زيب سنڌي انسانيت جو سڃاڻپ ڪارڊ ڪڏهن ٺهندو؟

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 جولائي 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    دل جي ڳالهه
    انسانيت جو سڃاڻپ ڪارڊ ڪڏهن ٺهندو؟
    زيب سنڌي

    ” ڳڀرو نوجوان جو لاش گهر پهتو ته پوڙهي پيءُ کان دانهن نڪري وئي. پيءُ پنهنجي هٿ سان هڪڙو ڌَڪُ پنهنجي مٿي تي هنيو، سندس اکين مان ٻه لُڙڪَ لَڙيا ۽ پوءِ هو ڪنهن اونهي سوچ ۾ گم ٿي ويو.
    نوجوان جي لاش ڀرسان ويٺل سندس ڇهه ڀينرون پنهنجي پنهنجي وات تي هٿ رکي گونگا ڳوڙها ڳاڙي رهيون هيون. ڄڻ سندن نِڙين تي نَنهُن ڏنل هجي، جو پيءُ ۽ ڀائرن جو حڪم هيو ته عورت جو آواز گَهرَ کان ٻاهر نه وڃڻ گُهرجي.
    قتل ٿيل نوجوان جا ٽي ڀائر گهر پهتا. ڀاءُ جو لاش ڏسي فيصلو ڪيائون ته لاش دفنائڻ کان اڳ ۾ پلاند ڪبو. ٽنهي ڀائرن هٿيارن ۾ هَٿَ وڌا ته سندن پوڙهو پيءُ سمجهاڻيءَ خاطر اچي سندن اڳيان بيٺو، ”اڙي تڪڙ نه ڪيو. تڪڙ ڪندئو ته ڪنهن فيصلي يا جرڳي ۾ ڏنڊ ڏوهه به اسان تي ئي پوندو. هُنن توهان جي ڀاءُ تي ڪارنهن جو الزام هڻي پنهنجي ڇوري به ماري آهي. اسان جي گَهرَ ۾ به ڇورين جي کوٽِ ته ناهي!“
    ڇهن ئي ڀينرن دهشت مان ڇرڪي، مئل ڀاءُ تان نظرون هٽائي جيئرن ڀائرن ۽ پيءُ طرف نهاريو، جيڪي ڪاسائين جيان هنن ڏانهن ڏسي رهيا هئا!“
    ”ڪاسائي“ عنوان واري اها ننڍڙي ڪهاڻي هن فقير ڏيڍسال اڳ لکي هئي. اها فقط ڪا تخيلاتي ڪهاڻي ناهي پر انهيءَ ڪهاڻيءَ جي پٺيان، جيڪب آباد ضلعي ۾ پيش آيل هڪ حقيقي واقعو آهي، جيڪو مون کي نامياري شاعر انور پيرزادي (مرحوم) چاليهارو سال اڳ ٻڌايو هو. چاليهه سال گذرڻ جي باوجود اسان وٽ اڄ به نياڻين سان اهو ئي ڪاساين وارو رويو برقرار آهي، پر چاليهه سال ڇا، ڪڏهن ڪڏهن ته نياڻين سان ٿيندڙ ظلمن جون اهڙيون خبرون به نظر مان گذرن ٿيون، جيڪي پڙهي چوڏهن سئو سالن کان وڌيڪ اڳ وارو اهو جاهليت جو زمانو تصور ۾ اچي ويندو آهي، جڏهن عربستان جا ڪي جاهل قبيلا معصوم نياڻين کي زندهه دفن ڪري ڇڏيندا هئا. سنڌ ۾ ڪيترن هنڌن تي موجود قبيلائي نظام ۽ جرڳائي ڀوتارن جا فيصلا ڪنهن به صورت ۾ جهالت واري دور کان گهٽ محسوس ناهن ٿيندا. سنڌ ۾ اڄ به خصيص ذاتي مفاد ماڻڻ لاءِ به نياڻين ۽ عورتن کي ڪارنهن جون ڪوڙيون تهمتون هڻي وڍيو، ڪُٺو ۽ ماريو وڃي ٿو ۽ ڪمزور ڪيسن توڙي جرڳائي ڀوتارن جي فيصلن سبب قاتل آزاد ٿي، هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي خاندان جي ٻين عورتن لاءِ خطرو بڻجي وڃي ٿو.
    ڪجهه سال اڳ مون هڪ ٽي وي چينل تي هڪ قاتل جو انٽرويو ڪيو هو. اهو قاتل ته غيرت جي نالي ۾ پنهنجي زال جو قتل ڪرڻ کان پوءِ جنم ٽيپ به ڪاٽي آيو هو. مون کائنس پڇيو هو، ”پچتاءُ اٿئي؟“
    وراڻيو هئائين، ”ها، بلڪل پڇتاءُ آهي.“
    پچيو هومانس، ”الله کان ڊڄين ٿو؟“
    چيو هئائين، ”ها، ڏاڍو خوف ٿو محسوس ٿئي.“
    پچيو هومانس، ”جيڪڏهن هڪ دفعو وري ڪا اڳي جهڙي صورتحال پيش اچي ته پوءِ ڇا ڪندين؟“
    ستر سالن کان وڌيڪ عمر واري انهيءَ جهوني شخص هڪدم وراڻيو هو، ”دير ئي نه ڪبي رن مارڻ ۾، جو غيرت جو معاملو آهي!“
    سندس جواب ٻڌي مان انتهائي حيرت ۽ افسوس سان ڏانهس ڏسندو رهيو هئس. ڪئمرا آن هئي پر مون کان سوال ڪرڻ ئي وسري ويو هو. انهيءَ قاتل جو انٽرويو ڪرڻ کان پوءِ جڏهن رڪارڊنگ ختم ٿي وئي هئي تڏهن به مان ڪيتري دير تائين سيٽ تي ويٺو رهيو هئس، سوچيندو رهيو هئس ته اسين نظرياتي طور تي ته مسلمان آهيون، پر عملي طور تي ڪيترا مسلمان آهيون!
    حقيقت اها آهي ته Honour killing جي نالي ۾ ته لنڊن ۽ واشنگٽن ۾ به ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن عورت جو خون ٿئي ٿو، پر اهو تناسب سنڌ جي ڀيٽ ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر به ناهي، جڏهن ته اسان وٽ ته ذري گهٽ سڄو اٽو ئي لوڻ ٿيو پيو آهي! اسان جي ملڪ جي باقي ٽن صوبن ۾ به ٿوري گهڻي فرق سان ساڳئي حالت آهي ۽ هر هنڌ اهڙا ڪاسائي موجود آهن، جن جي ڪاتي فقط ڪمزور عورت جي ڪنڌ تي ئي هلي ٿي. 30 جون جي ڪاوش ۾ ٿي سگهي ٿو ته اها لڱ ڪانڊاريندڙ خبر توهان جي نظر مان به گذري هجي ته لاهور ۾ گـَهرو جهيڙي تان هڪ شخص پنهنجي زال تي نانگ ڇڏي ڏنو. نانگ جي ڏنگ سبب ويهن سالن جي عورت فوت ٿي وئي. سندن شاديءَ کي فقط اَٺ مهينا گذريا هئا ۽ مڙس ٻه ڏينهن اڳ نانگ خريد ڪيو هو! انهيءَ کان اڳ ڪڏهن اسان اهڙيون خبرون به پڙهي چڪا آهيون ته سنڌ ۾ ڪنهن ”مڙس ماڻهوءَ“ ڪنهن عورت تي ڪتا به بڇيا!
    سنڌ سميت اسان جي سڄي ملڪ ۾ عورتن جي حقن تي سيمينارن ۽ ورڪشاپس ۾ ڊگهيون تقريرون ڪندڙ ۽ فوٽو سيشنس جا شوقين تي بيشمار آهن، پر حقيقي معني ۾ عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪندڙ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا به مس ملندا. ساڳئي حالت اسان وٽ اين جي اوز جي به آهي، جن جي اڪثريت به فقط ڳالهيون ئي ڪري ٿي ۽ اهي اين جي اوز عورتن جي حقن جو وکر وڪڻڻ جو واپار ئي ڪن ٿيون! ٻئي طرف عورتون نه فقط جسماني پر ذهني اذيتون به ڀوڳينديون رهن ٿيون. ويهن سالن جي عمر واري منهنجي هڪ شاگردياڻيءَ ٻڌايو هو تـ سندس پيءُ ٻي شادي ڪري ڇڏي هئي، هن پندرهن سالن کان پنهنجي پيءُ کي ناهي ڏٺو ۽ هاڻي ته هن کان پنهنجي پيءُ جو چهرو بـ وسري ويو آهي... ۽ پوءِ هن جون اکيون آليون ٿي ويون هيون. ٿڌو ساهـ کڻي چيو هئائين،”جن جا پيئر مري ويندا آهن انهن وٽ قبر تـ هوندي آهي، مون وٽ تـ قبر بـ ناهي!“ اهو جملو چوندي سندس چَپَ ڪنبڻ لڳا هئا ۽ سندس اکين مان موتين جهڙا به لڙڪ ٽِمي پيا هئا. پنهنجي درد جي اظهار لاءِ جڏهن هن شاعريءَ ۾ پناهه ڳولي لڌي هئي ۽ سندس ڪجهه نظم ڇپيا هئا ته سندس مائٽ هن تي ڏمرجي پيا. کيس وڌيڪ ذهني اذيتون برداشت ڪرڻيون پيون ۽ هن کي لکڻ کان سختيءَ سان روڪيو ويو. مائٽن جي مرضيءَ اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ کان سواءِ هن وٽ ٻيو ڪو به رستو نه هو. انهيءَ ڇوڪريءَ جا نظم ۽ ڪهاڻيون فرضي نالي سان ته اڃا به ڇپجن ٿيون، پر هن کي پنهنجي ادبي سڃاڻپ تان هٿ کڻڻو پيو.
    عورتن تي وڌندڙ تشدد جي حوالي سان، سينيٽ ۾ انساني حقن بابت اسٽِنڊنگ ڪاميٽيءَ ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته ”غيرت جي نالي تي قتل جي ڪيسن ۾ معافيءَ جو سلسلو ختم ڪيو وڃي.“ جيڪر اهو مطالبو ڪنهن قانون جو درجو حاصل ڪري ۽ ڪارنهن جي ڪاروبار کي ٻنجو اچي سگهي. هتي وري اهو سوال ٿو ذهن ۾ ڪَرَ کڻي ته ڇا قانون ٺهڻ سان اذيتن ۽ ڪارنهن جو ڪاروبار بند ٿي ويندو؟ ڇو ته اسان جي ملڪ ۾ قانون کان وڌيڪ لاقانونيت جو راڄ آهي، ان ڪري قانون ٺاهڻ سان گڏ انهيءَ قانون تي سختيءَ سان عمل ڪرائڻ جو بندوبست به ٿيڻ گهرجي. اهڙو قانون، جيڪو عورت کي انسان هئڻ جو سڃاڻپ ڪارڊ ڏئي سگهي.

    روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
    zaibsindhi@hotmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو