ماضيء جو آئينو؛ “ مشرق جو موتي”....دمشق شفيق الرحمان شاڪر سرزمين جو اهو ٽڪرو جنهن کي اڄ شام جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو،انساني تاريخ ۾ ان کي هڪ اهڙو اعزاز ۽ حيثيت حاصل آهي جنهن جو مثال ٻئي هنڌ ڪٿي موجود ناهي.ان کي تهذيب ۽ تمدن جو مرڪز چيو وڃي ٿو ڇو ته بيشمار انساني ايجادون هن خطي مان ئي شروع ٿيون جيڪي پوري دنيا ۾ ڦهليون.جاگرافيائي لحاظ کان هي اهو علائقو آهي جتي شروعاتي مذهبن جنم ورتو.انسانن ٻن ٻني ٻاري ۽ ڌاتوء جو استعمال هتي سکيو.هتي ئي دنيا جو پهريون رسم الخط ( لکت جو نمونو) ايجاد ٿيو.فلسفي جي جنم ڀومي به هي علائقو آهي.واپار کي زبان به هتان ملي، شهري ترقي، سياست ۽ ثقافتي اوسر جي شروعات به هتان ئي ٿي.ان ڪري چئي سگھجي ٿو ته هي علائقو هڪ ئي وقت ٻن قومن سان تعلق رکي ٿو،هڪڙي ان جي پنهن جي ۽ ٻي شامي. تاريخي روايت موجب شام جو نالو حضرت نوح جي وڏي صاحبزادي “ سم يا سام ” جي نالي سان منسوب آهي جنهن طوفان نوح ختم ٿيڻ بعد ان علائقي ۾ رهڻ پسند ڪيو.ان شام جي ڏاکڻئي اولهه علائقي ۾ ڪشادن رڻ پٽن ۾ وڪوڙيل “الفتاح نخلستان” جي قاسون جبلن جي هنج ۾ آباد “دمشق” نه رڳو سندس ملڪ جي گاديء جو هنڌ آهي پر مسلمان ان کي پنهن جي مقدس شهرن ۾ به شمار ڪن ٿا.“ جبل قاسيون” کي هڪ اهم ۽ تاريخي جبل ڳڻيو وڃي ٿو۽ ڪيتريون ئي روايتون ان جبل سان لاڳاپيل آهن.اهو جبل ايڏو ته سخت آهي جو انهيء تي هٿرادو طريقي کان سواء وڻ پوکي نٿا سگھجن.چون ٿا ته ان جبل جي هيٺين سطح تي جيڪي گھر آهن انهن مان هڪڙو گھر ابوالبشر حضرت آدم عليه اسلام جو آهي.جبل جي مٿانهين حصي ۾ “دير مران” ،“مغارت الدم الجوع” (رت ۽ بک جو غار) ۽ “ ڪهف جبرئيل ” آهن. روايت آهي ته مغارت الدم ۾ قابيل پنهن جي ڀاء هابيل کي قتل ڪيو هو جيڪو ڪائنات ۾ انسان جو پهريون قتل هو.روايت موجب ان غار ۾ ملائڪ حضرت آدم عه سان هابيل جي قتل تي تعزيت ڪرڻ آيا هئا. جبل جي اڀرندي حصي ۾ هڪ سطح ٻاهر اڀريل آهي،چيو وڃي ٿو ته اتي حضرت ابراهيم عليه السلام پيدا ٿيا هئا ۽ الهندي سطح تي حضرت عيسيٰ عليه السلام ۽ سندن والده حضرت مريم يهودين کان پناه ورتي هئي.بي شمار نبين هتي عبادت ڪئي،هزارين پيغمبر ۽ اصحاب ڪهف هتي دفن ٿيل آهن. دمشق جي حوالي سان اها روايت به بيان ڪئي وڃي ٿي ته قيامت کان اڳ حضرت عيسيٰ عليه السلام دمشق جي جامع مسجد جي مينار ذريعي آسمان کان زمين تي لهندو.دمشق کي “مشرق جو موتي” به چيو ويندو آهي ۽ مشهور آهي ته اهو دنيا جو قديم ترين شهر آهي جيڪو 6000 قبل مسيح ۾ آباد ٿيو.قديم ترين دمشق ڪهڙو هو؟ مورخن وٽ ان باري ۾ ڪا معلومات ناهي بهرحال اهو شهر پراڻي دور ۾ هڪ ننڍڙي آرميني حڪومت جي گاديء جو هنڌ به رهيو آهي. اسيريا جون فوجون ڪيترن ئي لاڳيتن حملن کان پوء پهرين شام ۽ پوء فونيڪيا (موجوده لبنان) جي ڪنارن ۽ بعد ۾ دمشق پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيون.ان کان پوء اسيرين ۽ بعد ۾ بخت نصر جي اڳواڻيء ۾ “ نيو ببليونينز” جو دور شروع ٿئي ٿو جيڪي دمشق تي قبضو ڪري ويا. 635ع دمشق جي تاريخ ۾ هڪ غيرمعمولي تبديليء جو سال هو جڏهن اسلامي فوجون هن شهر ۾ داخل ٿيون جن جو شهرين وڏي گرمجوشيء سان آڌرڀاء ڪيو.اسلامي حڪومت جا پهريان ڏه سال دمشق جي تاريخ جو سونهري دور سڏائين ٿا.661ع ۾ اموي حڪومت جي باني معاويه بن ابوسفيان دمشق کي پنهن جي سلطنت جي گاديء جو هنڌ بنايو.توڙي جو اموين هن شهر تي هڪ صديء کان گھٽ عرصو حڪومت ڪئي پر اهي هن شهر کي چار چنڊ لڳائي ويا.750ع ۾ عباسين اموي سلطنت جو خاتمو آڻي ڇڏيو ۽ گاديء جو هنڌ دمشق جي بدران بغداد منتقل ٿي ويو.اهڙيء طرح دمشق جي حيثيت گھٽجي ويئي. بعد ۾ منگولن دمشق کي برباد ڪري ڇڏيو.جنهن کان پوء دمشق غير مسلم قوتن جي هٿ لڳي ويو.1096ع ۾پهرين صليبي جنگ دوران عيسائين شامي ڪنارن تي قبضو ڪري ورتو، 1099ع ۾ اسلام جو هڪ مقدس ترين شهر يروشلم به انهن جي قبضي ۾ اچي ويو.1516 کان 1518ع تائين دمشق عثماني سلطنت جو حصو رهيو،انهن ٻاهرين دنيا مان هتي عربن جو اچڻ روڪي ڇڏيو.پهرين جنگ عظيم کان پوء جيئن ئي ترڪ سلطنت جو اثر ختم ٿيوته شامي شهرين ترڪن خلاف شريف مڪه جي پٽ فيصل کي دمشق تي قبضو ڪرڻ ۾ مدد ڏني.شام جي عوام آزاديء جون ڪئين تحريڪون هلايون ۽ آخرڪار 1946ع ۾ کين غيرملڪي قبضي کان آزادي ملي.فرانسي قبضي دوران دمشق تي زبردست بمباري ڪئي ويئي البته آزاديء کان پوء شام تمام تيزيء سان ترقي ڪئي ۽ 1953 ۾ ان کي ايشيا ۾ جپان کان پوء سڀني کان مستحڪم ملڪ قرار ڏنو ويو. دمشق جو پراڻو شهر هڪ ديوار ۾ گھيريل آهي جنهن کي رومن فصيل چيو وڃي ٿوديوار جو گھڻو حصو هاڻي ڊهي چڪو آهي پر گيٽ آف سيفٽي (باب السلامه) ۽ ٿامس گيٽ ( باب توامه) جي وچ واري ديوار اڃا ڪجھ محفوظ آهي.دمشق سواء اولهه جي باقي ٽنهي طرفن کان ميداني علائقن سان گھيريل آهي جڏهن ته ان جي اولهه ۾ قاسيون جبل آهي.ان شهر جي بدنصيبي جو گذريل ڪيتري عرصي کان بمبارين،گھريلو ويڙه ۽ دهشتگرد ڪاروائين سبب پنهن جي شاندار سونهن ڪافي حد تائين وڃائي چڪو آهي!