حافظ نظاماڻي ڦِريا به ناهيون، ڦُريا به ناهيون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
حافظ نظاماڻي

ڦِريا به ناهيون، ڦُريا به ناهيون
اڃان ڪنهن اگھ ۾ گُھريا به ناهيون

ڪڏهن نه وڪجڻ وڏي آ قيمت
انهي کان مُلھ ٻيو مٿي ئي ڪونهي
گهڻا ويا وڪجي گهڻا ويا لِکجي
اسان اڃان تائين تُريا به ناهيون

اسان جو ماضي اوهان جي اڳيان
اسان جو حال به اوهان جي سامهون
جِتي اوهان آ بيهاري ڇڏيو
چَڪاسي ڏس اُتان چُريا به ناهيون

اسان جو پورهيو اوهان تان گهوريو
اوهان جو گُهورڻ اسان لاء گنج آ
مگر اوهان جي هينئين تي ً حافظ ً
الاءِ اڃان ڇو هُريا به ناهيون.​
 
Back
Top