عيد جي خوشي خادم گھراڻو احسن پنهنجي پيءُ جو اڪيلو پٽ هو جنهن کي سڀ گھر وارا هن سان تمام گھڻو پيار ڪندا هئا . هيءُ پنهنجي مائٽن جو دادلو پٽ هو . دادلي هئڻ جي باوجود هي اخلاق ۽ ڪردار پنهنجو مٽ پاڻ هو .جنهن ڪري گھر وارن سان گڏ پاڙي وارا به هن کي گھڻو ڀائيندا هئا . اهوئي هن جو عمل اسڪول ۾ هوندو هو جنهن کي استاد به هن سان محبت ڪندا هئا . هي روز پنهنجي پيءُ سان گڏ نماز پڙهڻ ويندو هو . هن رمضان جا روزا به رکڻ شروع ڪيا هئا هئا . هڪ ڏينهن هيءُ جمعي جي نماز پڙهي اچي رهيو هو ته هن هڪ ڪچي گھر مان ٻارن جي روئڻ جو آواز ٻڌو . جيڪي ٻار روئي رهيا هئا ۽ پنهنجي ماءُ کي چئي رهيا هئا ته امان عيد اچڻ واري آهي اسان کي ڪپڙا ۽ جتيون وٺي ڏيو . ماءُ هنن کي ڪوڙو دلاسو ڏيئي رهي هئي ته اوهان جو بابو اچي ته اهو پئسا آڻي ته توهان کي وٺي ڏيان . جنهن تي هڪ ٻار جيڪو هنن سڀني وڏو هو ان چيو ته امان ماڻهو چون ٿا ته توهان جو پيءُ تمام پري ڪمائڻ ويو آهي جتان اچڻ مشڪل آهي . جنهن تي هنن جي ماءُ چيو ته پٽ ائين نه چئو .هن جي ماءُ جي روئڻ جو آواز به احسن جي ڪنن تي پيو .احسن ڏکارو ٿي ويو . هن ٿورو کليل در مان ڏٺو ته هنن جي ماءُ روئي رهي هئي ٻارن کي پورا انگ تي ڪپڙا به نه هئا . احسن اتان سڌو گھر آيو هن جي پيءُ هن کي چيو ته پٽ دير ڪري ڇڏي .جنهن تي احسن چيو ته بابا هڪ جڳهه تي بيهي رهيو هوس . هن جي جواب ۾ اداسي هئي ۽ هن جي اکين مان ڙڪ وهي رهيا هئا . جڏهن پٽ کي اداس ڏٺو ته هن کي پيار شفقت سان ڀاڪرن ۾ بري چيو ته پٽ ڇا ڳالهه آهي . تون اداس ڇو آهين تنهنجي اکين ۾ لڙڪ ڇو آهن ڪنهن منهنجي بابا کي ماريو آهي ڇا ؟ جنهن تي احسن چيو ته نه مون کي ڪنهن نه ماريو آهي . هن وري پنهنجي پيءُ کان سوال ڪيو بابا روزن کان پوءِ جيڪا عيد ايندي آهي ان جو نالو عيدالفطر آهي . ان جو مقصد ٻڌايو . جنهن تي هن جي پيءُ چيو ته پٽ سڄو مهينو ماڻهو روزا رکندا آهن روزن کان پوءِ شڪراني طور عيد ملهائيندا آهن . هن ۾ فطرو ڏبو آهي . اهو انهن کي ڏبو آهي جيڪي هن جا حقدار هوندا آهن مسڪين ريب يتيم بي وس ماڻهو . جيئن اهي به اسان سڀني سان گڏ عيد ملهائي سگھن . جيئن انهن کي ڏک نه ٿئي ته اسان عيد نٿا ملهائي سگھون . ان تي احسن پنهنجي پيءُ کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي . جڏهن هن جي پيءُ پٽ جي ڳالهه ٻڌي ته خوشين جا لھڪ اکين ۾ تري آيس ته منهنجي پٽ کي ٻين جو ڪيترو نه احساس آهي .هن پنهنجي پٽ کي ڀاڪر پائيندي چيو ته پٽ رب پاڪ توکي ڪامياب ڪري . جيڪي پنهنجي لاءِ نه ٻين جي لاءِ جيئن ٿا انهن جي لاءِ سوچين ٿا انهن جي مدد ڪن ٿا اهي سهڻا ماڻهو آهن تون منهنجو سهڻو پٽ گلن کان به سهڻو آهين . تون اداس نه ٿي پاڻ انهن کي ائين نه ڇڏينداسين . احسن جي پيءُ کي خبر هئي ته انهن ٻارن جو پيءُ گذاري ويو هو ماءُ محنت مزوري ڪري انهن جو پيٽ پالي رهي هئي . احسن وري پنهنجي پيءُ کي چيو ته بابا عيد ۾ باقي ٻه ٽي ڏينهن آهن . ڪيئن هنن کي ڪپڙا ۽ جتيون ملنديون . جنهن تي هن چيو ته اڄ ئي ٿا هلون هلي ٿا وٺون . جڏهن شام ٿي ته احسن پنهنجي پيءُ کي چيو ته بابا هلو ته بازار هلون . جنهن تي هن جي پيءُ چيو ته هلو ته هلون . احسن پنهنجي پيءُ سان گڏ بازار ويو هن جي پيءُ کي ٻارن جي عمرين ۽ قد جي ڄاڻ هئي ڇاڪاڻ ته اهي به ان ئي پاڙي جا هئا . هنن ٻارن جي لاءِ ڪپڙا جتيون ورتيون سڌو انهن جي گھر آيا در تي سڏ ڪري ٻارن جي ماءُ کي ڏيندي چيو ته امڙ هيءُ ٻارن جي لاءِ عيد جا ڪپڙا ۽ جتيون ۽ ٻارن جي خرچي . اداس جي ور چڙهيل ماءُ اهي ورتا هن جي چهري تي هلڪي خوشي آئي ته منهنجا ٻار به هاڻي عيد تي ڪپڙا پهريندا . اتي احسن وري پنهنجي پيءُ کي چيو ته پاڻ کي فطرو به ڏيڻو آهي اهو به هنن کي ڏيو ته اهي به عيد تي پاڻ وانگر مٺا طعام تيار ڪري وٺن . جنهن تي احسن جي پيءُ پنهنجي پٽ کي ڳل تي هٿ لاهيندي چيو ته ها پٽ . هنن انهن کي فطري جي رقم ڏني . هاڻي احسن جي منهن تي مرڪ هئي . جڏهن عيد جو ڏينهن آيو ته احسن پنهنجي پيءُ سان گڏ عيد نماز پڙهڻ ويو عيد نماز کان پوءِ هن کي ڪجھه رانديڪا وٺڻا هئا هن پنهنجي پيءُ کي رانديڪن جي لاءِ چيو هن جي پيءُ ها وٺون ٿا هن جو پيءُ هن کي دوڪان طرف وٺي هلڻ لڳو اوچتو احسن جي نظر انهن ئي ٻارن تي پيئي جيڪي هڪ رانديڪي واري دوڪان وٽ بيٺا هئا دوڪان وارو انهن کي ڇڙٻيون ڏيئي رهيو هو . احسن پنهنجي پيءُ کي چيو ته هن پاسي دوڪان تي هلون ٿا هي پنهنجي پيءُ کي انهيءَ دوڪان تي وٺي آيو جتي اهي ٻار بيٺا هئا هن مختلف رانديڪا ٻارن جي حساب ورتا جڏهن جي پيءُ دوڪان واري کي پيسا ڏنا ته پوءِ هن اهي سڀ رانديڪا انهن ٻارن کي ورهائي ڏنا هن جو پيءُ هن کي ڏسندو رهيو . جڏهن ٻار خوش ٿي وڃڻ لڳا ته هن پنهنجي پيءُ کي چيو ته هلو .جنهن تي هن جي پيءُ چيو ته پٽ تو رانديڪا ته هنن کي ڏئي ڇڏيا جنهن تي احسن چيو ته بابا مون وٽ رانديڪا جام آهن . اسان جو استاد چوندو آهي ته اصل خوشي اصل عيد اها آهي جيڪا ٻيا به خوش ٿي ملهائين . جنهن تي هن پنهنجي پٽ کي چيو ته بيشڪ عيد جي خوشي تڏهن سهڻي لڳندي آهي جڏهن ٻيا به خوشي سان عيد ملهائين . ائين هيءُ خوش ٿيندا پنهنجي گھر ڏانهن واپس ورڻ لڳا .