السلام عليڪم سنڌسلامت جا ساٿيو! اميد ته ٺيڪ ٺاڪ هُوندا، دوستو توهان فيسبوڪ سميت ٻين سوشل ويبسائٽن تي اڪثر پنهنجو وقت صرف ڪندا هُوندا ته توهان جي سامهون سِنڌي ۾ لکيل پوسٽس اينديون هُونديو، توهان جي دل چاهيندي هُوندي ته توهان به سنڌي ۾ اسٽيٽس لکو يا ڪامينٽ ڪريو پر توهان وٽ ڪيبورڊ انسٽال نه هئڻ ڪري دل جا ارمان دِل ۾ رهجي ويندا هُوندا. سنڌسلامت ڊاٽ ڪام فورم جي ٽيڪسٽ ايڊيٽر ۾ ته سنڌي ڪيبورڊ پلگ اِن لڳل آهي پر فيسبوڪ سميت ٻين سوشل ويبسائٽن ۾ اُهو پلگ لڳل نه هئڻ ڪري توهان جا دوست سنڌي ۾ اسٽيٽس لِکي توهان کان گوءِ کڻي ويندا هُوندا. ته پريشان نه ٿيو! هاڻ توهان به فيسبوڪ سميت برائوزر ۾ ڪنهن به جڳھ تي سِنڌي، اردو سميت ٻيون کوڙ ساريون ٻوليون لِکي سگهو ٿا صرف هڪ ايڪسٽينشن انسٽال ڪرڻ سان. هِن ايڪسٽينشن کي پهرين انسٽال ڪرڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو. هاڻ اِن جي سيٽنگ ڪرڻي آهي توهان کي صرف 1 منٽ جي اندر اندر.. ڪرڻو هيئن آهي ته گوگل ڪروم جي ٽيب ۾ هِي يو.آر.ايل پيسٽ ڪريو. ڪوڊ: chrome-extension://mclkkofklkfljcocdinagocijmpgbhab/options.html پو جيڪا ٻولي توهان کي لِکڻي آهي اُنکي سليڪٽ ڪريو ۽ تِير جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪري شامل ڪريو.. هاڻ ايڪسٽينشن مان ڪهڙي به ٻولي کي سليڪٽ ڪريو ۽ اُن ٻولي ۾ ڪجهه به لِکو.. ! بس صرف ايترو ئي! آهي نه سؤلو ؟؟ ڪيبورڊ سليڪٽ ڪرڻ لاءِ ڪروم ۾ هِن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو ۽ سليڪ ڪريو.