• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سڪڻ جن ساه سان ڪيئن عيدو سي ڪن ...

سڪڻ جن ساه سان ڪيئن عيدون سي ڪن
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
سڪڻ جن ساه سان ڪيئن عيدون سي ڪن
جن جا ليڙون لٽا ۽ چتيون چولا ٿين
گهر ڪکاوان ڏسو تڙڪا تڙڪا اچن
ڇانون لئه ماندو من سج گرمي سهن
نه گيس جن وٽ چلهي بلب روشن نه آ
ڪاريون راتيون انڌاريون ڪري ٿا جيئن
رهڪي پوکي ڪندي مزدوريون هن مٿي
هي جوانيون ڳريون ڳوٽ سڀ ڳڻتين
پاڻي کوهن ڀريندي جوانيون جليون
پيٽ بک سڀ جهلي موت ڏي ٿا هلن
ڌوئي ڪپڙا ڇڳل پير جتيون پائن
منهنجا مارون ميرا سڏڪا سڏڪا ٿين


لبستم دائودپوٽه
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top