ٽيچر شاگردن کي پڙهائي رهي هئي۔۔۔ چيائين، جيڪو توهان ۾ سڀني کان وڌيڪ نالائق ۽ چريو هُجي۔۔ اُٿي بيهي۔۔ سواءِ هڪ شاگرد جي ۔۔۔ سڀ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ويٺا رهيا۔۔۔ مطلب ته شاگرد اٿي بيٺو انهيءَ شاگرد کان ميڊم پڇيو ۔۔ لڳي ٿو ته هن سڄي ڪلاس ۾ هڪ تون ئي نالائق آهين۔۔ ڇوڪري معصوميت سان وراڻيو۔۔۔ ميڊم سڄي ڪلاس ۾ فقط اوهان هڪ ڄڻي ئي بيٺيون هو اهو ڏسي مون کان رهيو نه ٿيو ۽ آئون به اُٿي کڙو ٿيس۔۔
جواب: مون کان رهيو نه ٿيو۔۔ واقعي ڦلپوٽو جهڙا ڪي ڪي شاگرد ئي هوندا آهن ۔۔۔۔۔ پر ڪي استاد به استاد هوندا آهن۔۔۔۔ جيئن هڪ ڀيري هڪ استاد شاگرد کي اٿاري پڇيو۔۔۔۔ ”تو ڪڏهن چٻرو ڏٺو آهي۔۔۔۔۔؟“ شاگرد ويچارو معصوم ۔۔۔ جواب ڏيڻ بجاءِ منهن هيٺ ڪري بيهي رهيو۔۔۔ استاد کيس ٻيهر مخاطب ٿيندي ڪاوڙ ۾چيو۔۔۔ ”هيٺ ڪيڏانهن ٿو ڏسين ۔۔۔ هيڏانهن مون ڏانهن ڏس نه۔۔۔“
جواب: مون کان رهيو نه ٿيو۔۔ اوهانجي انهن چرچن تي اڄ سنڌ اسمبلي ۾ هڪ ميمبر جي چيل ڳالهه ياد اچي وئي ۔۔۔ جنهن ۾ سندس چوڻ مطابق ته سنڌ جي اسڪولن جا استاد اهڙا ته اهل آهن جو کين پاڻ کي به پڙهڻ ڪون اچين ته ٻارن کي ڪيئن پڙهائيندا ۔۔۔ مونکي کل ان ڳالهه تي آئي ته ڏوهه ڪنهنجو ۔۔۔؟؟؟ اوهان رشوت وٺي يا سفارش ڪري نالائق استاد ڀرتي ڪرايو ۽ پو وري دانهون اچي پاڻ ئي ڪيو ته استاد نالائق آهن ۔۔۔؟؟ ڀلا جيڪي رشوت ڏئي يا سفارش تي ڀرتي ٿيندا سي ٻار پڙهائيندا !!! ادي رشيد جيئان کين منهن ۾ ڏسبو ته چٻرا ئي نظر ايندا ۔۔۔
جواب: مون کان رهيو نه ٿيو۔۔ سائين مونکي به هڪ ڳالهه ياد اچي وئي جيڪا اسان واري ڪاڪي اچار جي پٽ پپني جي آهي۔ توهان کي ياد هوندو ته پپني ئي انگريزي پڙهڻ جو شوق جاڳيو هو۔۔۔ سو ڪاڪي به کيس هڪ انگريزي ماستر رکي ڏنو۔۔۔ ڪجهه مهينا گذرڻ کان پو جڏهن ڪاڪي، پپني کان پڇو ته ڏي احوال! تو وارو ماستر انگريزي صحيح ٿو پڙهائي تڏهن اسان واري پپني معصوميت سان چيو ته باقي ته سڀ ٺيڪ آهي پر جڏهن مان کيس پڇو هو ته I Dont Know جو مطلب ڇا آهي تڏهن هُن چيو هو ته ”مونکي خبر نه آهي“ بس سائين هاڻي ڏيوس مُنهن، هلي پاڻ نه سگهي لک لعنت گوڏي تي......
جواب: مون کان رهيو نه ٿيو۔۔ باقي ادا توهان مان کي ائين اصلي ايئن سمجهيو آهي ڇا مان اصلي ڏاڍي عزت ڪندو آهيان استادن جي خاص طور تي مس استادن جو ته خاص خادم آهيان :d:d:d