اڃا تائين به اڪثر هڪڙي ڳاله ٻڌندو رهندو آهيان ته گرمي ۾ ککر جوڏنگ ڇڻي ويندو آهي،سو ننڍپڻ ۾ اها ڳاله مون به ٻڌي هئي ۽ ان تي اعتبار به ڪري ويٺم،۽ پڪ ڪرڻ لاءِ ان تي تجربو ڪرڻ جو سوچيم.شديد گرمي جو موسم هو،دريءَ تي هڪ ککر ويٺل ڏٺم،مون کان ننڍڙن ٻارڙن اچي رڙيون ڪيون،آئون به صفا ڪو عقل جو اڪابر ٿي بيهي رهيس،کين ماٺ ڪرائي اها ئي ڳاله دهرايم ته ککر جو ڏنگ گرمي ۾ ڇڻيو وڃي،خاموش رهو ته ککر کي پڪڙي ڏيکاريان. آهستي آهستي ويجهوٿي ساڄي هٿ جي شاهد آڱري ۽ آڱونٺي سان جو ککر۾ هٿ وڌم،پوءِ بس صرف هڪڙي رڙ بلند ٿي! وڌيڪ پڙهو
مُونکي ياد پيو اچي ته اڄ کان 15 سال پهرين آئون نانا جي وؤڻن ۾ ويس، ککرن جو مانارو ڏِسي ٻين ڇوڪرن سان گڏ مُون به ڀتر هڻڻ شروع ڪيا، ٻيا ڀڄڻ ۾ تکا ٿي ويا پر آئون رهجي ويس ۽ نتيجي ۾ کاٻِي ٽنگ ۾ ٻن ککرن جو ڏنگ نصيب ٿيو... بس اُهو ئي ڏينهن ٿيو! وري ڪِٿي به ککر ڏِسان ٿو يا ته ماريو ڇڏيانس يا ڀڄايو ڪڍيانس.. توهان کي ته آڱر ۾ چڪ لڳو! ٽنگ ۾ چڪ لڳندو آ ته ماڻهون هلڻ کان لاچار.!! وري جي اک ۾ چڪ لڳندو آ ته پو همراه ٻه هفتا ڏسڻ کان به ويو... انهن ڏنگن جو هڪ علاج آهي جيڪو ديسي آهي. انب جو پهريُون ٻُور پهرين نظر پوڻ سان ئي پٽي هٿن تي مَهٽي ڇڏي، پو تيستائين هَٿَ نه ڌوئي جيستائين اُن جي چِيڙهاڻ (چڪناهٽ) ختم ٿِي هٿ خُشڪ نه ٿين. ان کان پو ڀلي هٿ ڌوئي ڇڏي، پو جنهن کي به وِڇُون، ککر، ماکِي يا ٻِي ڪا زهريلي شئي ڏنگي ته ڏنگ وارِي جاءِ تي ڪجهه منٽ هٿ اُهي هٿ لڳائڻ سان ڏنگ سوڄ نه ڪندو ۽ زهر ختم ٿي ويندو. (ياد رکو! پنهنجي جسم ۾ لڳل ڏنگ تي پنهنجا هَٿَ اَثر نه ڪندا) (( اهو هڪ مشاهدو آهي ۽ اسانجي پاڙي ۾ گُذريل 4 سالن کان جنهن کي به زهريلي شئي ڏنگ هڻي ٿِي ته هٿ لڳائڻ سان اثر ختم ٿيو وڃي.))