• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سامسنگ جو نئون گليڪسي نوٽ فون ڪهڙو هوندو؟

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر

xuyvCFb.jpg


سامسنگ جو نئون فليگ شپ اسمارٽ فون گليڪسي نوٽ جي حوالي سان ڪو باضابطه اعلان ته ناهي ٿيو پر هِن ڊوائيس جون تصويرون ۽ ٻي معلومات لِيڪ ٿِي سامهون اچي وئي آهي.


جي ها! اڪثر سمارٽ فونز جون تصويرون ۽ تفصيل ليڪ ڪرڻ واري ايون بلاس سامسنگ جي نئين گليڪسي نوٽ فون جون تصويرون ٽوئيٽ ڪيون آهن جنهن ۾ اُن جي نالي جو اشارو واضح طور موجود آهي.

هي نئون سمارٽ فون ٽِن مختلف رنگن ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ هِي ايندڙ مهيني ۾ ڪنهن به وقت متعارف ڪرايو ويندو.

5.7 انچ جي ڪواڊ ايڇ ڊِي سپر اموليڊ ڊسپلي واري هِن سمارٽ فون ۾ گليڪسي ايس.سيوَن ايج وانگيان ڊوئل ايج اسڪرين موجود آهي.

اهڙيءَ طرح 6 جِي بِي ريم، 3600 کان 4 هزار ايم.اي.ايڇ بيٽري، 12 ميگا پگسلز رئير ۽ پنج ميگا پگلسز سامهون واري ڪيمرا، نئون آءِ_آر_آءِ_ايس اسڪينر، آي_ٽريڪنگ ٽيڪنالاجي، آءِ_پِي سڪس ايٽ ريٽڊ واٽر ريززٽنس ۽ 64 گيگا بائٽ اسٽوريج جهڙا فيچرز هِن ۾ شامل ٿي سگھن ٿا.

جيئن ته هِي نوٽ سيريز جو فون آحي ته اسٽائلوس پين ۽ خم اسڪرين ته هِن جو حصو هوندا.. J

جيئن ته ٻُڌايو ووي آحي ته هِن جو نالو تصوير ڏِسي خبر پئجي ويندي ۽ اُهو آحي گليڪسي نوٽ 7، جنهن جي اسڪرين تي گليڪسي ايس.سيون وانگيان 7 انگ کي ڏسي سگھجي ٿو جڏهن ته هِن جي بيڪ تي به گليڪسي نوٽ 7 لکيل آهي.

هِي فون سامسنگ طرفان آئي_فون سيون جي مقابلي ۾ متعارف ڪرايو ويندو ۽ اِنڪري اِهو سيپٽمبر بجاءِ آگسٽ جِي شروعات ۾ ئي پيش ڪيو ويندو.
 
Back
Top