• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏسان جي ڪين ٿو توکي دل ۾ مونجه ٿي ماري ...

ڏسان جي ڪين ٿو توکي دل ۾ مونجه ٿي ماري
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
ڏسان جي ڪين ٿو توکي دل ۾ مونجه ٿي ماري
اوهجان جو عڪس اهڙو آ دلڙي جنهن کي ٿي ساري
طبيبن جهڙا هو سائين ڏسڻ سان نو بنو ٿي ويم
هي دل جي تار توسان آ ورونهن منجه ٿي واري
اوهان بس صورتن سامهو هجو دل ٿي گهري هردم
پياسي پياس پوري ٿي نگاهون ديد ٿي ڌاري
رڳن ۾ ڪجه رهيو ناهين اوهان بس رت شامل هو
سڄوباندي بدن تولئه اسر جو وله ٿي ڳاري
ستارا ۽ ڪتيون ٽيلهون اداسي اڄ وري ٿي ويا
اڀريو چنڊ ڇو ڪونهي اسان جو عشق جنهن آري

لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top