سنڌ جي مها ڏاهي محمد ابراهيم جوئي بابت واءُ ۾ آهه ڪا ڳالهڙي اڻ ڪَهيمونس اياز منهنجو پيءُ هميشه گهڻو ڪري سڄي عمر کيس ابراهيم ڪري سڏيندو رهيو ۽ ياد ناهي ته مان به کين ننڍپڻ کان اڄ ڏينهن تائين چاچا ابراهيم ڪري سڏيندو آهيان. شيخ اياز ۽ محمد ابراهيم جوئي صاحب جي اڌ صدي جي دوستي ۽ رفاقت فڪري ۽ ذاتي به رهي آهي، جو سندس وڏي ڌيءَ چاچا ابراهيم جي نُنهن آهي ۽ اهڙي سيڻيءَ واري رشتي کان ڪافي اڳ ۾ 1964ع ڌاري شيخ اياز جي اولاد مان واحد ٻار آنءُ آهيان، جيڪو تعليم جي لاءِ چاچا ابراهيم جي گهر ٻارن سان سال ڏيڍ حيدرآباد ۾ رهيو آهيان ۽ 1965ع واري جنگ ۾ بابا جي نظربنديءَ ڪري وري واپس وڃي سگهيوس. اهڙو ڪجهه ذڪر اردو جي مشهور ليکڪ مظهر جميل سيد، چاچا ابراهيم جي آتم ڪٿا ”ايڪ صدي ڪي آواز“ ۾ ڪيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي، جيئن سنڌ جي دانشورن جي راء آھي ته ابراهيم جوئي ۽ شيخ اياز جي دوستي جو محور ۽ محُرڪ فقط ئي فقط سنڌ رهيو آهي ۽ سنڌ جي حوالي سان سموري سنڌي ادب ۽ شاعري ۾ ان جو شعور رهيو آهي، سنڌ جي خوشحالي، آجپي ۽ هڪ نئين سنڌ جي تعمير شروع ڪئي آهي. اياز صاحب خود پاڻ جويو صاحب لاءِ لکن ٿا، ”منهنجي دوستي ۾ ٽي شخص آهن، جن منهنجي ننڍيءَ عمر ۾ تربيت ڪئي آهي ۽ جي مان انهن سان نه ملان ها ته مان، مان نه هجان ها ۽ اُهي آهن حشو، سوڀو ۽ ابراهيم جويو، انهن سان منهنجي عقيدت ۽ محبت ائين رهي آهي جيئن روميءَ جي شمس تبريز سان رهي هئي، اهي ئي ٽي ماڻهو آهن جيڪي مون کان منهنجي ليکي چوکي وٺڻ جا حقدار آهن“ ۽ خاص ابراهيم جويو لاءِ، ”منهنجي ۽ هن جي دوستي رومي ۽ شمس تبريز واري هئي جنهن رومي جي ڪتابن تي نگاهه وڌي هئي ته انهن ۾ آگ لڳي وئي هئي.“ (ڪتاب ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون ص 47-48، 174) وڌيڪ اياز صاحب جي مڪمل تعريف هنن لفظن ۾ آهي،” جويو، ڪيرت ۽ ڪرانتيڪاريءَ جو ڳوڙهو ڳانڍاپو آهي. تو ته هن جي اُڻت ڏٺي آهي، پر جڏهن سنڌڙيءَ لائون لڌيون، تڏهن ڪير چوندو ته ان جو سارو لباس، هن جي آڏائي ۾ اُڻيل نه آهي، هي اُهو آدي جگادي الوت ماڻهو آهي جونو ورنيءَ جي سينڌ ۾ ستارا سجائي گم ٿي ويندو آهي“. شيخ اياز ڪجهه ڪتاب ابراهيم جوئي جي نالي منسوب ڪيا آهن ۽ فقط هڪ شڪوه نظم جويا او جويا جي عنوان سان لکيو، جيڪو شاعر ليکڪ ۽ سياسي رهنما رشيد راڄڙ جي ڪتاب ۾ شايع ٿيل آهي ۽ ٻيو ڪنهن به ڪتاب ۾ ذڪر نه آهي. سچ ته شيخ اياز کان سواءِ ٻيو ڪنھن به ابراهيم جوئي جو ذڪر ايترو نه ڪيو آهي ۽ نه وري انهن ٻنهي جو ذڪر هڪ ٻئي کان ڌار ڪو مڪمل آهي ۽ ٿي سگهي ٿو پر افسوس سان الائي ڇو ابراهيم جوئي صاحب جو سو سالا جنم ملهائيندڙ ڪميٽي جيڪا ناميارن ليکڪن ۽ دانشورن تي مشتمل آهي تنهن ۾ شيخ اياز جي اولاد مان ڪنهن به فرد کي ميمبر نه رکيو ويو آهي، جيڪو اهڙي رشتي جي ڀرپور نمائندگي ۽ پوئيواري ڪري سگهي. جيڪي فراقون سو وصالون نه ٿئي، اچي اوطاقن مون، پرين پري ڪيو. (شاهه) ”تنهنجيءَ ماءُ به ڏاڍا ڏک ڏٺا.“ اوچتو چاچا ابراهيم آغا خان اسپتال ڪراچي (2010) جي بيڊ تان اهي لفظ چئي مون کي ڇرڪائي وڌو ۽ مان اچرج ۾ پئجي ويس. اهڙا لفظ هن هڪ وڏو ٿڌو ساهه ڀريندي الائي ڪيئن منهنجي ماءُ کي ساريندي سندس ڏکڙا ياد ڪيا، جڏهن هڪ دفعو هوءَ بيواهه ٿي هئي ۽ ٻيو دفعو گهر وسايو هئائين، سندس ڏکوئيندڙ آواز باءِ پاس ٿيل آپريشن سان چيريل وڍيل سيني مان ٿي ڄڻ نڪتو وڌيڪ چيائين ته ”… مون ڪڏھن به اياز کي اهو ڪونه چيو ھو ته تون ٻه ٻه گھر ٿو ھلائين ۽ تھنجو تخليقي ڪم متاثر ٿو ٿئي ۽ نه ڪوتنهنجي ماءُ جو به ڏوھ هو. اياز جي مرڻ تي ڏک وچان چيو هوندائين مون لاءِ جو (جيڪو اخبارن ۾ آيو هو، سھي يا غلط) اسان، مان ۽ رباني اياز جا ويجها هئاسين.“ اهو چئي وري چاچا ابراهيم چيو، ”اڙي هاءِ هاءِ.“ مان جنرل وارڊ ۾ سندس ڀرسان ويٺل هيس ۽ سنڌ ثقافت کاتي پاران سندن خرچ ۽ صحت جي خبر چار لهڻ ايندو هئس، جو ان وقت کاتي ۾ بطور ڊي جي خدمت انچارج ڏئي رهيو هيس. ان وقت سندس پٽ محبوب جويو وارڊ کان ٻاهر ويل هو. اها ابراهيم جوئي صاحب جي ماءُ جي ذات ۽ هستي کان محرومي/ دوري يا سندس ڏک هو جنهن جو پورائو هن ڪرڻ چاهيو ٿي، جو سڄي ڄمار سنڌ ڌرتي جي هر شئي، رنگ روپ ۾ وسيع تر ڌرتي ماءُ جو (Archetypal موروثي)) يويگ جي مشهور نفسياتي اصطلاح جو روپ وٺي سندس زندگي جو اڻمٽ حصو ۽ نقش ٿي وئي ۽ سنڌ سان محبت جو اظهار ۽ ممتا جي اڪير، ٿڃ ۽ ڪڇ جهڙي پناهه ۽ ڳانڍاپي جي اڪير بڻجي وئي ۽ ڏکين حالتن ۾ به کيس هڪ لحظي لاءِ به پري نه ٿيڻ ڏنو جيئن پاڻ ماءُ کي ياد ڪندي اڪثر چوندا رهندا هئا ”ڀري ڊڀن هٿڙا، واريون دوست ڪريج، اچي سار لهج ساجن، سور تنهنجي آءُ ماري (شاهه) (انٽرويو، مئي 1997ع) وري اڳتي هلي پاڻ هڪ سنڌ ڌرتي تي طويل بهترين نظم لکيائون ”او سنڌ!“ او سنڌ! منهنجي پنهنجي سنڌ اچ ته آءٌ تو کان پڇان ٻڌاءِ… تون مون کان ڇا ٿي گهرين آءٌ ڪير آهيان تون ٿي مون کان پڇين ماءُ آءٌ تنهنجو اولاد… چاچا ابراهيم جي سئو سال جنم ڏينهن جي حوالي سان پهريون پروگرام هوٽل ريجنٽ Regent پلازه ۾ ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ پاران محمد ابراهيم جويو سئو سالا جشن جنم ڏينهن جي جنرل ڪاميٽي سهڪار سان رکيو ويو هو جنهن جو صدر سابق وائيس چانسلر مظهرالحق يونيورسٽي آف سنڌ ۽ سيڪريٽري پروفيسر سليم ميمڻ ڊائريڪٽر شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي آهي ۽ کين هم سال آگسٽ 2015ع تائين جويو صاحب جو جشن ملهائڻو آهي. هال ۾ اندر گهڙندي اڳيان ويٺل پراڻن اديب دوستن سان ملاقات مس ٿئي ٿي ته پوين سيٽن تان تڪڙ ۾ خاڪي سفاري سوٽ ۾ اٿي اچي ٻه ماڻهو وڏي اڪير ۽ سڪ سان مليا، جن مان هڪ کي ته مان بنهه نه سڃاتو سو هو چاچا ابراهيم جو وڏو پٽ ادا منور ۽ ٻيو سندس ننڍو ڀاءُ محبوب، جنهنوڏي ڀاءُ منور جو نالو وٺي مون سان تعارف ڪرايو جنهن سان مان ڪوئي 30 سالن کان پوءِ ملي رهيو هيس. هو ڪافي جهونو ٿي چڪو هو ۽ 70-75 کن ڄمار جو ٿي ويو هوندو. ساڻن ملي مان اڳتي هلي اردو جي شاعر سحر انصاري ۽ (ر) جسٽس ديدار حيدر حسين شاھ سان سلام دعا ڪئي. مون کي خيال آيو ته هو ويچارا چاچي ابراهيم جا ٻئي پٽ مون سان اٿي اچي مليا هئا سو اخلاقي طور تي مون کي ساڻن گڏ ڪجهه گهڙي ويهڻ کپي ۽ حالي احوالي ٿيڻ کپي. مان پنهنجو ڪارڊ ۽ پويان ويٺل ليکڪ دوست تاج جويو جو ڏنل ڪتاب ”محمد ابراهيم جويو“ پنهنجي ڪوٺ جي دعوت نامي سميت جاءِ تي رکي جويي صاحب جي ناراض پٽن منور ۽ محبوب سان ملڻ ويس ته منهنجو هڪ ٻيو بزرگ وڪيل ۽ بابا جنهن جو ذڪر به ڪيو آهي پنهنجي آتم ڪٿا ۾ (رٽائرڊ) اسلم جعفري خيرپور جي مشهور ترقي پسند اڳواڻ علي مطاهر وڪيل جو فرزند اچي ويٺو ۽ مان ان جي ڀرسان ويهي پاسي کان ساڻن هم ڪلامي ٿي. ادا منور جويو نئون نئون پرڻجي آيو هو انهن ڏينهن ۾ سال 1964ع ۾ جڏهن بابا مون کي چاچي ابراهيم وٽ ساڻن حيدرآباد ۾ پڙهائڻ لاءِ گڏ رهايو هو مارڪيٽ جي علائقي ۾ به نوان فليٽ هئا جن مان سندن ڀاءُ مظفر، منور ۽ محبوب ، ٻن ڀينرن نيلوفر ۽ نرگس سان گڏ سندن سئوٽ عبدالله جوئي سان رهندو هيس. پروگرام ۾ جيئن چاچا ابراهيم کي هال اندر وٺي آيا ته ساڻس اٿي وڃي مليس ۽ کيس يادگيري لاءِ پنهنجو نالو کڻي چيم ”چاچا مان مونس آهيان“ ته وراڻيون هئائين،”ھا، مونس، مونس“ ڇو ته مان گهڻن سالن کان پوءِ جڏهن گذريل سال جون مهيني ۾ حيدرآباد ويس ته ساڻن ملڻ ويس جرنلسٽ ڪالوني جيل روڊ واري بنگلي/گهر تي، جتي گذريل 40-30 سالن کان ڪڏهن ڪڏهن ساڻن ملڻ ويندو هيسجتي هيٺئين حصي ۾ چئني پاسن کان ڪتابن سان ڀريل، سنگهاريل ڪمري ۾ چاچا ابراهيم رهندو هو ۽ مٿيئن حصي ۾ 80-70 واري ڏهاڪي ۾ ادا منور به رهندو هو جيڪو پوءِ مظفر ورتو، گهر جيڪو پلاٽ ادا منور کي بطور صحافي مليو هو جنهن کي هن پوءِ ٺهرايو هو. پروگرام ۾ سٺو اردو جي ليکڪ ۽ وڪيل سيد مظهر جميل ڳالهايو جيڪو سندس پهريون آتم ڪٿا (Biography) ”صدي ڪي آواز، محمد ابراهيم جويو“ لکي اسان سنڌين کي پوئتي ڇڏي ويو، جي ڪير به سندس جيون ڪهاڻي اڄ تائين لکي نه سگهيو آهي ۽ ٻيو ميڊم مهتاب راشدي چاچا ابراهيم جي لکيل گذريل سال لکيل آتم ڪهاڻي جي ڪجهه قسطن تي لکيل هڪ مقالو ڏاڍي خوبصورت اندر ۽ پراثر ۾ پڙهيو. چاچا ابراهيم پنهنجي ماءُ، ناني ۽ ٻين عورتن جو ساڻن پراڻي جڳ جي ٻاهراٿريءَ جي وڏين ڪراڙين ماين واري محبت ۽ شفقت جو انداز هو. مئڊم جي ادائگيءَ نه فقط ويٺل سئو ڏيڍ ماڻهن کي بيحد لڀايو پر خود چاچا ابراهيم جي اکين ۽ منهن تي اها ٻاراڻي چمڪ ، مرڪ ۽ خوشي اچي وئي هئي ۽ هو نه فقط پنهنجي لکيل لفظن کي ميڊيم راشدي جي ڪڍ ورجائي رهيو هو ۽ ٻاراوتڻ جي وقت کي ياد نه ڪري رهيو هو اهڙا تاثرات قدرتي طور تي مٿس تي لٿا به پئي، پراڻي چوڻي آهي ته ”ٻار ۽ ٻڍو هڪ ڳالهه آهن“ هي شخص سئو ورهين جي ڄمار ۾ هڪ ڏهن سالن جي ٻار جو ڏيک ڏئي رهيو هو. مختلف تقريرن جي وچ ۾ڪڏهن سخت سنجيده ٿي ٿي ويو ۽ سندس نظر عين اسان وچ ۾ ويٺل سندس پٽن ۽ مون تي پئجي رهي هئي. مون کي پڪ آهي ته هو اسان کي سڃاڻي رهيو هو ۽ خاص ڪري پنهنجي پٽ محبوب ۽ منور کي هن بنا اک ڇنب پئي ڏٺو ۽ هو انهن کي هڪ دک ۽ ڪاوڙ مليل نظر سان ڏسي رهيو هو. هن کي هنن ٽنهي پٽن جو هن سال مٿس وڌل ڪورٽ ۾ ڪيس ته سندس ڀاءُ مظفر علي کيس ”حبس بيجا“ ۾ رکي ويٺو آهي ۽ سندس علاج نٿو ڪرائي اهڙي الزام هيٺ سندس ذهني حالت جو سالم نه هجڻ جي شاهدي لاءِ کين ڪورٽ ۾ پاڻ پيش پوڻو پيو، جتي هڪ وڏوانگ نوجوانن جو موجود هو، سندن اخلاقي پوئواري لاءِ ڪورٽ کيس عام لوڪ اڳيان ان وقت ئي بري ڪري ڇڏيو هو، پر هتي هن جي اک پٽن مان نٿي نڪتي، مٿاڇرو کڻي، شايد کين منهنجو سندن پٽن سان گڏ ويهڻ ساڻن متفق هجڻ ٿي لڳو، جڏهن ته مظهر ۽ محسن ته سڃاڻيندي ڪندي به مون سان ڪو نه ڳالهايو، شايد انهن کي به ڳالهه نه وڻي، جڏهن ته پوري هال ۾ ويٺل ماڻهن به سندن ڪا آجيان نه ڪئي ۽ هو شرمسار به ٿيندا ٿي رهيا ۽ اچرج به ڪندا رهيا. مون کي آخري ڀيرو به پڪ ٿي ته چاچا ابراهيم سڄي دنيا سان مفاهمت Reconciliation وارو ورتاءُ رکيو دوست ۽ دشمن کي به گڏ ڪيائون، ويندي سنڌ جي مشهور غدارن کي به ڍاھ_ ٺاءُ(Deconstruction) فلسفي جهڙا تجزيا ڪري ڪري کين ادبي سياسي ۽ اخلاقي دنيا مان بري ۽ نروار ڪيائون، پر ذاتي رشتن ۽ زندگيءَ ۾ هو ڪڏهن به مفاهمت، پرچاءُ سرچاءُ نه ڪري سگهيا. چاچا ابراهيم سڀني لڳ لڳاپن کي سڄي زندگي پنهنجي اجتماعي مارڪسي نظريي تحت توريندا تڪيندا رهيا پر پنهنجي ذاتي زندگي ۾ وري شايد پوءِ ”ڏوجهيان متيان ڏيوي آپي متيان کوئي“ ٿي ويندو آهي. تصوف جي نقطه نگاهه کان قدرت پاران هڪ توازن قائم ٿيندو آهي جيئن ڪائي به ذاتمڪمل نه آھي ان ڪري مارڪسي اصولن جهڙوڪ مخالف ڌرين جي قانون law of unity of opposites ۽ نفي جي نفي negation of negation کي فلسفي هيگل جي بنيادي جدلياتي اصولن جي ويجهو ۽ ساڳيو سمجهندا آهن، پوءِ شعوري ڪي لاشعوري طور تي ۽ تصوف جو ايمرسن چواڻي ته اسرار پسند (صوفي لادين) هڪ دهرئي جو شريفاڻو نالو آهي Mysticism is the noblest name for Atheism. پاڻ هڪ صديءَ جي پورهيئي سنڌ ۽ فقط سنڌ جي ٻولي، ادب تاريخ، سياست تعليم، تربيت ستن پيڙهين جي ڪئي اٿن ۽ سا به بيحد ايمانداري ۽ ڏکن، ڏولاون سان ڄڻ رُکي سکي کائي جبل ٽڪيو اٿن پر سياڻا چوندا آهن ”رت تئي تي به تڙڪندو آهي“ ان ذاتي جيوت جي نشان کي هو مٽائڻ ۾ ڪامياب نه ويا. هنن ”وحشي جيوت جا نشان“ ترجمو ڪري انسان کي جسماني جبلتن ۽ نفسياتي جبلتن کان ڌار ڪري ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته ماڻهو کين دفاعي نظام defense mechanism سمجهن ۽ پنهنجي ذات جو تحفظ سکن ۽ اجاين مونجهارن کان آزاد ٿين. ڪِنِ، والدين جو اولاد سان رشتو دنيا جي وڏن ۽ عظيم سياستدانن ۽ دانشورن ۽ ليکڪن جو ڪجهه عجيب حيرتناڪ ۽ ڇرڪائيندڙ رهيو آهي جو پاڻ ته انسانيت، قومي بين الاقوامي طور تي عام ماڻهن لاءِ گهڻ گهرا ۽ گهور وڃڻ وارا رهيا پر ذاتي حيثيت ۾ سندن اولاد سان نفرت محبت وارو تعلق به هڪ وڏو الميو رهيو آهي. انجيل ۽ قرآن شريف ۾ حضرت يعقوب جي پٽن جو پنهنجي ڀاءُ يوسف کي کوهه ۾ ڦٽي ڪري اچڻ ۽ حضرت يعقوب جي روئي روئي نور وڃائڻ جو مثال ته هر عام اڻ پڙهيل مسلمان جي آڏو پري نه وڃو پر اسان جي قائداعظم محمد علي جناح صاحب جي ڌيءَ دنيا جو پيءُ کان پري رهڻ، علامه اقبال جي وڏو پٽ آفتاب جو پيءُ سان اختلاف جي بنياد تي عاق ٿيڻ، علامه مشرقي جي پٽن کي ملڪيت نه ملڻ مهاتما گانڌي جي پٽ جو پيءَ کي ڇڏي مسلمان ٿيڻ، ڪمال اتاترڪ جي ڌيءَ جو پيءُ کان الڳ رهڻ، آمريڪي اديب هيمگوي جو پٽ جي پيار لاءِ سڪي مرڻ، چين جي مائوزي تنگ جو پٽ کي سڃاڻن کان انڪار ڪرڻ ء۽ تازو ڏکڻ آفريڪا جي ھيرو تي زال جو ڪورٽ کيس ٿيڻ، وغيره. ته وري سنڌ جتي وڏن صوفي بزرگن قادر بخش ”بيدل“ ۽ سندس پٽ” بيڪس“ جي وري گڏ دفن ٿيڻ محبت ۽ سفقت جو وڏو مثال آهي. بدقسمتي سان اهڙا رويا تاريخ ۾ عام جام رهيا آهن ۽ خاص ڪري عوامي سياستدانن، دانشورن، ليکڪن، شاعرن ۽ ٻين کي نفسيات ۾ pathetic رحم جوڳا ۽ بي حس، گڏوگڏ هئڻ متضاد سمجهيو ويو آهي. جيئن شاهه جي سٽ آھي، ”پاڻيءَ مٿي، جهوپڙا مورک اڃ مرن“. ايڏي ڄمار ۾ جوئي صاحب جو اھڙو الميو تمام ڏکوئندڙ آھي پر دنيا جي تاريخ ۾ انصاف جي تقاضا جي پورائي لاءِ ائين ٿيو آهي تڏھن شايد چيو ويو آھي” الميو جڏھن چڱائي، چڱائيءَ کي کائي“. پاڻ حيات آھن ۽ مون کين ملندي چيو ته” چاچا توھان جي اولاد ۾ احساس توھانکي پنھنجو ڪرڻ جو آُھي، ملڪيت جو ناھي“. چاچي ابراهيم کي پنهنجي ڌيءَ نيلوفر سان تمام گهڻي محبت هئي ء سيرت، صورت ٻئي پئ سان ملندڙ اٿس، پر ابراهيم جويو صاحب شڪل صورت ۽ فلسفي طور تي هوبهو برطانوي نوبل انعام رکندڙ انسان پرست فلسفي ۽ ليکڪ برٽرنڊ رسل سان ملندڙ آهي، جنهن 99 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي پر جويو صاحب ڪڏهن به رسل جي پوئين عمر ۾ ڪاوڙ واري طبيعت جو قائل نه رهيو جيڪا رسل جلد دنيا مان جان ڇڏائڻ لاءَ ڪندو ھو . جويو صاحب ايم اين رائي هندستاني مارڪسٽ جو قائل رهيو ۽ سندس پارٽي ۾ شامل ٿيو هو. برصغير جي ڪميونسٽ پارٽي سان شايد ان ڪري متفق نه رهيو جو کين وٽ جمهوري پهلو جو خال هيو ۽ صوبائي ۽ مرڪزيت تي به اختلاف ٿي رکيو، ته وري سڀ کان اول” سنڌ بچايو، کنڊ بچايوSave Sindh, Save the Continent“ لکيو آزاديءَ کان اڳي جاگيردارن، وڏيرن ۽ سرمائيدارن کان جيڪي خاص ڪري ٻئن علائقن مان ٿي لڏي آيا سنڌ ۾ ورهاڱي کان اڳ جنھن جو اڃان پورو تصور به نه ھيو. هن فلسفي جو ابتدائي ڪورس توڙي مادي جدليات ترجما ڪيا آهن پر ان کان اڳ ۾ اسان مان گهڻن کي اها گهٽ خبر هوندي ته هو سنڌ ٿياسافيڪل سوسائٽي جو پوئين ڏهاڪي تائين وائيس پريزيڊنٽ به رهيو آهي ۽ اهڙو ذڪر سوسائٽي جي ڪتابڙن ۾ پڻ آهي. اهڙي سوسائٽي ۾ هو جي ايم سنڌ سان گڏ شروعات ۾ شامل ٿيو هئو، هن 20 صدي جي شروعات ۾ جڏهن کيس ايني بسنت ۽ سندس مڙس ڪرنل الڪوٽ، ۽ ٻين قائم ڪيو، ايني بسنت انڊيا ۾ ڪانگريس پارٽيءَ جي باني هئي ۽ ڪرنل الڪوٽ مهاتما ٻڌ جو نئون جنم مشهور فلسفي ڪرشنا مورتيءَ ۾ ڳولهي لڌو هو ۽ ابراهيم جوئي شايد سنڌ کي بچائڻ ۽ اڏڻ جو طئه ڪيو هو.