• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ريحام خان جِي پاڪستاني نئين فِلم “جانان“ جو ٽريلر رليز

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
27963465661_737bec3a76_o.jpg

ريحام خان جي پروڊڪشن ۾ ٺهندڙ نئين رومانوي پاڪستاني فلم ”جانان“ جو ٽريلر ريلز ڪيو ويو آهي.

رومانوي فلم ”جانان” جي ڪهاڻي هڪ پختون (پٺاڻ) ڇوڪريءَ جي چئوگرد گھمي ٿِي ، جيڪا برطانيه مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري وطن واپس اچي ٿِي
فلم ۾ ارمينه رانا خان، بلال اشرف، مشي خان، عجب گل، نيئر اعجاز ۽ علي رحمان مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ، جڏهن ته هِن جو اسڪرپٽ عثمان خالد بٽ لکيو آهي.
ريحام خان، حريم فاروق، منير حسين ۽ عمران ڪاظمي جي پروڊڪشن ۾ تيار ٿيندڙ هِن فلم جو هدايتڪار اظفر جعفري آهي.
فلم جي موسيقي سليم سليمان، احمد علي ۽ طحهٰ ملڪ جَن ترتيب ڏِني آهي. فلم جو ٽريلز ”جانا” جي آفيشل فيسبوڪ پيج تي رليز ڪيو ويو آهي جنهن کي پرستارن تمام گھڻو پسند ڪيو آهي.

ٽريلر ريليز ٿيڻ کان پوءِ ماڻهن جي پسنديدگي جو شڪريو ادا ڪندي ريحام خان پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ چيو آحي ته ”جانان ته هڪ آغاز آهي، اميد آهي ته اسان نئين ٽئلينٽ کي سنوارڻ لاءِ موقعا فراهم ڪندا رهنداسين“.

27963511811_ee01b70c07_o.jpg


ريحام پنهنجي فلم جي وڌيڪ تعريف ڪندي چيو آهي ته ”مصنف ڪهاڻيءَ جي اسڪرپٽ سان انصاف ڪيو ۽ واقعي فلم جو آئڊيا نون ماڻهن کي موقعا فراهم ڪرڻ هو”.

MFB50gZ.jpg


فلم ”جانا” هلندڙ سال عيدالاضحيٰ جي موقعي تي 13 سيپٽمبر تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.
 
Back
Top