڪاغذ ڪي ڪشتي وه بارش ڪا پاڻي“ ننڍپن به عجيب هوندو آهي، ڪهڙا ڪهڙا واقعا ۽ ڪهڙيون ڪهڙيون حرڪتون ٿي وينديون آهن جو وڏي لاءِ ماڻهون اصل عجب ۾ پئجي ويندو آهي ۔۔۔ ۽ هونءَ به زندگي آهي ڇا ؟۔۔۔ اڄ ننڍو صبح وڏو، سڀاڻي پوڙهو ۔۔۔ ڳالهه ختم ۔۔۔ پر جي غور ڪجي ته ان عرصي ۾ هزارين فسانا، هزارين ڪهاڻيون ۽ هزارين لمحا جن کي ياد ڪري ماڻهون پيو ٺار ٺار ٿئي ۔۔۔
بس سائين نثار هن ننڍڙي سفر ۾ هزارين اڻکٽ ۽ اڻٽٽ يادگيريون ملنديون آهن ائين بڍپن ته هونئن ئي بادشاه آهي.
واهه جي ڳالهه ياد ڏياري ڇڏيوَ.. مون وارو وڏو ڀاءُ ۽ وڏو ماسات ننڍي هوندي ڳوٺ جي ڀرسان واري شاخ ۾ وهنجي رهيا هئا.. عيد جا ڏينهن هئا.. ڀاءُ تڏهن شوق ۾ نئين گهڙي ورتي هئي ۽ اها قيمتي به هئي. پوءِ ٿيو ايئن جو ادو جڏهن وهنجي ٻاهر نڪتو ته ڏسي سندس ڪپڙا ۽ جتي ته موجود آهن پر گهڙي آهي ئي ڪونه.. ٻنهي ڳولا ڪئي ڀرسان هڪ مائٽ ٻڪريون چاري رهيو هو، ان کان پڇا ڪئي ته ان هڪ ٻئي سڃاڻوءَ جي نشاني ڏني ته اهو شخص ٿوڙي دير پهرين اتان لنگهيو هو ۽ ان جا اهي ڪم به هوندا آهن ان ڪري هي ڪم پڪ انهيءَ ڪيو آهي.. پر ان صلاح ڏني ته ڊائريڪٽ اوهان ويندو ته هو ڪونه مڃيندو.. اوهان مان هڪڙو وڃي گهران ڪا پوتي کڻي اچي ۽ ٻيو سرُن جا ٻه اڌڙ کڻي ان ۾ رکي وٽس وڃو ۽ کيس چئو ته ابا اسان قرآن ميڙ ڪري آيا آهيون.. آئڊيا ڪامياب ويو ڇو ته اسان جي ٻهراڙين ۾ انسان قرآن پڙهندا ته ڪونه آهن باقي قرآن ميڙ کڻي اچڻ انهن لاءِ وڏو مطلب آهي.. مون وارو ادو جيئن جو سرن جا اڌڙ پوتيءَ ۾ ويڙهي سندس در تي ويو ته همراهه پري کان هڪل ڪئي اندر نه کڻي اچجان. اتي ئي بيهه. مان تنهنجي گهڙي کنئي آهي.. کڻي ٿو اچان.. پوءِ مون واري ڀاءُ کي گهڙي ملي ته اتي ئي سرن جا اڌڙ اڇلائي وٺي ٿو ڀڄي... اڄ به کانئس جڏهن اها ڳالهه پڇندا آهيون ته ڏاڍو مزي سان ٻڌائيندو آهي..