منهنجي ننڍپڻ ۾ اسان جي گھرن ۾ ڪچيون وڏيون ڪوٺيون ٺهيل هونديون هيون.گھرن جا ٿلها وڏا هوندا هئا.ٿلهن تي ٽينس واري بال سان جنهن کي ستڪليو بال سڏيندا هئاسين سان ڪرڪيٽ کيڏندا هئاسين.وڪيٽن جي بدران ٽين جو گيه وارو 16 ڪلوجو پراڻو دٻو استعمال ڪندا هئاسين. هڪ دفعي ڪرڪيٽ کيڏي رهيا هئاسين ته منهنجي ڏاڏا محمد اسحاق نظاماڻي جو اتان گذر ٿيو.مون کي سڏ ڪري چيائين ته جميل احمد! مون عرض ڪيو ته جي ڏاڏا سائين! نماز پڙهي اٿو،مون چيو ته نه.ڏاڏا سائين ٺڪاءُ جو اسان واري وڪيٽن واري ڏول کي ڪڪ هنئين ته سو اڏامندو وڃي پري ڪريو وڌيڪ پڙهو