دهشت جو راڪاس ۽ قومي اتحاد جو سوال. شفيق الرحمان شاڪر هڪ اهڙو سماج جتي سانحي مٿان سانحو ٿئي ٿو ۽ ڪجھ ئي دير ۾ اهو سانحو هڪ عام واقعي ۾ بدلجي وڃي ٿو ۽ ڪجھ ڏينهن کان پوء اهو واقعو اسان مان هرڪو ڀلجي وڃي ٿو.ڪنهن چيو:قلم پڇي ٿو ته ڇا لکان؟ رت ۾ رڱيل سوال لکان يا بارود ۾ رک ٿيل جواب لکان؟ صبح ۽ شام ڪرندڙ لاشن جو حساب لکان يا ڄمي ويل اکين ۾ ڇانيل وحشتن جا باب لکان؟ وطن وارن جي سٺا سي عذاب لکان يا جي ٽٽي ۽ وکري ويا سي خواب لکان؟ امجد صابريء جهڙا ڪئين بي گناه انسان خون ۾ تڙپي تڙپي هي جهان ته ڇڏي وڃن ٿا پر پنهن جي پويان جيڪي سوال ڇڏي وڃن ٿا،اسان مان انهن سوالن جو جواب ڪنهن وٽ به ناهي،انهن کي ڪهڙي ڏوه ۾ قتل ڪيو ويو،اها خبر انهن کي به نه هئي. البته اسان سڀ اهو ضرور ڄاڻون ٿا ته هتي اهڙن سانحن تي به پنهن جي سياست جا دوڪان چمڪايا ويندا آهن۽ اهو ڄاڻون ٿا ته هتي ڪوبه سانحو آخري نه هوندو آهي.بار بار سانحا ٿيندا آهن.ڪيترا سانحا اسان جي بدنصيب قوم تي گذري ويا، ڪيترين مسجدن ۾ نمازين تي بارود جا ڍير وسايا ويا، شهرن جا شهر رت ۾ وهنجاريا ويا، بازار بازار ڌماڪن ۾ لاش ڪيرايا ويا،گھٽي گھٽي خون سان رنگين ٿي ويئي، اسڪولن ۾ معصوم ٻار ظلم ۽ بربريت جو نشانو بنايا ويا، يونيورسٽين ۾ نوجوانن جا سينا ڇليا ويا، چونڊي چونڊي جيد عالمن کي قتل ڪيو ويو، وڏا وڏا فنڪار، رضاڪار، دانشور، صحافي، استاد، ڊاڪٽر۽ اديب اونداهين راهن ۾ ماريا ويا. هر قوم،هر رنگ ،هر نسل ،هر مسلڪ ۽ هر فرقي جا ماڻهو ماريا ويا پر ڪوبه سانحو ۽ ڪوبه واقعو نه اسان جي حڪمرانن جون اکيون کولي سگھيو ۽ نه ئي اسان کي هڪ قوم جي طور متحد ڪري سگھيو. لاش کڻي کڻي اسان ٿڪجي پياسين پر نت نوان بحث ڪندي ۽ نت نيون تاويلون ڏيندي اسان اڃا ناهيون ٿڪا.اهڙا بحث جيڪي اسان کي وڌيڪ ورهائيندا ۽ هڪٻئي کان ڌار ڪندا ٿا وڃن. اهڙن دل لوڏيندڙ سانحن کان پوء به اتحاد بدران نفاق اسان “ عظيم” قوم جي ئي سڃاڻپ آهي. امجد صابريء جي قتل جي دل ڏکوئيندڙ واقعي کان پوء فيس بڪ تي ڪجھ ان قسم جون پوسٽون به نظر آيون جن جي پڙهڻ سان دل سڙي وڃي ٿي. غيرمسلمن تي هروقت تنقيد ۽ عيب جوئي ڪرڻ وقت ڪڏهن اسان ان نڪتي تي به غور ڪيو آهي ته آمريڪا ۾ نائين اليون جو واقعو ٿيو ته پوري آمريڪي قوم پاڻ ۾ متحد ٿي ويئي ۽ اهي اهڙو ته هڪ زبان ۽ هڪ جان بڻجي ويا جو انهن پندرهن سال گذرڻ باوجود وري ان قسم جو واقعو ٿيڻ ناهي ڏنو.اهو رڳو آمريڪي حڪومت ۽ آمريڪي سيڪيورٽي ادارن نه پر پوري آمريڪي قوم جو گڏيل ڪمال آهي.اها قوم جنهن پنهن جو نعرو ئي اهو بنائي ڇڏيو ته هڪڙي آمريڪي شهريء تي حملو پوري آمريڪا تي حملو تصور ڪيو ويندو.پيئرس ۾ حملا ٿيا ته ڪاري، ڳوري،اميرن،غريبن، مقامي،غيرمقامي،ڪيٿوليڪ ۽ پروٽسٽنٽ عيسائين جو تفاوت ئي مٽجي ويو.پاڪستان کان ٽي حصا گھٽ آبادي واري ملڪ ۾ٽيهن لکن کان وڌيڪ ماڻهن “امن ۽ اتحاد ” جي نالي سان شاندار ريلي ڪڍي.اهو فرانس جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو ميڙ هو جن دنيا کي ٻڌايو ته اهي دهشتگرديء جي خلاف آهن.هنن ان معاملي تي پوري دنيا کي پاڻ سان ملايو ۽ ان ميڙ ۾ دنيا جا چاليهن کان مٿي اڳواڻ ۽ رهنما شامل ٿيا.بيلجيئم جي به ساڳي صورتحال آهي جتي برسلز ۾ ٿيل تازن حملن کان پوء شهرن کان وٺي ٻهراڙين تائين سمورو عوام هڪ آواز ٿي دهشتگرديء خلاف متحد ٿي ويو. ٻئي طرف اسان آهيون جن تي خبر ناهي ڪيتريون قيامتون اچي چڪيون آهن،اٽڪل سٺ هزار جنازا اسان کڻي چڪا آهيون،ايترا ته سانحا اسان سان ٿي چڪا آهن جو هاڻي ڪو سانحو بريڪنگ نيوز به نٿو سمجھيو وڃي.هر سانحو اسان لاء هاڻي فقط ڪجھ ڪلاڪن يا وڌ ۾ وڌ ڪجھ ڏينهن جو واقعو هجي ٿو جنهن کي وساري اسان وري ڪنهن ٻئي سانحي جو انتظار ڪرڻ لڳون ٿا.اسان ڪنهن به سانحي مان اڄ تائين ڪو سبق سکيو آهي؟ ورهائڻ وارا هر سانحي کان پوء اسان کي ويتر ورهائي وڃن ٿا.ويڙهائڻ وارا هر قيامت کان پوء اسان کي وڌيڪ ويڙهائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا.اسان مان ڪي اهڙا آهن جيڪي ظلم جو به جواز جوڙين ٿا،اگر مگر ڪري وڌيڪ مونجھارا پيدا ڪن ٿا،عجيب بحث کولي قاتل کي بي گناه ثابت ڪرڻ جي ڪوشس ڪن ٿا. اسان مان ئي اهڙا آهن جيڪي سانحا وڪڻن ٿا،لاشن جو ڪاروبار ڪن ٿا،دردن۽دانهن ذريعي پنهن جي سياست جا دوڪان سجائين ٿا.جنازا وڪڻن ٿا ۽ جنازا خريد ڪن ٿا،احساسن ۽ جذبن جي شطرنج کيڏن ٿا.ان حقيقت کان بي نياز ته جڏهن باه ڀڙڪندي آهي ته پوء ڪنهن هڪڙي گھر تائين محدود نه رهندي آهي،اها گھرن جا گھر ۽ بستين جون بستون جلائي خاڪ ڪري ڇڏي ٿي.گھر ۽ بستيون ته اسان جون به جلي رهيون آهن،ان ڀڙڪيل باه جا شعلا اسان جي روحن کي وڪوڙي ويا آهن پر اسان اڃا نه سمجھي سگھياسين ته ڪير آهي جنهن اها باه لڳائي ۽ ڪير آهي جيڪو ان تي تيل هاري رهيو آهي.ڪير آهي اهو بي درد،سفاڪ ۽ درنده صفت دشمن؟ ڇا اسان مان ڪوبه ان دشمن کي نٿو سڃاڻي يا اسان انهيء کي سڃاڻڻ ئي نٿا چاهيون.دشمن کي اسان تي رحم ڇو اچي جڏهن اسان کي ئي پنهن جو پاڻ تي رحم نٿو اچي.ڇا اسان اڃا به ان انجام کان اڻ ڄاڻ آهيون ته تقسيم ٿيندي ٿيندي نيٺ هڪ ڏينهن اسان مٽجي ختم ٿي وينداسين ۽ پورو سماج پوري طرح انهن ظالم دهشتگردن جي حوالي ٿي ويندو!