• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آزادي يا موت وطن يا ڪفن

آزادي يا موت وطن يا ڪفن
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
اچو ڀڄايون جيئن ڀڄايا پوئين پيڙيهي ديس دشمن
هن کي سيکيت ڏيون ڪا سوچي جنهن وڃايو آ امن
ترخان ويا تڙجي هتان منگول ڀي سڀ ويا مري
تاتاري تڙجي ويا سڀ هي اڃا هت منهنجي چمن
مغل کائي موچڙا ويا ارغون پيرن ڀر ڀڳا ها
انگريز جو جون جلايو حر هيا هتڙي وطن
پاڳارو امروٽي پيارو ديس دشمن سان وڙهيا
اعلان منجه اعلان ها نڪري وڃو منهنجي وطن
او سنڌي سر سانگولاه ويڙه دشمن ساڻ جوٽ
آزادي يا موت نارو وطن ملندو يا ڪفن
لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top