رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
توکان پري ٿي پري ٿيو ته ناهيان
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
توکان پري ٿي پري ٿيو ته ناهيان ائين عڪس جهرمر رڳو رڪس ۾ آن
ٻڌاءِ ڪاڏي ڪاهيان غم کي مان لاهيا ن فقط تون ئي تون آن جنهن کي ٿو چاهيان
تنهنجي سهڻي صورت من ۾ آ مورت ان ساڻ ڳالهيون اندر جون ڳراٽيون
اهو ڏينهن سڀاڳو ڀلا ڪيئن وساريان سڳو سوري سڪ جو اندر پيو ٿو ٺاريان
صبح باک ٿي هئي چيچوڻا ڦٽ ها پکين جا پو چهچٽ ولر ٿي اڏاڻا
اها مهل محبت هئي موڪلاڻي مئل ساه سان پرين پيار پنهنجو اڃا ٿوپچاريان
رمز تنهنجي رمجهم رمل ۾ رهاڻيون خبر ڪين هئي ليون هون ڪي لاڻيون
بس سراندي هئي ٻانهن بخمل ڪا جهڙي مٿان وار گهنگهرون جن کي ٿو ساريان
مٿان مينهن ڦڙ ڦر بوندون وسي پيون جسم تي ڪريل پاڻي ٿيو ٻاڦ ٻاهر
اندر جو سڄو جر جالار ٿي پيو کنڀيون کيت سارو ڏسي پيار پنهنجو دل ۾ پڪاريان
لبستم دائودپوٽه