مرد ويچارو.. وڃي ته ڪاڏي وڃي.. جي عورت تي هٿ کڻي مار ڏئي ته ظالم.. . ۽ جي عورت کان مار کائي ته بزدل عورت کي ٻئي سان ڏسي روڪي ته ساڙوٽو ۽ جي چپ رهي ته بي غيرت گهر کان ٻاهر رهي ته رولاڪ ۽ گهر ۾ رهي ته واندو۔۔ ٻارن کي دٻائي ته ظالم ۽ نه دٻائي ته لاپرواهه گهرواريءَ کي نوڪريءَ کان روڪي ته دقيانوس ۽ نه روڪي ته مائيءَ جي ڪمائي کائڻ وارو گهٽ ڳالهائي ته تڪبر وارو ۽ جي گهڻو ڳالهائي ته وري پوءِ فلرٽ مرد ويچارو وڃي ته ڪاڏي وڃي
جواب: مرد ويچارو وڃي ته ڪاڏي وڃي۔۔ ادا مست صاحب اهيا حقيقت آهي، ڪجي ته ڇا ڪجي، بقول سچل سائين ته ڪڇان ته ڪافر ، ماٺ ڪيان ته مشرڪ
جواب: مرد ويچارو وڃي ته ڪاڏي وڃي۔۔ بلڪل ادا توهان جون اهي ڳالهيون حقيقت تي مشتمل آهن پر توهان ڏٺو هوندو ته پو۽ به عورتن جي حقن واريون تنظيمون اڄا ٿيون چون ته عورتن کي پنهنجا حق ڏنا وڃن سدائين گڏ
جواب: مرد ويچارو وڃي ته ڪاڏي وڃي۔۔ ابو ڙي ابو، مرد ويچارا ظلم ۾ اٿئي ۔۔۔ اها خبر پوندي آهي جڏهن شادي ٿيندي آهي، پر شادي کان اڳ ۾ ته مرد ، مائي جي پويان اڳيان ائين پيا ڦرندا آهن جيئن ڪبوتر ڦري ڪبوتري لئه ۔۔۔ ۽ جڏهن شادي ٿيڻ کانپو مائي جا مزا ختم ته آزار آزار ۽ آزار ۔۔۔ ابو مرد ويچارو ۔۔۔۔
جواب: مرد ويچارو وڃي ته ڪاڏي وڃي۔۔ شاگرد رام رکيا، آخر اهو مونسان ڇو ٿي رهيو آهي؟ ير مسين مسين فقير وحيد ڦلپوٽو واري ڳالهه جيڪو پاڻ ڏانهن سمجهي ۾ اهو ٿابت ڪيو اٿم ته اهو عقل کان عاري شخص مان آهيان، هي وري جيڪي ڳالهيون تون هتي ڏنيون آهن قسم سان سورهان آنا مون تي ٺهڪي اچن ٿيون الا ! مان مرد صرف نالي جو مرد وڃان ته ڪاڏي وڃان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ٻيلي ڪچي ڇو پيو ڪرين ، ڪنهنجي ڍَڪِي ڀلي آهي۔۔۔۔۔ مُڙس ٿي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: مرد ويچارو وڃي ته ڪاڏي وڃي۔۔ ابا استاد سائين! اهي مست جا ڪم اٿوَ۔ مست لڳي ٿو مستي ۾آهي۔ ابا مست ير رحم ڪر اٻوجهن تي۔۔۔۔ سائين توهان ڳڻتي نه ڪريو۔۔۔۔۔۔ اٻوجهن جو الله آهي۔۔۔۔
جواب: مرد ويچارو وڃي ته ڪاڏي وڃي۔۔ ابا رنجيت بابا مستن کان ڊپ ٿيندو آهي هڻن نه ڪو پٿر يا ڪا پڪي سِرَ وهائن نه رت، ان ڪري تون منهنجو شاگرد آهين پنهنجو سمجهي پيو توسان حال اوريان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بهرحال تنهنجي انهي ڳالهه ته اٻوجهن جو الله آهي ٻُڌي مڙئي هنيانءُ کي ڇنڊو لڳو۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: مرد ويچارو وڃي ته ڪاڏي وڃي۔۔ ادا مست جا ڪم اهي ئي آهن۔۔۔ مست وري مردن جي حقن جي تنظيم جو بنياد ٿو وجهي :-b
جواب: مرد ويچارو وڃي ته ڪاڏي وڃي۔۔ سائين مستَ غريب ڪڏهن ڪڏهن ته سچ لکن ٿا انهيءَ۾ به اوهان کي ڊپ ٿو لڳي۔۔
جواب: مرد ويچارو وڃي ته ڪاڏي وڃي۔۔ ادا مست اوهان جي ان ٿريڊ مان اسان کي ڄامشوري جي گرمي جو اندازولڳي رهيو آهي ته اتي ڪيتري گرمي آهي )=))=))=))
جواب: مرد ويچارو وڃي ته ڪاڏي وڃي۔۔ سائين جهونيءَ ۽ مستياڻيءَ ۾ فرق هوندو آهي۔۔۔ جهوني سان گڏ جهوني وارو وڄائي وئي۔۔ هاڻي مست اچي مستياڻي مان هٿيڪو ٿيو آهي۔۔