رب جي رضا

'تعارف' فورم ۾ Shabir Ahmed Qureshi طرفان آندل موضوعَ ‏4 جولائي 2016۔

  1. Shabir Ahmed Qureshi

    Shabir Ahmed Qureshi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2015
    تحريرون:
    25
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مون مريض کي غلط سئي هنئين جا هڪ مقامي دواساز ڪمپني جي ريپ سيمپل طور ڏني هئي. ريپ هن دوا هلائڻ لاء عمري جي ٽڪيٽ ڏيڻ جي آڇ ڪئي .مريض بخار ۾ مبتلا هڪ ٻار هئو. سئي لڳڻ شرط سندس طبيعت بگڙي وئي .تمام گهڻي پريشاني ٿي. ڪارٽيزون وغيره هڻڻ بعد مس مس ڪنهن حد تائين ان جي طبيعت بحال ٿي. تنهن هوندي به وقفي سان ٻار تي غشي طاري پئي ٿي. مائٽن کي اهو چئي مطمئن ڪندو رهيس ته بخار جي غشي آهي.مٿي تي چڙهي ويو اٿس منهنجي دماغ ۾ انديشا ٻار کي ڪجه ٿيو ته ڪٿي قانوني ڪاروائي ته نه ڪندا. ٻار کي گهر کڻي ويا.مون کي بي چيني ۾ ننڊ حرام ٿي وئي. ضمير جي ملامت کان مجبور ٿي رات جو ٻه ڀيرا مريض جي گهر ويس مون کي ٻار جي طبيعت ۾ گهڻو سڌارو نظر نه آيو.
    صبح جو ڇوڪر گذاري ويو. پنهنجي نااهلي ڪوتاهي جو پڇتاء بوجهل دل سان تڏي تي ويس.
    مرحوم جو پيء اوڇگارون ڏئي مليو.“ بس ابا ڊاڪٽر رب جي رضا تو ته وسان ڪين گهٽايو.“ برادري ڏي منهن ڪري چوڻ لڳو“ ڊاڪٽر صاحب ڏاڍوخدا ترس آهي رات جو ٻه ٽي چڪر ڇوڪر کي ڏسڻ آيو.“
    مون کي زمين جاء ڏئي گهڙي وڃان.
    هڪ تاثراتي سچي ڪهاڻي .
     
    سائل مهراڻ، عرس پريو ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ڪجهه ڏينهن اڳ عطائي ڊاڪٽرن پويان هڻ وٺ ٿِي، اسانجي ڳوٺ جا ٻه ڊاڪٽر پنهنجا تڏا ويڙھ ۾ پُورا هُئا ته ڳوٺ وارن منع ڪري ڇڏيو ۽ هو واپس رهي پيا..
    شفا خدا جي هٿ ۾ آهي پر تجربا مريضن تي ڪرڻ تمام وڏو ڏوھ آهي. اسان جي ڳوٺ جا ڊاڪٽر تمام سُٺا آهن... خدا ڪري مستقبل ۾ به ائين ئي هُجن.
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    هڪ عام ماڻهون غلط ء صحيح جي سڃاڻپ ڪئين ڪري ان کي جنهن شيء جي باري م خبر نه آهي بس رحم وڪرم ڊاڪتر جي تي

    الله رحم ڪري
     
    سائل مهراڻ هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    هر ليکڪ پنهنجي مشاهدي جي ذريعي دنيا جا درد پنهنجي لفظن ۾ پيش ڪندو آهي، هر ڪنهن جي لکڻ جو پنهنجو ڏان هوندو آهي
    اوهان ج هي تاثراتي سچي ڪهاڻي پڙهي گهڻي تائين سوچن ۾ گم ٿي ويس
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو