محمد خان سيال
سينيئر رڪن
منهنجي ميڊيا توڙي عام دوستن کي گذارش آهي ته مهرباني ڪري پاڪستان اندر ٽن صوبن يعني سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي پي لاءِ ”ننڍن صوبن“ وارو ٽرم استعمال نه ڪن ـ انهيءَ ٽرم استعمال ڪرڻ سان، اسان پنجاب جي بالادستي اڻ سڌي ريت ذهني طور قبول ڪريون ٿا، سو بهتر آهي ته ”ننڍن صوبن“ وارو ٽرم ڪتب نه آڻيوـ هونئن به جتي ووٽنگ ٿيندي آهي ته سڀ صوبا يا ملڪ برابر ليکيا ويندا آهن، پوءِ اهي ننڍا هجن يا وڏا ـ